شوبز

انوشي اشرف بشرا بيبي سان ملاقات جي خواهشمند

پاڪستاني اداڪارا انوشي اشرف بشرا بيبي سان ملاقات جي خواهش جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق انوشي اشرف پاڪستان جي اڳوڻي خاتون اول بشرا بيبي تي ٿيندڙ تنقيد تي بھ ڪاوڙ ڏيکاري آهي. هن سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ ۾ عمران خان جو بشرا بيبي جي تعريف وارو وڊيو ڪلپ شيئر ڪيو ۽ لکيو تھ، بشرا بيبي ڪوشش ڪندي ميڊيا کان پاڻ کي پري رکيو آهي، پر ان هوندي بھ مٿس سخت نظر آهي ۽ ان تي تنقيد جو ڪو موقعو هٿان نٿو وڃايو وڃي. هن چيو تھ هر ماڻهو غلط ڳالهيون لکي ٿو. هن چيو تھ ڇا ڪو ماڻهو منهنجي ملاقات بشرا بيبي سان ڪرائي سگهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button