شوبز

شهزاد رائي جي گيت جا ٻول آڌا بلوچستان تي ڇتو بحث

پاڪستان جي مشهور ڳائڻي شهزاد رائي جي گيت واجا جا ٻول آڌا بلوچستان وڏي بحث جو موضوع بڻجي ويا آهن ۽ باشعور ماڻهو ان جي تت کي مڪمل بلوچستان نٿا سمجهن. ميڊيا مطابق نامياري صحافي حامد مير، سماجي ڪارڪنن ندا ڪرماني، ضيا خان ۽ ٻين گاني جي انهن ٻولن کي بحث جو موضوع بڻايو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي تھ، جس بات پي تو ناراض هي، آئو آج اسي ختم ڪرين. حامد مير جو چوڻ هو تھ، ماڻهن جون گمشدگيون بلوچستان جي ڪاوڙ جو وڏي ۾ وڏو سبب آهي، اهو ختم ڪيو تھ مسئلو حل ٿي ويندو.

بلوچي ڳائڻي رئيسا رئيساڻي

ندا ڪرماني جو چوڻ هو تھ گاني ۾ اڌ بلوچستان نظر اچي ٿو، مڪمل بلوچستان گمشدگين وارو آهي. ضيا خان جو چوڻ هو تھ هتي انڊسٽري ناهي، روڊ ڪونهن، اسپتال نظر نٿي اچي، يونيورسٽيون نھ آهن ۽ اهو ئي پورو بلوچستان آهي. جڏهن تھ نديم بلوچ، شير احمد ۽ ٻين گاني ۾ مقامي بلوچي راڳين جي شرڪت تي ڪاوڙ ڏيکاري ۽ چيو تھ، شهزاد رائي اڌ بلوچستان ڏيکاريو، مڪمل بلوچستان ان جهڙو ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button