ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

“ڪپتان” جي آشيرواد کان محروم عمران خان جو لانگ مارچ

Editorial-Article-Allahbux Rathore

اهو تاثر عام آهي ته جيستائين عمران خان ڪپتان سان گڏ هو، يا وري هائبرڊ رجيم جو حصو هو، ايستائين ته هن جو سڪو هلندو رهيو، پر هاڻ هن جي مٿي تان هٿ ئي کڄي ويو آهي ته ان جي لانگ مارچ جي ڪاميابي ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿي؟ جيڪڏهن عمران خان ڪنهن عوامي اشو تي لانگ مارچ ڪري ها، يا وري هو عوام جي ڪنهن معاملي تي ميدان ۾ نڪري ها ته هن کي وري به موٽ ملي سگهي پئي، پر جنهن مارچ جو ڪو لاجڪ نه هجي، يا وري ڪيترن بيانين جي تبديلي کانپوءِ رڳو حڪومت سيٽ اپ کي منجهائڻو هجي ته پوءِ ان جا ڪهڙا نتيجا سامهون اچي سگهن ٿا؟ اهو سمجهڻ ڪو مشڪل نه هوندو. عمران خان کي جيئن ئي حڪومتي محلات مان نيڪالي ملي آهي تيئن ئي هو فقط پنهنجي حڪمراني واپس وٺڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيو آهي، هو سمجهي ٿو ته عوام جو سمنڊ هن جي حمايت ۾ نڪري ايندو، هي ڪا فوبيا ته ٿي سگهي ٿي پر حقيقتن جي دنيا ان کان ڪوهين ڏور هوندي. جنهن قسم جو هن تاثر ڏنو، ان مان سمجهي سگهجي ٿو ته عمران خان نه ئي چلي جي اڳوڻي سوشلشت صدر آليندي جهڙو ٿي سگهي ٿو، جنهن جي حڪومت جي خاتمي لاءِ آمريڪي سي آءِ اي سازش ڪئي هئي ۽ هو صدارتي محلات اندر وڙهندي ماريو ويو هو، نڪي وري هو هٽلر ٿي سگهي ٿو، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن هائبرڊ رجيم جو حصو نه هو، پر هو فاشسٽ قوتن سان گڏجي اقتدار تي پهرين اليڪشن ذريعي ۽ بعد ۾ طاقت جي زور تي قابض ٿيو، جنهن عالمي جنگين ۾ ڪروڙين انسانن کي مارائڻ جو سامان تيار ڪيو. هي اهڙا جنوني ۽ فاشسٽ حڪمران هئا، جن سان عمران خان ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلي نٿو سگهي. عمران خان ته اسٽيبلشمينٽ جو بگاڙيل ٻار هو، جنهن انهن قوتن کي اکيون ڏيکاريون، جن کيس گَهڙي ڪيترن ئي ڏهاڪن کانپوءِ اقتدار جي ڪرسي تي ويهاريو هو.
عمران خان جهڙا حڪمران حادثاتي طور اقتدار ۾ ايندا آهن، اهڙن حڪمرانن جو حشر شوڪت عزيز جهڙن حڪمرانن جهڙو ٿيندو آهي، هي ته محمد خان جوڻيجي جهڙا ڪمزور حڪمران به ٿي نٿا سگهن، جن جو پنهنجو ڪو نه ڪو سياسي ويزن هو. جوڻيجي پٺيان ته وري به پير پاڳارو هو، جنهن کي اسٽيبلشمينٽ سان وڙهڻو ته نه هو، پر هن پنهنجي ناراضگي جو اظهار ضرور ڪيو. ان جي باوجود پير پاڳارو هميشه چوندو رهيو ته هو جي ايڇ ڪيو جو ئي ماڻهو آهي. عمران خان جو سڀ کان وڏو مسئلو ان جي غير سياسي سوچ ۽ ايڪٽنگ هئي، جنهن جو مظاهرو هن بي اعتمادي جي رٿ دوران ڪيو. اهو عام طور تي چيو ويندو آهي ته “خدا جب حسن ديتا هي تو نزاڪت آ هي جاتي هي” پر عمران خان جو ڪيس ان کان گهڻو مختلف آهي. نزاڪت هن جي پاسي مان به نه گذري.
اسان جهڙن ملڪن ۾ سياست راڄوڻي آهي، جنهن ۾ عوام سان اٿڻ ويهڻ ضروري هوندو آهي، ان معاملي ۾ عمران خان به ڪنهن “انگريز” کان الڳ نه هو. ان ڪري هن کي سماج ۾ جن ماڻهن خاص ڪري عام ماڻهوءَ کي پنهنجو ڪرڻو هو، نه ڪري سگهيو. پاڪستان جهڙن ملڪن ۾ سياست ڪرڻ خاص ڪري پارليامينٽري سياست جو آرٽ ئي الڳ آهي. اهڙا ماڻهو جيڪي ڪنهن جي ڪلهي تي چڙهي ايندا آهن، انهن کي عوامي حمايت جي ضرورت ئي نه هوندي آهي.
عمران خان جنهن نوعيت جو سياست ۾ ورتا ڪيو آهي ۽ هن تي آئين جي توهين ڪرڻ جا جنهن قسم جا الزام آهن، انهن کي سامهون رکندي سياسي پنڊت چوڻ تي مجبور آهن، ته اهي ڪنهن به ملڪ جو نظام تباهه ڪري سگهن ٿا. جنهن ملڪ ۾ جمهوريت ڪمزور هجي ۽ مختلف قوتون، جيڪي طاقت کي پنهنجي مٺ ۾ ڪري ويهن، اتي هن نوعيت جا ايڊوينچر تباهي کانسواءِ ڪجهه به ڪري نٿا سگهن. هن ملڪ ۾ حقيقتون واضح طور تي نظر اچي رهيون آهن. هتي ڪجهه قوتون ته اقتدار ۽ طاقت ۾ شراڪتدار آهن، انهن کي سياسي عمل کان الڳ ڪرڻ به مشڪل آهي. اقتدار جي سياست مختلف ڌرين ۾ ورهايل آهي، ان ڪري انهن مان ڪنهن هڪ ڌر کي به ڇيڙڻ جو مقصد، اقتدار جي آربٽ کي ڇيڙڻ برابر آهي. هي به چڱي ڳالهه آهي ته اهي اقتدار ۾ رهندڙ قوتون ايتريون آپي کان نه پيون نڪرن، جو نظام ويڙهجي وڃي. سڀني ڏٺو ته عمران خان جي پيدا ڪيل بحران ۽ ڪجهه اهڙن عملن جن واڳ ڌڻين کي به پريشان ڪيو، ان جي باوجود صورتحال تي ڪنٽرول ڪيو ويو. هنن کي نه فقط پنهنجي چونڊ تي پشيماني ٿي هوندي، پر سمجهه آئي هوندي ته هائبرڊ نظام ۾ اهڙين قوتن کي شامل ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ درست ناهي، جيڪي ملڪي نظام کي نقصان پهچائي سگهن ٿيون. سڀني هي تماشو به ڏٺو ته جن کي رياست جي طاقت جي علامت سمجهيو ويندو هو، ان حوالي سان صدر عارف علوي ۽ پنجاب جي گورنر ته سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون. اهي قوتون، جيڪي سياست کان پرڀريون رهڻ گهرن ٿيون، انهن کي به آزمائش ۾ وڌو ويو، انهن اڳ ئي چيو پئي ته کين اهڙين سرگرمين کان پرڀرو سمجهيو وڃي، ان جي باوجود انهن کي دعوت ڏني وئي. هن ملڪ ۾ اهڙا مثال ورلي ملندا، جيڪي ماضي قريب ۾ سامهون ايندا رهيا.
هن ڀيري عمران خان جتي اسٽيبلشمينٽ کي امتحان ۾ وڌو، اتي عدليا کي به نشانو بڻايو ويو، هي ساڳي عدليا آهي، جنهن جو عمران خان لاڏلو رهيو آهي. اڳوڻي چيف جسٽس ته عمران خان کي رليف ڏنو ۽ ان کي صادق ۽ امين قرار ڏنو. هينئر به عدليا ۾ اهڙا جج موجود آهن، جن عمران خان جي اڳوڻي حڪومت جي رويي تي نظرثاني ڪئي، ممڪن آهي ته انهن کي ائين ڪرڻ لاءِ ڪٿان ايڊوائس به آئي هجي، پر عدليا جهڙن ادارن کي manipulate ڪرڻ آسان ناهي. هي اهڙا ادارا آهن، جن جي ڊگهي تاريخ رهي آهي، انهن جا فيصلا به کٽا مٺا رهيا آهن. پر اڳوڻي فوجي آمر پرويز مشرف جي ڏينهن کان عدليا جو رويو گهڻو مثبت ٿيو، هڪ اڌ چيف جسٽس کي ڇڏي، سموري عدليا، اهڙي رستي تي هلڻ شروع ڪيو، جنهن تي رشڪ ڪري سگهجي ٿو. خاص ڪري عمران خان جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ تي عمل ڪرائڻ لاءِ عدليا، جنهن ايڪٽوازم جو مظاهرو ڪيو، ان نئين تاريخ رقم ڪئي. ڀلي عمران خان ۽ ان جا حامي عدليا ڏانهن آڱريون کڻن پر ان precedent کي حوالي طور ڪم آندو ويندو.
اقتدار هٿان وڃائڻ کانپوءِ به عمران خان ۽ ان جي ساٿين کي پنهنجن غلطين جو احساس ناهي. هو سمجهي ٿو ته هن جيڪو ڪجهه ڪيو اهو درست هو. هن کي جيڪڏهن سياسي ميدان ۾ رهڻو آهي ته نه فقط ان جو ورتا سياسي هجڻ ضروري آهي، پر غطين کي درست ڪري عوامي سياست جا ڪهڙا گر اختيار ڪرڻا آهن، ان تي به سوچڻو پوندو. هن ملڪ ۾ ورلي ڪا سياسي پارٽي هجي، جنهن جي دعا سلام اسٽيبلشمينٽ سان نه هجي. پي ٽي آءِ به ساڳي صف ۾ بيٺل آهي. ٻين جي ڀيٽ ۾ پي ٽي آءِ نئين هئي، ان ڪري ان سرينڊر به وڌيڪ ڪيو. انهن کي حڪمراني مينيج ڪرڻ به نه آئي، ان ڪري انهن جون جلد پاڙون اکڙي ويون. عوام جا ننڍا وڏا مسئلا آهن، انهن کي حل ڪرڻ ڪو اوکو عمل يا ناممڪن ناهي، ان جي باوجود عمران خان عوامي اشوز کي نظر انداز ڪيو. هن عام ماڻهوءَ جي اهنجن جي حوالي سان همدردي ته پري جي ڳالهه آهي، پر مرهم رکڻ بدران ڏنڀ ڏنا. هو عوامي Base کان ايترو ڪٽيل رهيو، جو عام ماڻهوءَ کي حڪومت جي وڃڻ تي ڪابه تڪليف نه ٿي. عمران خان چئي ٿو ته حيرت جي حد تائين عوام رستن تي نڪتو ۽ اهڙا ماڻهو نه هئا، جيڪي ماضي جيان مٺايون ورهائيندا هجن. هي به ڪنهن خوش فهمي کان گهٽ ناهي. جن ماڻهن جو گراس روٽس تائين اٿڻ ويهڻ آهي، انهن ڏٺو ته عام ماڻهن سرهائي جو اظهار ڪيو. انهن کي عمران خان مان ڇوٽڪاري تي نه فقط خوشي ٿي پر نون ايندڙ موجوده حڪمرانن سان به گهڻيون اميدون جوڙيون آهن. هينئر ناڻي جو اڳوڻو وفاقي وزير اسحاق ڊار به چئي ٿو ته آءِ ايم ايف سان عوامي اشوز جي حوالي سان نئين سري سان ڳالهائينداسين. وزير اعظم جو هي چوڻ ته پنهنجا ڪپڙا به وڪڻي اٽي جي اگهه ۾ گهٽتائي ڪنداسين، ان سان گڏ پيٽروليم جي شين جي اگهه ۾ واڌ کان انڪار سٺيون خبرون آهن. اها سٺي خبر آهي ته اٽي جي 20 ڪلوگرامن تي 300 رپين جو رليف ڏنو ويندو. ان سان عام ماڻهوءَ جي ڦٽن تي پها رکجي رهيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ عمران خان جي لانگ مارچ ڏانهن ڪير ڌيان ڏيندو؟
راڻا ثناءُ الله ۽ ٻين جي بيانن مان ائين لڳي ٿو ته مارچ نڪرڻ ئي نه ڏنو ويندو، جيڪڏهن مارچ ٿيو ته اهو به محدود پيماني تي هوندو، جنهن مان حڪومت کي ڪوبه خطرو نه هوندو. لانگ مارچ جي حوالي سان ماڻهو پاڻ کي باهيون ڏئي ساڙيندا، جهڙا بيان به سياسي ايپروچ ناهي، ان ڪري عمران خان جي اسلام آباد تائين مارچ کي گهڻو سنجيده وٺي نٿو سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button