ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

فاشسٽ ڪپتان جي آپگهاتي سياست

Editorial-Article- Ali Muhammad Memon

حڪومت مان نيڪالي ملڻ کان پوءِ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان تي هن عمر ۾ تمام ڏکيو وقت آيل آهي، پارليامان طرفان بي اعتمادي واري رٿ منظور ٿيڻ تي حڪومت وڃائيندڙ ڪپتان جمهوري سياستدان واري چولي مان نڪرڻ ۽ جهاد شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، اهڙي ريت هو هاڻي جهادي سياست سان هٿياربند ۽ پنهنجي آخري منزل ماڻڻ لاءِ آپگهاتي ڪپتان بنجي ويو آهي. اڳوڻو وزير اعظم عمران خان سندس مخالف ڌرين جي تحريڪن کي پنهنجي حڪومت خلاف سدائين خطرو سمجهندو رهيو ۽ مخالف سياستدانن کي گرفتار ڪرائي جيلن ۽ ٿاڻن ۾ اذيتون ڏياري راحت ۽ سڪون محسوس ڪندو رهيو آهي. يقينن ڪپتان خان پنهنجي حڪمراني واري دور ۾ هو پنهنجي حڪومت جي خاتمي جي خوف جو پڻ شڪار رهيو، هو اڪثر اهو چوندو رهيو ته، مون کي هٽايو ويو ته وڌيڪ خطرناڪ ٿي ويندس. اهڙي ريت، گذريل ڏينهن جهلم ۾ ڪيل جلسي ۾ تقرير دوران پڻ هن اها ئي ڳالهه ورجائي آهي. بلڪل، هاڻي ائين ئي نظر اچي رهيو آهي ته پي ٽي آءِ جو ڪپتان خان ملڪ ۽ قوم لاءِ وڏو مٿي جو سور بنجي رهيو آهي، هو نه فقط ملڪ جي ادارن پر نئين وفاقي حڪومت لاءِ پڻ تمام گهڻو هاڃيڪار ٿي سامهون اچي رهيو آهي. پي ٽي آءِ جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان طرفان پنهنجي ڪارڪنن ۽ ڪپتان جي ديوانن کي لکن جي انگ ۾ 20 مئي تي لانگ مارچ ذريعي اسلام آباد ۾گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏنو آهي، رانديگرن واري هن جماعت جي منصوبي سازن جي ذهنن ۾ انهي لانگ مارچ کي خوني مارچ بنائڻ وارا پڻ اڳ ئي اعلان ڪيا ويا آهن. خدا خير ڪري!
اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي ڏاڍ، ڏهڪاءُ واري حڪمراني ذريعي اڳتي به وڌيڪ پنج کان ڏهه سال حڪومت ڪرڻ جا شيخ چلي وارا خواب ۽ هٽلر ثاني وارا سمورا منصوبا ائين خاڪ ۾ ملي ويندا، اهو رانديگرن واري ڪلب طرفان شايد سوچيو به نه ويو هو. پر ملڪ جي مالڪ قومن ۽ انهن جي سياسي قيادت ۽ ادارن ۾ آخرڪار جهڙي ريت اتفاق قائم ٿيو، ان عمل جا معجزن جهڙا نتيجا پيدا ٿي ويا. دلچسپ واقعا اهي ٿيا جو سموري ملڪ کي مکڻ وانگر ڳڙڪائڻ جا خواب ڏسندڙ ۽ گهاٽ گهڙيندڙن حڪومت کي پارليمان ذريعي ۽ آئيني طريقي سان جهڙي ريت، نيڪالي ڏني وئي اهو بلڪل اهڙو ئي منظر هو جيئن، “مکڻ مان وار کي ڪڍي اڇلايو ويندو آهي.” اڳوڻن اڙيڪاپ حڪمرانن سان اهو لقاءُ ٿيندو، اهو معاملو هنن رانديگرن لاءِ يقيني طور تي وڏن صدمن جو سبب بنجي ويو آهي، حڪومت جو ائين بدمست ڪپتان جي هٿان نڪري وڃڻ ۽ سندن ٻئي هٿ ڌوڙ ۾ پوڻ يقينن انهن صدمن جا هنن جي دل ۽ دماغن تي تمام گهڻا ناڪاري اثر پيا آهن. جنهن جي نتيجي ۾ جمهوريت کي مڃڻ ۽ پارليامان جي اڪثريت جي فيصلي کي سلام ڪرڻ بدران، هو ملڪ ۽ قوم جي مفادن خلاف جهادي ڪپتان بنجي چڪو آهي ۽ پنهنجي آپگهاتي سياست سان سموري ملڪ ۽ ان جي سرشتي کي تباهه ڪرڻ واري هاڃيڪار ۽غير ذميوارڻي سوچ جي بلندين تي وڃي رهيو آهي.

ٻئي پاسي، پارليامان جو اعتماد وڃائڻ کان پوءِ اڃا تائين ملڪ جي آئيني عهدن تي موجود پي ٽي آءِ جا عهديدار هن وقت پنهنجا آئيني فرض وساري وفاق ۽ صوبن ۾ حڪومتن خلاف سرگرم آهن ۽ ملڪ جي جمهوري ۽ پارليماني سرشتي خلاف ڏينهن رات ڪارروايون ڪري ڏٺا ٿي رهيا آهن. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾اڳوڻي وزير اعظم عمران خان خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور ڪيو ويو ۽ جاري اجلاس ۾ صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي ۽ پنجاب جي برطرف ڪيل گورنر عمر سرفراز چيما جي پنجاب ۾ حڪومت جي تبديلي واري آئيني عمل خلاف ڪارروايون ڪرڻ کي غير آئيني قدم قرار ڏنو ويو ۽ پنجاب ۾نئين وڏي وزير ۽ گورنر پنجاب جي تبديلي واري عمل تي تمام گهڻا تڪرار پيدا ڪيا ويا. آخرڪار پنجاب ۾ عثمان بوزدار جي استعيفيٰ کان پوءِ حمزه شهباز کي وڏو وزير چونڊيو ويو ۽ پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيما کي پڻ عهدي تان هٽايو ويو آهي پر تنهن هوندي به وفاق ۽ صوبن ۾ غيريقيني ۽ ڳڻتي واري حالت ضرور محسوس ڪئي پئي وڃي.
اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي گذريل چئن سالن واري حڪومت ۾ پنهنجن سياسي مخالفن ۽ اختلاف ڪندڙ شخصيتن سان جهڙي ريت انتقامي ڪارروايون ڪيون ويون ۽ بي رحمي وارو سلوڪ ڪيو ويو، ثبوتن بنا ڪيس ٺاهي کين جيلن ۾ قيد ۽ بند رکڻ وارو سلسلو شروع ڪيو ويو. يقينن اهو افسوسناڪ ۽ اڻوڻندڙ ڪم ئي عمران خان واري حڪومت جون پاڙون پٽڻ جو سڀ کان وڏو سبب بنجي ويو. هاڻي وقت جو ڦيٿو ڦرڻ سان عمران خان واري حڪومت جي خاتمي ۽ مخالف ڌر بنجڻ ۽ سندس شڪار ٿيندڙ اڳوڻي مخالف ڌر جو حڪمران ٿيڻ کان پوءِ ڪپتان خان ۽ سندس جماعت ۽ حامين کي مقدمن ۽ قانون قدرت جي سزائن کان خوف ۽ ڏڪڻي واري حالت ڇانيل آهي. ڪپتان خان، سندس اڳوڻو گهرو وزير شيخ رشيد ۽ ٻيا ڪهاڙا خان هاڻي پاڻ کي پنهنجن ڪيس ۾گرفتار ٿيڻ ۽ جيلن ۾ وڃڻ واري خوف کان ايترا ته خوف ۾ ورتل آهن جو هو ملڪ ۾ هنگاما ۽ رتوڇاڻ ڪرائي پاڻ بچائڻ واري جدوجهد ۾ رڌل نظر اچي رهيا آهن. ملڪ ۾ پيدا ٿيل هن قسم جي هاڃيڪار صورتحال تي قومي اسيمبليءَ جي اجلاس طرفان اڳوڻي وزير اعظم عمران خان خلاف مذمتي ٺهراءُ به منظور ڪيو ويو آهي ۽ وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عمران خان جي زبان کي روڪڻو پوندو نه ته ملڪ وڌيڪ ورهائجي ويندو. يقينن ملڪ ۾ پيدا ٿيل تازي صورتحال تمام گهڻي هاڃيڪار ۽ ملڪ ۽ قوم لاءِ نقصانڪار آهي جو جمهوريت جي انتقام جو شڪار ٿيل هڪ فاشسٽ حڪمران هاڻي ملڪ، پارليامان، ملڪ جي جمهوري سرشتي ۽ عوام خلاف آپگهاتي بمبار بنجي ويو آهي، جنهن کي روڪڻ ۽ سوگهو ڪرڻ ضروري ٿيندو پيو وڃي.
ملڪ جي نئين وزير اعظم ميان شهباز شريف کي هڪ سٺي منتظم ۽ ٿڌي دماغ واري منتظم واري مشهوري ضرور حاصل آهي ۽ وفاقي ڪابينا ۾ ملڪ جا وڌ ۾ وڌ تجربيڪار ۽ سمجهدار وزير ۽ ماهر شامل آهن. هن اتحادي حڪومت ۾ ملڪ جون مقبول جمهوري جماعتون ۽ انهن جي قيادت پڻ شريڪ ۽ شامل آهي. تنهن هوندي به ملڪ جي تباهه حال صورتحال کي منهن ڏيڻ ڪا آسان ڳالهه ناهي. حڪومت ۽ اتحادي جماعتن وٽ سڀ کان اولين ڪم ملڪ جو جمهوري سرشتو بچائڻ ۽ لازمي چونڊ سڌارا مڪمل ڪرڻ سان گڏ ملڪ جو ايندڙ سال جو بجيٽ تيار ڪري ملڪ کي پٽڙي تي چاڙهڻ وارا ڪم آهن. ان کان سواءِ ڪجهه رياستي ادارن جي اهم عهديدارن جي مقرري وارا اهم فرض پورا ڪرڻ اهي بنيادي ڪم آهن. جنهن سان ملڪ جي پٽڙيءَ تان لٿل گاڏيءَ کي وري مٿي چاڙهي حالتن کي بحال ڪرڻ اهم فرض آهن. انهن ذميوارين تي پورو لهڻ ضروري آهي. ان کان پوءِ ئي ايندڙ سال 2023ع ۾ ملڪ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ پنهنجي قيادت ۽ جماعتن سان عزت ۽ امن سان شامل ٿي سگهندا. تنهن هوندي به وفاقي حڪومت کي ڪنهن به قسم جي دٻاءُ ۽ بليڪ ميلنگ جو شڪار ٿيڻ نه گهرجي. حڪومت کي فتني ۽ فسادن واري سياست واري صورتحال کي منهن ڏيڻ گهرجي ۽ آپگهاتي رانديگرن آڏو پنهنجا گوڏا کوڙڻ بدران اڳتي وڌي ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ گهرجي ۽ ملڪ ۾ مهانگائي، بيروزگاريءَ کي گهٽائڻ ۽ عوام جي زندگين کي آسان بنائڻ واري ڪيل پنهنجن واعدن کي پورو ڪرڻ تي پنهنجي سمورو ڌيان ڏيڻ گهرجي. يقينن ملڪ کي بچائڻ، سنڀالڻ ۽ آئيني، جمهوري سرشتي کي سگهارو ڪرڻ ۽ بحال ڪرڻ جو اهو ئي وقت آهي. ملڪ ۾ ايندڙ سال ٿيندڙ عام چونڊن ۾ پڻ عوام طرفان ان بنياد تي ئي پنهنجي نئين حڪومت ۽ قيادت جي چونڊ پڻ ٿيڻي آهي. تنهنڪري هن وقت جيڪا پوک پوکي ويندي اها ئي وڌي وڻ ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button