ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ پاڻي جو بحران ڇو ختم نٿو ٿئي!!

هن وقت سنڌ ۾ پيئڻ ۽ زرعي پوکائي لا پاڻي جو بحران وڌي ويو آهي. گڊو، سکر بئراج ۽ ڪوٽڙي بئراج تي 60 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ ٻڌائي وئي آهي. بدين، ٺٽو، ميرپورخاص، ٽنڊو الهيار ضلعي جي پوڇڙي وارن علائقن ۾ وري 100 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ برقرار آهي. اپريل کان شروع ٿيل پاڻي جي کوٽ ختم ٿيڻ جو نالو به نٿي وٺي، مڇريل ماڻهن پاڻي جي کوٽ خلاف ڊائريڪٽر نارا ڪئنال منصور ميمڻ تي حملو به ڪيو آهي. حملي کانپو ڪيس داخل ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي گهرو کاتي پاڻي جي چوري روڪڻ لاءِ نارا ڪئنال جي شاخن تي رينجرز کي مقرر ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. ڊائريڪٽر نارا ڪئنال جي درخواست تي رينجرز مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سنڌ جي گهرو کاتي ڊي جي رينجرز کي ليٽر اماڻي ڇڏيو آهي. آبپاشي عملدارن نارا ڪئنال جي علائقي خاص ڪري جمڙائو، مٺڙائو ۽ ٿر ڊويزن ۾ زبردستي پاڻي جي چوري جي واقعن جا اطلاع ڏنا آهن. لاڳاپيل عملدارن ۽ آبپاشي کاتي ۽ ان سان لاڳاپيل آفيسن جي عملي کي ڌمڪيون ڏيڻ ۽ حراسان ڪرڻ جا ڪيس پڻ رپورٽ ڪيا ويا آهن. مانيٽرنگ ٽيم تي حملي جو واقعو به ڄاڻايل خط ۾ تفصيلي بيان ڪيو ويو آهي. رينجرز کي علائقي ۾ امن امان برقرار رکڻ ۾ مقامي پوليس ۽ سول انتظاميا کي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويندو، آئون ته چوان ٿو ته نارا ڪئنال وانگر روهڙي ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪئنالن، واهن ۽ شاخن تي جي منڍ وارن آبادگارن کي سوگهو ڪرڻ لا رينجرز مقرر ڪئي وڃي.
جيتوڻيڪ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري کي بدين ۾ قاضيا واهه ۾ پاڻي جي کوٽ ته نظر اچي ٿي پر بدين جي ٻين واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ جي ڳڻتي ناهي. سنڌ ۾ گڊو ڊائون، سکر بئراج ڪوٽڙي بئراج تي 60 سيڪڙو کوٽ برقرار آهي. سنڌ ارسا کان 80 هزار ڪيوسڪ پاڻي جي گهر ڪئي آهي. جنهن ۾ هن وقت تائين 32 هزار ڪيوسڪ ڏنو پيو وڃي. سنڌ کي زرعي پوکائي ۽ پيئڻ لا پاڻي نه مليو آهي. جڏهن ته هن وقت گرمي پڌ وڌڻ سان تربيلا کان سنڌو دريا ۾ پاڻي اچڻ شروع ٿي ويو آهي. چشما لنڪ ڪئنال تي 50 هزار کان مٿي پاڻي اسٽوريج ڪيو پيو وڃي. آبپاشي کاتي جي ماهر موني ٻڌايو ته چشما لنڪ تي روزانو 7 هزار ڪيوسڪ پاڻي جمع ڪيو پيو وڃي، اهو پاڻي سنڌ ۾ ڇڏيو وڃي ته گڊو، سکر بئراج کي گهربل پاڻي ملي ويندو. هن وقت پاڻي جي سخت کوٽ موجود آهي. پاڻي نه هجڻ جي ڪري سکر، نارا ۽ ڪوٽڙي بئراج تي وونئنڻ جي پوکائي نه ٿي سگهي آهي. گڊو ڊائون ۾ 32 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. جتي گهرج 80 هزار ڪيوسڪ جي آهي. اهڙي ريت روهڙي ۽ نارا ڪئنال تي ساڍا 9 هزار ڪيوسڪ ۽ ڪوٽڙي بئراج تي 5 هزار 2 سئو ڪيوسڪ پاڻي جي الوڪيشن رڪارڊ ڪئي وئي آهي. جيڪو پاڻي تمام گهٽ آهي. جتي 13 کان 14 هزار ڪيوسڪ پاڻي هجڻ گهرجي. جتي پاڻي جي ڊزائن 16 هزار ڪيوسڪ تائين ڪيل آهي.
ڪوٽڙي بئراج جي چيف انجنيئر حاجي خان جمالي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سنڌ ۾ پاڻي جي 60 سيڪڙو کوٽ موجود آهي. اسان کي سنڌ جي بئراجن لا 80 هزار ڪيوسڪ پاڻي گهرجي. جيڪو نه پيو ملي. هن چيو ته ڦٽي جي سيزن نڪري وئي آهي. هاڻ مئي ۾ سارين جي پوکائي لا به پاڻي ناهي. کوٽ برقرار رهي ته پوکائي متاثر ٿيندي. هن ٻڌايو ته ڪوٽڙي تي ساڍا 5 هزار ڪيوسڪ مان ڪراچي کي 13 سئو ڪيوسڪ پاڻي پيئڻ لا ڏيون پيا، لطيف آباد پمپ لا سنڌو درياهه ۾ روزانو اڍائي سئو پاڻي ڇڏيو ويندو آهي. 15 سئو ڪيوسڪ نيو ڦليلي، 900 ڪيوسڪ پنڃاري ۽ 15 سئو ڪيوسڪ ڪي بي فيڊر ۽ اڪرم واهه کي ڏنو ويندو آهي. هن چيو ته گڊو لا چشما لنڪ کان پاڻي ڇڏيو ويو آهي. جنهن پاڻي کي بئراجن ۾ پهچڻ لا 15 ڏينهن لڳي ويندا. عام حالتن ۾ 13 هزار ڪيوسڪ پاڻي گهربل هوندو آهي. پاڻي چشما لنڪ تي جمع نه ڪيو وڃي ته هتي پاڻي جلدي پهچي ويندو ۽ پاڻي جي کوٽ ختم ٿي ويندي. جڏهن ته مئي مهيني ۾ سکر بئراج جي رائيٽ تي ۽ ڪوٽڙي بئراج تي سارين جي پوکائي ٿيندي آهي. هن وڌيڪ چيو ته لطيف آباد وٽ سنڌو دريا ۾ پاڻي ڇڏڻ لا جيڪي 250 ڪيوسڪ ڏيندا آهيون، ان لا ڪمشنر حيدرآباد کي لکيو آهي ته ان پاڻي لا متبادل ڳوليو وڃي. جيئن اهو پاڻي اسان ڪئنالن ۾ ماڻهن کي پوکائي لا ڏئي سگهون، حيدرآباد کي ڦليلي ۽ پنڃاري مان پاڻي پيئڻ لا ڏنو ويندو آهي. هن وقت پاڻي رڳو پيئڻ لا بچيو آهي، پوکائي لا ناهي.
ساڳئي وقت جتي بئراجن ۾ پاڻي جي کوٽ آهي، اتي وري ٺٽي ۽ بدين ضلعي اندر پاڻي جي شديد کوٽ، آبپاشي کاتي جي انتظامي نااھلي ۽ پاڻي جي غيرمنصفاڻي ورڇ خلاف آبادگارن، پورھيتن، سياسي، سماجي ڌرين جي اڳواڻيءِ ۾ ھزارين ماڻھو رستن تي نڪتل آهن. ٺٽي ۾ حيدرآباد-ٺٽو قومي شاھراهھ تي ڌرڻو پڻ هنيو ويو، ڪراچي کان ڪينجھر ڍنڍ ايندڙ سياحن جي گاڏين جون قطارون لڳي ويون، ٻه ڪلاڪن تائين ٽريفڪ معطل رھي، سنڌ جي وڏي وزير جي خاص مددگار رياض شاھه شيرازي ڌرڻي ۾ پھچي ڳالھيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو، سنڌ جي وڏي وزير احتجاجي ڌرڻي بعد ٺٽي ۾ پاڻي جو شديد کوٽ جو نوٽيس ورتو، پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ لا 15 رڪني ڪميٽي پڻ جوڙي وئي آهي. جڏهن ته حيدرآباد جي قاسم آباد سان واسطو رکندڙ آبپاشي کاتي جي وزير ڄام خان شوري سنڌ صوبي ۾ شديد پاڻي بحران تي پنهنجي اخباري بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ صوبي کي هن وقت شديد پاڻي جي بحران کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ سنڌ کي ٿري ٽيئر فارمولي جي ڪري پنهنجي حصي جو گهٽ پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته پاڻي معاهدي 1991 تحت اپريل ۾ سنڌ کي خريف سيزن جي لاءِ 2 ڏهائي 408 ايم اي ايف پاڻي فراهم ڪرڻو آهي پر 1 ڏهائي 388 ايم اي ايف پاڻي ڏنو ويو آهي. صوبائي وزير ڄام خان شوري جو چوڻ هو ته پنجاب صوبي کي حصي جو پاڻي 4 ڏهائي 116 بڻجي ٿو ۽ هن کي ڪل 2 ڏهائي 719 ايم اي ايف پاڻي فراهم ڪيو ويو ۽ ارسا موجب صوبن کي هن وقت منفي 36 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ان حساب سان سنڌ صوبي کي 1 ڏهائي 542 ايم اي ايف پاڻي مهيا ڪرڻو آهي پر ارسا 1 ڏهائي 388 ايم اي ايف پاڻي ڏئي رهيو آهي.
سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، وفاقي حڪومت ان معاملي جو نوٽيس وٺي. صوبي ۾ آبپاشي سان گڏوگڏ پيئڻ جي پاڻي جي به شديد کوٽ آهي. سنڌ جو ملڪ جي زرعي معيشت ۾ اهم ڪردار آهي. ملڪ جي معيشت کي پهريان ئي چيلينجز کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، وڌيڪ مشڪلات جو شڪار ٿي ويندي. پاڻي جي کوٽ سان زرعي پيداوار ۽ فروٽ جا باغ متاثر ٿي رهيا آهن. هن چيو ته هاري ۽ آبادگار پريشان آهن، فصلن تي لاڳت جا خرچ به وصول نه ٿا ٿين. سنڌ حڪومت جي احتجاج کانپو سنڌ ۾ 60 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ ختم ڪئي وڃي ته پو پوڇڙي جي علائقن ۾ به پاڻي جي کوٽ مڪمل طور ختم ڪئي وڃي. پوڇڙي جي آبادگارن ۽ هارين جو پاڻي ارسا يا چشما لنڪ ڪئنال نه پر روهڙي، نصير ڪئنال ۽ ڪوٽڙي بئراج جي شاخن تي ويٺل منڊ جا آبادگار چوري ڪن ٿا. هنن خلاف ڪارروائي هن وقت ضروري آهي. پاڻي ئي زندگي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button