شوبز

ماڻهو مون کي روئندڙ بيوهه ڏسڻ گهرن پيا: نيتو سنگهه

بالي ووڊ اداڪارا نيتو سنگهه چيو آهي تھ مڙس رشي ڪپور جي ديهانت بعد ماڻهو مون کي روئندڙ بيوهه طور ڏسڻ گهرن پيا. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ منهنجي خلاف ڪجهه ماڻهن تھ نفرت جوڳا تبصرا بھ ڪيا هئا. هن جو چوڻ هو تھ مون کي خوش ڏسي تنقيد ٿيندي آهي تھ مان زندگي کي انجوائي ڇو ٿي ڪيان، پر مان ٻڌائڻ چاهيان ٿي تھ مان ائين نظر اينديس، جيئن آهيان، ڇوتھ آئون مڙس جي وڇوڙي جي ڏک کي خوش رهي گهٽائڻ چاهيان ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button