يوسف جي قصي کان پو وري حاڪم کيس پنهنجي عشق جو داستان ٻڌائي ٿو، هو وري کيس ٻڌائي ٿو هن کي پنهنجي سڳي ڀيڻ سان عشق آهي. هو ان مان اهڙا ٻار پيدا ڪرڻ گهري ٿو جن کي ڪڏهن موت نه اچي، هن کان اهو به برداشت نه ٿيندو آهي ته ڪو ٻيو مرد هن جي ڀيڻ کي هٿ لڳائي. ائين ڳالهيون ڪندي ڪندي شراب خاني ۾ هڪ مذهبي پيشوا اچي وڃي ٿو ۽ هو اتي ويٺلن کي چئي ٿو ته ٻن عظيم ديوتائن لا اڇي ڪڪڙ جي قرباني ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي. جڏهن خليفو اهو ٻڌي ٿو ته اٿي بيهي سڀني سان گار گند ڪرڻ لڳي ٿو، جنهن تي هن کان پڇيو وڃي ٿو ته هن جو ڪهڙو مذهب آهي ۽ هو خدائي جي دعويٰ ڪري ٿو، اهو ٻڌي ماڻهو مڇرجي پون ٿا ۽ هن کي مارڻ اچن ٿا، پر يوسف هن کي بچائي وٺي ٿو ۽ کيس شراب خاني مان ٻاهر وٺي وڃي ٿو. پر هاڻي حاڪم کي سک نٿو اچي، نيٺ هو پنهنجي ڀيڻ ست الملڪ ڏانهن اچي ٿو ۽ هن کي پاڻ سان شادي ڪرڻ جو چئي ٿو. اهو ٻڌي ست الملڪ حيران ٿي وڃي ٿي ۽ کيس چئي ٿي ته ان ڳالهه جي صلاح وڏي وزير ارگيون کان وٺڻي پوندي، پر حاڪم پنهنجو فيصلو ٻڌائي هليو وڃي ٿو. ان وچ ۾ شهر ۾ ڏڪار اچي ٿو، جڏهن ته اهو به هُل هلڻ لڳي ٿو ته عباسي شهر تي حملو ڪرڻ وارا آهن، پر ان سڀ کان بي نياز حاڪم شراب خاني ۾ ويهي چرس جي ليپ جو مزو ماڻڻ لڳي ٿو. شهر جون حالتون خراب ٿي وڃن ٿيون ۽ وڏو وزير ارگيون فوج سان ملي خلافت تي قبضو ڪري ٿو، هو چالاڪيءَ سان حاڪم جو هم شڪل ڳولي لهي ٿو ۽ حاڪم کي شراب خاني مان ٻڌرائي قيد ۾ بند ڪرائي ٿو، پر حاڪم خليفي هجڻ جي دعويٰ ڪندو رهي ٿو ۽ هن کي چريو قرار ڏنو وڃي ٿو ۽ کيس هڪ خليفو ڏيکاريو وڃي ٿو جيڪو صفا هن جهڙو ئي آهي.
هڪ ڏينهن چرين جي چڪاس لا ابن سينا کي گهرايو وڃي ٿو، جڏهن ابن سينا جهڙي ڏاهي کي به هن جي ڳالهين تي ويساهه نٿو اچي ته حاڪم هاڻي چرين جي اڳواڻي ڪرڻ لڳي ٿو ۽ کين ويساهه ڏياري ٿو ته هو کين هتان ڇوٽڪارو ڏياريندو ۽ کين هن شهر جو حاڪم بڻائيندو. ائين هڪ ڏينهن اهي قيد خاني مان ڀڄي نڪرن ٿا ۽ سموري شهر ۾ باهيون لڳائين ٿا. سپاهين کي مارين ٿا ۽ حاڪم وري پنهنجي خليفي هجڻ جو اعلان ڪري ٿو. جنهن تي ست الملڪ هن ڏانهن نياپو موڪلي ٿي ته هو هن سان شادي ڪرڻ لا تيار آهي پر کيس ڪجهه ڏينهن لا هڪ غار ۾ رهڻو پوندو، حاڪم جڏهن محل ۾ پهچي ٿو ته ان کي اهڙو سينگاريل ڏسي ٿو ڄڻ اتي شادي هجي، هو ست الملڪ کي پنهنجي هم شڪل سان ڏسي ٿو. اتان هو غار وڃي ٿو، جتي ٽي همراهه هن کي قتل ڪرڻ لا موڪليا ويا آهن، پر اهي ٽئي پاڻ ۾ وڙهڻ لڳن ٿا ۽ انهن جا لاشا گم ٿي وڃن ٿا. اڳيان خبر پئي ٿي ته يوسف ئي هن جو هم شڪل آهي ۽ هو ئي ست الملڪ جي چوڻ تي کيس مارڻ آيو. يوسف جي خوابن واري پري به ست الملڪ ئي آهي، پر حاڪم ۽ يوسف ٻئي هميشه لا گم ٿي وڃن ٿا.
هن ناوليٽ ۾ ڪيترائي اهڙا منظر ڏنل آهن جن ۾ جادوئي حقيقت نگاريءَ جو عڪس صاف ظاهر ٿئي ٿو، جهڙوڪر هڪ ڏينهن بازار ۾ حاڪم سان هڪ انڌو درويش ملي ٿو ۽ حاڪم کي سڃاڻي وڃي ٿو ۽ هن کي ڏڪار سان گڏ عباسين جي حملي ۽ هن جي بربادي جي اڳڪٿي ڪري ٻڌائي ٿو. هن ناوليٽ جي ڪهاڻيءَ جي هڪ ٻئي خوبصورتي اها به آهي ته اها تجسس سان ڀريل آهي، واقعا هڪ ٻئي پٺيان تڪڙا تڪڙا ٿين ٿا، جڏهن ته جرارڊ هن ۾ ڪمال جي ٻولي استعمال ڪئي آهي، مثال طور هو لکي ٿو نيل درياهه جون ڇوليون ٻيٽ سان ائين لڳنديون هيون ڄڻ ان سان عشق جو اظهار ڪنديون هجن، يا درياهه ٻيٽ کي ائين جهليو بيٺو هو ڄڻ ڪو غلام ٻانهن تي گلن جي ٽوڪري کنيو ويندو هجي.
هن ڪتاب ۾ ٽيون ناوليٽ راڻي بلقيس ۽ حضرت سليمان جي واقعي جي ري ٽيلنگ آهي، جنهن ۾ هُد هُد پکي کان ويندي ڪيترين ئي عجيب مخلوقن جو ذڪر پڙهڻ لا ملي ٿو، جڏهن ته جنن جا داستان وغيره به پڙهڻ لا ملن ٿا.
هن ٽنهي ناوليٽن ۾ مٿي ڄاڻايل جادوئي حقيقت نگاري جا لڳ ڀڳ سڀئي جز نمايان طور پڙهڻ لا ملن ٿا جهڙوڪر ٽنهي ناوليٽن جي سيٽنگ حقيقي دنيا ۾ رکيل آهي، انهن ۾ ان وقت جي سياسي ۽ معاشي حالتن تي تنقيد ۽ ٺٺول ٿيل آهي. اهڙي ريت سماجي ڍانچي تي به تنقيد ٿيل آهي. ڪهاڻي اندر ڪهاڻين ۾ راوي بدلجيو وڃن، ڪردار جادوئي دنيا ۽ فينٽسي ۾ رهن ٿا، جنهن جو بهترين مثال ٻين ناوليٽ ۾ يوسف ۽ حاڪم جهڙا ڪردار آهن. يوسف کي لڳي ٿو ته هو آسمان تان هڪ پري کي لهندي ڏسندو آهي ۽ ان سان کيس عشق آهي، جڏهن ته حاڪم جي من ۾ وري اهو هلندو آهي ته ڪو هو پاڻ ئي خدا آهي. حاڪم سان ٿيل بغاوت ۽ هن کي چرين سان قيد ڪرائي ڇڏڻ مان ان زماني جي سياسي صورتحال تي ٺٺول ڪيل آهي.
اهڙي ريت ٽين ناوليٽ ۾ بلقيس به ڪيترن ئي هنڌن تي سياسي ۽ رياستي معاملن تي تنقيد ۽ ٺٺول ڪندي رهي ٿي. حضرت سليمان جي مدد لا جن اچن ٿا، هوا هن جي قبضي ۾ آهي. هن جي ملڪ ۾ بت پرستي ٿيڻ لڳي ٿي، ان جي سزا طور هن کان جادوئي منڊي کسجي وڃي ٿي ۽ ان کي سمنڊ ۾ اڇلايو وڃي ٿو، جنهن کان پو حضرت سليمان شيطانن سان جنگ ڪري ٿو. يا هُد هُد پکي جو بلقيس ۽ حضرت سليمان سان ڳالهائڻ ۽ انهن کي شاعري ٻڌائڻ وغيره، اهي سڀ جز جادوئي حقيقت نگاري ۾ استعمال ڪيا ويندا آهن.
هي ڪتاب ايتري ته خوبصورتي ۽ مهارت سان لکيل آهي جو ماڻهو تي پڙهندي پڙهندي سحر طاري ٿيو وڃي ۽ جرارڊ جي طلسماتي ٻولي ۾ گم ٿيو وڃي. هن ڪتاب جي جيتري اهميت 19 هين صدي ۾ هئي اڄ به ان جي ايتري ئي اهميت آهي ۽ منهنجي خواهش آهي ته هن ڪتاب کي سنڌي ۾ ترجمو ٿيڻ گهرجي.
) پورو ٿيو)