ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪاش! ماڻھو ماکيءَ جھڙا مٺڙا ھجن

Editorial-Article-Mohammad Khan Sial

اسان جي پياري سنڌ، سماجي ڀلائيءَ جي حوالي سان مجموعي طور تمام ڏکئي دور کي منھن ڏيندي رھي آھي جيڪو پنھنجي جاءِ تي زوردار ڳڻتيءَ جوڳو داستان آھي. منھنجي سينيئر صحافي طور نيڪ نيتيءَ سان سنڌ جي مختلف پارٽين جي سياسي ميمبرن توڙي غير سياسي ماڻھن کي خاص صلاح آھي ته ھو گڏجي توڙي الڳ الڳ، سنڌ جي سماجي ڀلائيءَ لاءِ نيڪ نيتي ۽ ڳنڀيرتا سان گڏيل جدوجھد ڪن نه ته لاڳيتو ڳاٽي ٽوڙ سماجي آزار، سنڌ جي رھاڪن جو جيئڻ اڃا به گهڻو جنجال ڪري ڇڏيندو. نه رڳو ايترو پر سنڌ جو صدين کان پراڻو وجود، سماجي طرح اڃا به وڏي خطري ۾ پئجي سگهي ٿو.
اھو حوالو دھرائڻ به ضروري آھي ته سياسي زيادتين جي ڪري، سماجي وايومنڊل تي به گهرو اثر پوي ٿو. ٻين لفظن ۾ ائين چئي سگهجي ٿو ته گڏيل ماحول ڏينھون ڏينھن ويتر خراب ٿيندو پيو وڃي جيڪا سخت ڳڻتيءَ جوڳي ڳالھه آھي. ھڪ اڌ سياسي مثال به ڏئي سگهجي ٿو. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي تازي ختم ٿيل دور سبب، سندس وفاقي سرڪار جي سڄي ملڪ ۾ لاڳيتي ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي، بيروزگاري ۽ سنڌ دشمن پاليسيون لاڳيتو اختيار ڪرڻ ڪارڻ، ڪروڙين ماڻھن جو جيئڻ ئي اڳ ئي گهڻو جنجال ٿي ويو ھو جيڪو سولائيءَ سان ترت ختم ڪونه ٿيندو. اھا ڳالھه خاص ڪري نوٽ ڪرڻ جي آھي ته سماج اندر وڇوٽي اڳ ئي کوڙ وڌيل آھي جيڪا سنڌ جي ڀلائيءَ لاءِ سوچيندڙن لاءِ سخت ڳڻتيءَ جوڳو داستان آھي.
سنڌ جي ڀلائي انھيءَ ۾ سمايل آھي ته مختلف سياسي ۽ اختلافي سوچ رکندڙ سڀ گڏجي سنڌ جي وايومنڊل کي بھتر بڻائڻ ۽ ان کي برقرار رکڻ لاءِ باقاعدي جدوجھد ڪن. سنڌ جي سڄڻن توڙي خيرخواه ماڻھن کي گهرجي ته سنڌ لاءِ پيدا ڪيل ڳڻتيءَ جوڳي مصيبتن جي آزار يعني اڳوڻي وفاقي سرڪار جي ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي، بيروزگاريءَ ۽ ٻين مصيبتن جو، گهري دل سان نوٽيس وٺن ۽ سنڌ جي سلامتيءَ جي خاطري ڪرڻ لاءِ، ڳنڀيرتا سان تُرت گڏيل جدوجھد ڪري حل ڳولين پر مختلف بھانن جي آڙ ۾ ھڪٻئي جي ڏاڙھي پٽڻ ڇڏي ڏين ۽ ڀلائيءَ واري ڪاروبار ۾ اجائي دير به نه ڪن ته بھتر آھي.
ھڪ ڳالھه مون پاڻ ئي نوٽ ڪئي آھي ته ڪراچيءَ ۾ ڌارين جي ڪيترين رھائشي سوسائٽين ۾ سڀ گڏجي سوسائٽيءَ جي ترقيءَ لاءِ جدوجھد ڪندا آھن جيتوڻيڪ منجهن پاڻ ۾ذاتي طور اختلاف به ھوندا آھن پر سوسائٽيءَ جي گڏيل ڀلائيءَ کي سڀ کان وڌيڪ اھميت ڏيندا آھن پر افسوس ته اسان وٽ ته ايڏي سجاڳي بلڪل ڪونھي. ھڪ مثال ڏيڻ مناسب آھي ته ڪراچيءَ ۾ سو سيڪڙو سنڌين جي آباديءَ واري سوسائٽي يعني سنڌي جماعت ڪوآپريٽو ھائوسنگ سوسائٽيءَ (جوڳي موڙ، مين نيشنل ھاءِ وي) جو مثال آھي جت سوسائٽيءَ اندر ھاڻي سڀ مکيه روڊ ٽٽل آھن پر انھن کي ٺھرائڻ لاءِ سوسائٽيءَ جا چونڊيل اڳواڻ، ڳنڀيرتا سان ڪوششون نٿا ڪن، جڏھن ته مختلف سماجي مسئلا ڏينھون ڏينھن وڌندا پيا وڃن. سوسائٽيءَ ۾ ماھوار في 400 رپيا آھي پر نوي سيڪڙو ته ادا به نٿا ڪن جڏھن ته ھڪ شخص ڏانھن ڪل 90 ھزار رپين کان وڌيڪ پيسا رھيل آھن.
اسان وٽ ڪجھه بنيادي پر اھم سچايون آھن، جن بابت ڳنڀيرتا سان سوچڻو پوندو ته سنڌ جي ڀلائيءَ لاءِ ڪھڙا قدم کڻڻ گهرجن، جن جي نتيجي ۾ سنڌ جو آئيندو بھتر ٿي سگهندو. ڪجھه سچايون به آھن، جن جا تفصيل ٻڌائڻا پوندا ته جيئن سنڌ جو عوام، صورتحال کي ٺيڪ سمجهي انھيءَ کي سڌارڻ لاءِ ڪارائتا قدم به کڻي سگهي. بھرحال، دل جي گھراين سان عرض آھي ته سياسي اختلاف لڳ آھن ته ڀلي ھجن پر سنڌ جي سماجي ڀلائيءَ لاءِ ڳنڀيرتا سان گڏيل جدوجھد ڪريو تہ وه واه..
جيئن ته سڄي سنڌ جي غير سياسي سماجي ڀلائيءَ جي جدوجھد جي ڳڻتي اٿم سو اھو ٻيھر ٻڌائڻ مناسب آھي ته اڳوڻي عمران سرڪار ته ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي وڏي پيماني تي لاڳيتو آڻي ۽ بيروزگاري ۾ زوردار واڌ آڻي سڄي ملڪ جي عوام جو عام طور ۽ سنڌ جي عوام جو خاص طور ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو. ھونئن به وفاقي سرڪار جي مکيه اڳواڻ ۽ ميمبرن جي بيانن مان اھو عام تاثر پيدا ٿيل ھو ته کين رڳو سنڌ جي ھڪ شھر ڪراچيءَ جي ڀلائيءَ جي ڳڻتي آھي پر سڄي سنڌ جي ھرگز ناهي. شايد کين ائين لڳي ٿو ته سڄي سنڌ ۾ انسان نٿا رھن نه ته کين سڄي سنڌ جي ڳڻتي ھجي ھا. بھرحال، اھا وڏي زيادتي ھئي جنھن کي وساري نٿو سگهجي.
پاڪستان جي 75 ورھين جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو وزيراعظم عمران کي قومي اسيمبليءَ جي ووٽن ذريعي ھٽايو ويو ۽ ھاڻي نواز ليگ ۽ سندن حامي پ پ پ ۽ ٻين جي گڏيل سرڪار وجود ۾ آھي. اھا سچائي آھي ته اڳ جي ڀيٽ ۾ مصيبت ڪجھه گهٽتائي ٿيندي پر باقاعدي گهٽتائيءَ ۾ گهڻو وقت لڳندو، جڏھن تہ عمران خان جلد اليڪشن ڪرائڻ لاءِ ناٽڪ رچائي پيو ڇاڪاڻ ته کيس اھو احساس آھي ته ھو اڳ وانگيان ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان اليڪشن وري کٽي ويندو پر منھنجي خيال ۾ اھا سندس خوشفھمي آھي.
اسان وٽ ھڪ اھڙو به گروپ آھي جيڪو پاڻ کي ته سنڌ جو اصل ۽ اڪيلو خيرخواه گهڻن سالن کان لاڳيتو سڏائيندو رھي ٿو، جڏھن تہ پاڪستان پيپلز پارٽي (پ پ پ) جنھن کان ڀلي جائز شڪايتون ڇو نه ھجن پر اھا سچائي آھي ته پ پ پ جون سنڌ لاءِ انھيءَ گروپ جي ڀيٽ ۾ عملي طرح بھتر خدمتون آھن پر سندن سوچ موجب پ پ پ سدائين “غدار” آھي يعني سنڌ جي مخالف عمران سرڪار بلڪل نه. ھونئن به اھا سچائي آھي ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ (پ پ پ) سميت ڪنھن به سياسي پارٽيءَ سان جائز سياسي اختلاف آهن ته اھو ھر ڪنھن جو بنيادي حق آھي ته ان خان ڀلي جائز اختلاف ڪن. بھرحال، پ پ پ سان رڳو ذاتي نفرت ڪارڻ ۽ ھوا ۾ مخالفت جي لاڳيتي ڊانس ڪرڻ ظلم آھي ڇاڪاڻ ته انھن کي عمران جي کليو کلايو سنڌ سميت ملڪ خلاف زيادتيون ڏسڻ ۾ ئي ڪونه آيون.
سنڌ جي صورتحال بلڪل نرالي آھي. ھتي ماڻهو لاڳيتي ڪوڙو پرچار ڪري، سنڌ جي عوام کي وڏي پيماني تي ذھني مريض بڻائڻ جون ڪوششون ڪندا رھندا آھن جنھن جو ڪاٿو انھيءَ مان به لڳائي سگهجي ٿو ته عمران خان سرڪار جي حڪمرانيءَ جي زيادتين کي اٽڪل چار سال ٿي ويا اھا بي ريا ڇنڊڇاڻ آھي ته ان جون پاليسيون سڄي ملڪ ۽ خاص طور سنڌ سان خيرخواه ھرگز ڪونه رھيون آھن. ڪيترا ڀيرا ته وفاق، سنڌ جي مڪمل جائز رقم، سنڌ کي موٽائي ڪانه ڏني يعني اھي وڏي پيماني تي ڪٽوتي ڪندا رھيا آھن پر سنڌ جا پاڻ کي اڪيلا ھمدرد يعني “ٺيڪيدار” انھن خلاف ڪابه زوردار تحريڪ چئن سالن کان ڪونه ھلائيندا رھيا آھن. اھي پنھنجن بيانن ۾ وفاقي زيادتين ۽ انھن جي حڪمرانن جو نالو به ڪونه وٺندا ھئا ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان شايد اھو تاثر پيدا ٿيندو آھي ته سندن گروپ جا ميمبر ۽ حامي، پيپلز پارٽيءَ جي دشمنيءَ بدران، وفاقي سرڪار جي سنڌ سان کليوکلايو زيادتين کي وڌيڪ اھميت ڏيڻ شروع ڪندا، تنھنڪري سندن ساھه سُڪي ويندو. اھا سچائي آھي ته اھي”فرشتا” وفاقي سرڪار جي سنڌ خلاف لاڳيتين ۽ کليوکلايو زيادتين خلاف بيان ڪونه جاري ڪندا رھيا پر آخر ۾ ڪڏھن ڪڏھن رڳو خاناپري ڪرڻ لاءِ چوڻ شروع ڪيائون ته اسان وفاقي سرڪار خلاف آھيون پر انھن جا نالا ڪونه وٺندا ھئا، جڏھن ته وفاقي سرڪار خلاف زوردار مھم چئن ورھين ۾ ھلائڻ پري جي ڳالهھ ھئي.
اسان جو مقصد آھي ته سنڌ جي ڀلائيءَ لاءِ سماجي بنيادن تي سڀ گڏجي ڪوشش ڪن جنھن ۾ سياست جو واسطو نه ھئڻ گهرجي. جيڪڏھن سماجي بنيادن تي نيڪ نيتيءَ سان تحريڪ ھلائي وئي ته ان سان سڄي سنڌ جو فائدو ٿيندو ۽ اسان کي سڄي سنڌ جي ڀلائيءَ لاِءِ، سياسي اختلاف ڇڏي نيڪ نيتيءَ سان ڪوششون ڪرڻ گهرجن. ائين ڪبو ته سنڌ جا ماڻھو ماکيءَ جھڙا مٺڙا ٿي ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button