ملڪ ۾ هن وقت هڪ پاسي پاڻيءَ جو بحران آهي ته ٻئي پاسي توانائيءَ جو بحران لڳو پيو آهي، جنهن جي ڪري عوام پريشان لڳو پيو آهي. اهي بنيادي ضرورتون جيڪي عوام کي فراهم ڪرڻ حڪومت لاءِ لازمي هونديون آهن، انهن کي فراهم ڪرڻ لاءِ حڪومت جيڪڏهن سنجيدگي نٿي ڏيکاري ته ان جو مطلب اهو آهي ته ان کي عوام سان ڪا دلچسپي ناهي ۽ نه ئي اها عوام جي ڀلي لاءِ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهي. پر هڪ اهڙو ملڪ جتي وسيلن جي کوٽ نه هجي ۽ هر قسم جا وسيلا موجود هجن، تڏهن به عوام سهولتن کان محروم هجي ته پوءِ ڪنهن جي ڪوتاهي آهي؟ ملڪ ۾ ڪڻڪ هوندي آهي پر هي ملڪ ڪڻڪ ٻاهران گهرائيندو آهي، ملڪ ۾ ڪمند جو بهترين فصل ٿيندو آهي پر کنڊ پوءِ به عوام کي مهانگي ملندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته اڻ لڀ ٿي ويندي آهي. ان کان سواءِ بجلي پيدا ڪرڻ جا بجلي گهر موجود آهن پر تڏهن به ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ جو راڄ آهي. تعليم لاءِ سرڪاري اسڪولن جي ڀرمار لڳي پئي آهي ته پوءِ به ملڪ تعليم جي ميدان ۾ پوئتي آهي. اهڙي ريت ڪيترائي اهڙا معاملا آهن، جيڪي حل ٿي سگهن ٿا پر حڪومت انهن کي حل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
هن وقت جڏهن گرمي چوٽ چڙهيل آهي ته حڪومت عوام کي بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. اها بجليءَ جا متبادل ذريعا ڳولڻ ۽ انهن کي استعمال ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن جي نتيجي ۾ هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ بجلي جو بحران لڳو پيو آهي. پيئڻ جو پاڻي ماڻهو کي ڪونه ٿو ملي. عوام پيئڻ جي پاڻيءَ جو بل ادا ڪري ٿو پر ان کي پاڻي پئسن سان خريد ڪرڻو ٿو پوي، جڏهن ته جيڪو پاڻي گهرن ۾ پهچي ٿو، اهو استعمال جوڳو نه هوندو آهي. گئس جا ذخيرا موجود آهن پر تڏهن به عوام گيس جي لوڊشيڊنگ کي منهن ڏيندو رهندو آهي. اهڙي ريت گئس به عوام کي ڪم ڪانه ٿيندي آهي. پر اهي اهڙا مسئلا آهن، جن جو حل عوام وٽ ناهي، ان جو حل ملڪ جي چونڊيل نمائندن وٽ آهي، جيڪي اقتدار ان ڪري ماڻيندا آهن ته جيئن عوام جي مسئلن کي حل ڪري سگهن ۽ انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ اهي ذميوار آهن. ملڪ ۾ اٽو ايترو مهانگو ٿي ويو آهي جو عوام ماني کائڻ لاءِ پريشان لڳو پيو آهي، ان کان سواءِ کاڌي پيتي جي شين جا اگهه ايترا ته چوٽ چڙهيل آهن جو عوام ٻن ويلن جي ماني به نٿو کائي سگهي، پر جيڪڏهن ملڪ ۾ هر چونڊيل پارٽيءَ کي حڪومت اهڙي ريت ڪرڻي آهي، انتظامڪاري ائين هلائڻي آهي ته پوءِ عوام ته ڪڏهن به سک جو ساهه نه کڻي سگهندو ۽ نتيجي ۾ ان لاءِ رڳو پريشانيون ئي هونديون. ڪابه حڪومت جيڪڏهن عوام کي رليف ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا نٿي ڪري سگهي ته پوءِ ان جي هجڻ سان عوام تي ڪو فرق نٿو پوي، ڇاڪاڻ ته اها عوامي مسئلن کي لاتعلق لڳي پئي هوندي آهي، اها لاتعلقي ئي حڪمرانن کي عوام لاءِ ويڳاڻو بنائي ڇڏيندي آهي. هن وقت ملڪ جتي معاشي حوالي سان بحران جو شڪار آهي، اتي پرڏيهي قرضن جو بار آهي. نئين آيل حڪومت جيڪڏهن عوام کي ڪو رليف ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ته ان جو مطلب اهو آهي ته اها به گذريل حڪومت (پي ٽي آءِ) جي نقش قدم تي هلي رهي آهي ۽ اها عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
اسين سمجهون ٿا ته هن وقت جڏهن عوام هڪ سخت گرمي پد ۾ زندگي گذاري رهيو آهي ته اهو ڪيترن ئي نفسياتي مونجهارن جو شڪار آهي. ان جي انهن مونجهارن کي ختم ڪرڻ جو سلسلو ان وقت ئي ختم ٿي سگهي ٿو، جڏهن عوام کي بنيادي مسئلن کي حل ڪيو ويندو. پاڻي، بجلي، گئس ۽ ٻين سهولتن سان عوام کي فيضياب ڪيو ويندو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته رڳو ڳالهيون ڪرڻ ۽ وعدا ڪرڻ بدارن عمل ڪيو وڃي ته بهتر آهي، جنهن جا نتيجا به اسين ڏسي سگهون ٿا.