پاڪستاني اداڪارا عروا حسين کي ڪاوڙيل ۽ انتهائي مشڪل اداڪارا جو لقب ڏنو ويو آهي. ميڊيا مطابق حنا الطاف ۽ آغا علي سان گڏ شو ۾ شرڪت دوران سوالن جا جواب ڏيندي اداڪار اعجاز اسلم چيو تھ مون ٻڌو آهي تھ عروا حسين ڪم دوران جلد صبر ختم ڪري ڇڏيندي آهي ۽ ڪاوڙ سندس چهري تي نمايان هوندي آهي. چيو وڃي ٿو تھ عروا ڪاوڙ بعد سيٽ تي ماڻهن ۽ هدايتڪار کي مشورا پڻ ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيندي آهي، ساڻس گڏ ڪم ناهي ڪيو، اها منهنجو احترام ڪندي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close