ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

رهائشي اسڪيمن بابت هڪ سٺو فيصلو

Editorial

ملڪ ۾ هائوسنگ اسڪيمن ۾ ڀرمار آهي، جنهن جي ڪري ڏينهون ڏينهن شهرن جي آبادي وڌي رهي آهي، جڏهن به ڪي هائوسنگ اسڪيمون شروع ڪيون وينديون آهن ته جيڪي لازمي گهرجون هونديون آهن، انهن کي پورو نه ڪيو ويندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي مسئلا جنم وٺندا آهن پر ملڪ ۾ ڪيتريون ئي اسڪيمون ته اهڙيون آهن، جيڪي سرڪاري زمينن تي يا وري قبضو ڪري اڏيون ويون آهن، جنهن جي ڪري اهي تڪراري به آهن پر جڏهن به اهڙيون اسڪيمون جڙي راس ٿينديون آهن ته پوءِ اهو قبضو جائز ٿي ويندو آهي. جڏهن ته ڪنهن به تعميراتي اسڪيم دوران پارڪ، راندين جو ميدان ۽ اتي رهندڙ ماڻهن کي پارڪنگ ڏيڻ لازمي هوندي آهي پر انهن سڀني معاملن کي نطرانداز ڪري سموريون اسڪيمون شروع ڪيون وينديون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو اتي رهندڙ ماڻهو پريشان ٿيندا آهن پر شهرن ۾ مسئلا پڻ وڌي ويندا آهن. ان حوالي سان تازو ئي هڪ فيصلو سامهون آيو آهي، جنهن جي آجيان ٿيڻ گهرجي.

سنڌ سرڪار گرميءَ ۾ واڌ سبب ٻوٽا نه لڳائڻ وارين نئين ھائوسنگ اسڪيمز ۽ سوسائٽيز کي ماحولياتي اين او سي نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ماحوليات واري صوبائي وزير اسماعيل راھو جي صدارت ۾ اھم اجلاس ٿي گذريو، جنھن ۾ ڊي جي سيپا نعيم مغل سميت ٻيا آفيسر به شريڪ ٿيا. اسماعيل راھو وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت گرمي ۾ واڌ سبب وڻن جا ٻوٽا نه لڳائڻ وارين نئين سوسائٽيز کي ماحولياتي اين او سي نه ڏيندي، ڪراچيءَ ۾ ٻوٽا پوکڻ وارين نئين سوسائٽيز کي ئي ماحولياتي اين اوسي ڏني ويندي. اسماعيل راھو ڊي جي سيپا کي ھدايت ڏيندي چيو ته گرميءَ ۾ واڌ جي پيش نظر صوبي ۾ رھائشي اسڪيمز لا وڻ لڳائڻ جي نئين پاليسي جوڙي وڃي، نئين رھائشي اسڪيمز کي پھريان گرين بيلٽ بڻائڻ لا زمين مختص ڪرڻي پوندي، جنھن کان پو تعميراتي ڪم جي اجازت ھوندي. ماحوليات واري وزير جو وڌيڪ چوڻ ھو ته وڻ ڪٽيندڙ مافياز خلاف به ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آھي، موسمياتي تبديليءَ جي ڪري پوري دنيا ۾ گرمي جي شدت ۾ واڌ ٿئي پئي. هي هڪ سٺو فيصلو آهي پر هان ضرورت ان تي عمل جي آهي، ان کان اڳ جن به رهائشي اسڪيمن ان ڳالهه کي نظر انداز ڪيو آهي، انهن خلاف به ڪارروائي ٿيڻ گهرجي ۽ ان کان سواءِ ايندڙ وقت ۾ ان فيصلي تي عمل کي يقيني بڻايو وڃي. ڳالهه رڳو گرين بيلٽ جي ناهي پر انهن رهائشي اسڪيمن کي به بند ٿيڻ گهرجي، جيڪي بنا اين او سي جي قائم ڪيون ويون آهن ۽ بلڊر مافيا پلازه مٿان پلازه اڏي رهي آهي. جنهن جي ڪري مسئلن جا انبار لڳي ويندا آهن. تنهنڪري ان پاسي ڌيان ڏيڻ لازمي آهي. هڪ ته گرين بيلٽ لاءِ جاءِ ڇڏڻ لازمي آهي ۽ ٻئي پاسي انهن اسڪيمن کي ماحول دوست ٺاهيو وڃي. انهن سڀني اسڪيمن جو ڊرينيج گهڻو ڪري صاف پاڻي وارن وهڪرن ۾ ڇوڙ ڪيو ويندو آهي، جنهن جي ڪري گدلاڻ وڌي ويندي آهي. جڏهن ڪوبه بلڊر ڪنهن رهائشي اسڪيم تي ايترو خرچ ڪري ٿو ته ان کي پابند بڻايو وڃي ته اهو اتي ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳائي ته جيئن اهو پاڻي وري استعمال ٿي سگهي يا ان جو استعمال وڻن لاءِ ٿي سگهي.
پر هتي ان ڳالهه تي زور ڏنو ويندو آهي ته رهائشي اسڪيمون تيار ڪيون وڃن ۽ باقي ضروري ڳالهين کي نظرانداز ڪيو وڃي ته پوءِ ڪنهن به ريت عوام لاءِ سهوليون پيدا نه ٿي سگهنديون آهن، نتيجي ۾ نه رڳو اتي ماحولياتي تباهي ايندي آهي پر اتي رهندڙ ماڻهو به سک سان ڪونه رهي سگهندا آهن. اسين سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت جيڪڏهن ان فيصلي جي حوالي سان سنجيدگي اختيار ڪري ته ان سان ايندڙ وقت ۾ شهرن کي وڌيڪ فائدو ٿي سگهي ٿو ۽ اسين پنهنجي ماحول کي به بهتر ڪري سگهون. ان کان سواءِ ماحول دوست رهائشي اسڪيمن کي هٿي ڏني وڃي. جنهن سان انساني صحت تي به سٺا اثر پئجي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button