سريلنڪا (قديم سيلون) ڏکڻ ايشيا جو هڪ جزيري وارو ملڪ آهي. سريلنڪا هندي وڏي سمنڊ ۾ واقع آهي ۽ ننڍي کنڊ کان گلف آف مَنار ۽ پلڪ اسٽريٽ کان الڳ ڪيل آهي. هي هڪ گهڻ نسلي، گهڻ مذهبي ۽ گهڻ ثقافتي ملڪ آهي.
جولاءِ 2021ع ۾ سريلنڪا جي آدمشماري ٻه ڪروڙ چوڏهن لک ستانوي هزار ٽي سئو ڏهه هئي، جنهن ۾ لڳ ڀڳ پنجهتر سيڪڙو سنهالي نسل، يارهن سيڪڙو سريلنڪائي تامل، نو سيڪڙو مُور، پنج سيڪڙو ڀارتي تامل آدمشماري موجود آهي. جڏهن ته برگهر، ملائي، چيني ۽ ٻيا نسل پڻ موجود آهن. مذهبن ۾ هتي ستر سيڪڙو کان مٿي ٻڌ مت، ٻارهن سيڪڙو کان مٿي هندو مت، ۽ ڏهه سيڪڙو کن مسلمان آبادي موجود آهي. جڏهن ته عيسائيت سميت ٻيا ننڍا مذهب پڻ موجود آهن.
معيشت جو عروج ۽ زوال:
سال 2005 کان 2011ع جي وچ ۾ سريلنڪا جي في ماڻهوءَ جي سراسري آمدني ٻيڻي ٿي وئي هئي. ساڳئي عرصي دوران غربت جي شرح 15 ڏهائي 2 سيڪڙو کان 7 ڏهائي 6 تائين گهٽجي وئي هئي. بيروزگاريءَ جي شرح به 7 ڏهائي 2 سيڪڙو کان 4 ڏهائي 9 تائين گهٽجي وئي هئي. هينئر سريلنڪا جا نوي سيڪڙو گهر بجليءَ جي سهولت ماڻيل آهن، ستياسي سيڪڙو آباديءَ کي صاف پاڻي ملي ٿو.
سال 2016ع کان ملڪ جو قرض وڌڻ لڳو. ترقياتي ڪمن جي تيزيءَ سبب ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ تي وڃي پهتو جنهن سبب سريلنڪا کي عالمي مالياتي اداري IMF کان ڏيڍ ارب ڊالرن جو قرض بيل آئوٽ ۾ وٺڻو پئجي ويو هو. سريلنڪا معيشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ گهربل شرطن کي پورو ڪرڻ جي ذميواري کنئي. ان ئي سال جي آخر تائين ٽوٽل قرض پنجهٺ ارب ڊالرن تائين وڃي پهتو هو.
سيپٽمبر 2021ع ۾ سريلنڪا معاشي مسئلن ۽ مونجهارن ۾ ڦاٿل هئڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. انهن مونجهارن هلندي ملڪ جي مرڪزي بئنڪ جي چيف عهدو ڇڏي ڏنو. پارليامينٽ ان حالت کي سامهون رکندي کاڌو ذخيرو ڪرڻ تي پابندي مڙهيندي ملڪ ۾ ايمرجنسي قانون لاڳو ڪري ڇڏيو.
نامياتي زراعت واري منصوبي سبب کاڌي جي قيمتن ۾ واڌ ۽ عوامي احتجاجن سبب نومبر 2021ع ۾ سريلنڪا دنيا جو پهريون نامياتي فصل پوکيندڙ ملڪ ٿيڻ تان هٿ کڻي ڇڏيو. ڊسمبر 2021ع تائين زراعت کي پهچندڙ نقصان آخري حد تي پهچي چڪو هو. مخصوص فصلن جي پوک لاءِ زرعي ڀاڻ ۽ دوائن تان پابندي کنئي وئي پر عالمي منڊيءَ ۾ تيل ۽ گئس جي قيمتن ۾ واڌ سبب يوريا جي قيمتن ۾ واڌارو اچي ويو.
موجوده معاشي ۽ سياسي حالتون:
سريلنڪا جي حالتن تي گذريل چئن کان ڇهن مهينن تي نظر ڦيرائڻ سان خبر پوي ٿي ته پيٽرول وٺڻ لاءِ پيٽرول هر پمپ تي ڪيترا ئي ڪلوميٽر ڊگهيون قطارون لڳل رهيون، اسپتالن ۾ دوائون ختم ٿي ويون، خوراڪ جون ڪيتريون ئي شيون اڻلڀ ٿي ويون، ڊالر جي ڀيٽ ۾ سريلنڪا جو سڪو پنهنجو پنجاهه سيڪڙو قدر ڪيرائي ويٺو، ملڪ تي لڳ ڀڳ ايڪونجاهه ارب ڊالر جو قرض چڙهي ويو آهي، گذريل مهيني سريلنڪا قرض جي قسط نه ڏئي سگهڻ سبب ڏيوالو نڪتل defaulter قرار ڏنو ويو آهي. سريلنڪا جي اهڙين ابتر ۽ ڏکوئيندڙ حالتن سبب ڀارت پاران خوراڪ ۽ دوائون خريدڻ لاءِ سريلنڪا کي ٻه مهينا اڳ ڏيڍ ارب ڊالر قرض ڏنو ويو. چين پاران انساني بنيادن تي ٽيھه ملين ڊالر جي امداد ڏني وئي. ملڪي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ سريلنڪا پاران جاپان، ايشين ڊيولپمينٽ بئنڪ، عالمي بئنڪ، عالمي مالياتي اداري ۽ آمريڪا کان قرض وٺڻ لاءِ ڳالهيون جاري رهيون. آمريڪا پاران سريلنڪا جي پرڏيهي وزير کي جواب مليو ته اوهان وٽ سياسي استحڪام ٿيو ته اسان قرض ڏينداسين. جڏهن ته موجوده حالتن سان منهن ڏيڻ لاءِ سريلنڪا جي خزاني ۾ فقط پنجاهه ملين ڊالر رقم موجود آهي.
سريلنڪا جي انهن ابتر حالتن سبب مخالف ڌر صدارتي محل ۽ وزيراعظم هائوس ٻاهران پرامن ڌرڻا هڻي ويهي رهيا. دٻاءُ وڌڻ سبب وزيراعظم مهندرا راجا پڪسا استعيفيٰ جو اعلان ڪيو. پر ان تقرير دوران هو پنهنجي حمايتين سان مخاطب ٿيندي کوڙ جذباتي ٿي ويو جنهن سبب سندس حمايتي ڏنڊا ۽ لوهي شيخون کڻي ڌرڻو هڻندڙن تي ڪڙڪي پيا. نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين ۾ ويڙهه شروع ٿي وئي. شروعاتي خبرن موجب وڳوڙن ۾ ست ڄڻا مارجي ويا جن ۾ ٻه پارلياماني ميمبر پڻ آهن. جڏهن ته اڍائي سئو ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ان دوران مخالف ڌر وارا وزيراعظم هائوس جا در ڀڃي اندر گهڙي ويا جنهن دوران سريلنڪا فوج وقت تي عملي قدم کڻندي مستعفي وزيراعظم مهندرا راجا پڪسا ۽ سندس خاندان کي بچائي ورتو. (اهو ياد رهي ته راجا پڪسا ٻه ڀيرا سريلنڪا جو صدر پڻ رهي چڪو آهي.)
معاشي ناڪاميءَ جا سبب:
سريلنڪا ڪڏهن ته معيشت ۾ ايشيا جو سڀ کان تيز ترقي ڪندڙ ملڪ هو. هينئر اهو ملڪ 50 ارب آمريڪي ڊالرن کان به وڌيڪ جو قرضي ٿي ويو آهي. سال 2018ع ۾ سريلنڪا جي (per capita income) في ماڻهو آمدني 4089 ڊالر هئي، ان سال انڊيا جي في ڪس آمدني 1997 ڊالر ۽ پاڪستان جي في ڪس آمدني فقط 1482 ڊالر هئي. پر هر عروج کي زوال آهي، دنيا جو دستور طاقت جي چرخي ۾ ڦرندو رهي ٿو.
سريلنڪا جو زوال ڪيترن ئي سياسي ۽ معاشي ماهرن کان اڳڪٿي ڪيو ويو هو. هتي سريلنڪا جي معيشت جي زوال جا ڪجھه اهم سبب پيش ڪجن ٿا.
- گهڻي مهانگائي: سريلنڪا جي هاڻوڪي مهانگائيءَ جي شرح لڳ ڀڳ 30 سيڪڙو آهي. جڏهن ته مهانگائيءَ جو عام معيار ٻه کان ڇھه سيڪڙو سمجهيو ويندو آهي.
پر سوچڻ جي ڳالهھ اها آهي ته ڇا مهانگائي ٻين حالتن سبب ٿي يا ٻيون حالتون مهانگائي سبب ٿيون؟ ان بابت مڪمل يقين سان ڪجهھ نه ٿو چئي سگهجي ته پهرين ڇا ٿيو. پر جڏهن هن قسم جون معاشي ناڪاميون واقع ٿين ٿيون ته بنياد ڳولڻ جو ڪا واضح نقطو نظر نه ايندو آهي. سريلنڪا جو سِڪو ڪرندو رهڻ ڪري به ان ملڪ لاءِ سٺا سنوڻ نظر نه ٿا اچن. - نااهل اڳواڻ: سريلنڪا تي گذريل ڪيتري ئي عرصي کان هڪ ئي خاندان پڪسا گهراڻي جي حڪومت آهي. (سريلنڪا ۾ گذريل پنجهتر سالن کان ٻن خاندانن نائيڪي خاندان ۽ پڪسا خاندان جي حڪومت رهي آهي.) پڪسا خاندان سنهالي Sinhalese ماڻهن جا جذبا ڀڙڪائي ووٽ وٺندو رهيو آهي. انهن سريلنڪا کي عروج به ڏيکاريو پر بعد ۾ سندن غلط فيصلن مسئلا پيدا ڪري وڌا ۽ سموري ترقي تباهيءَ ۾ تبديل ٿي وئي.
- اوچتي پکڙيل وبا: سريلنڪا نومبر 2019ع ۾ ويليو ائڊيڊ ٽئڪس اڌ تائين ڪٽي ڇڏيو هو. چئن مهينن کانپوءِ ڪورونا وبا اچي ڦهڪي. جيئنَ ته حڪومتي آمدني اڌ ڪٽجي وئي هئي، ان ڪري وبا جي ڏينهن ۾ حڪومت تي دٻاءُ وڌي ويو.
وبا سبب سريلنڪا جي سياحت تي پڻ گهرا ناڪاري اثر پيا. اهو ياد رهي ته سريلنڪا جي سياحت ملڪ جي 12 سيڪڙو آمدنيءَ جو ذريعو آهي. سال 2010ع ۾ نيويارڪ ٽائمز پاران محفوظ سياحت لاءِ تجويز ڪيل 31 ملڪن ۾ سريلنڪا سڀ کان پهرئين نمبر تي هو. ايسٽر ڏهاڙي ٿيندڙ بم حملن ۽ وبا جي گڏيل اثرن سريلنڪا جي سياحت کي تباهه ڪري ڇڏيو. - اڻ وقتائتا فيصلا: ٿورو تصور ڪيو ته ڪو ملڪ هيٺيان فيصلا ڪري ٿو:
• ملڪ ۾ 100 سيڪڙو نامياتي (ڪيميائي يا زهريلين دوائن ۽ ڀاڻ کان پاڪ) فصل پوکڻ
• محصول tax وٺڻ اڌ تائين گهٽائي ڇڏڻ ته جيئنَ ٻاهرين ملڪن سان واپار ڪرڻ ۽ تعلقات ٺاهڻ ۾ سولائي پيدا ٿئي.
هي فيصلا ڪنهن به ملڪ لاءِ سٺا نظر نه ٿا اچن پر سريلنڪا ۾ ائين ٿيو.
نتيجي ۾ نامياتي زراعت سبب فصلن جي اپت ۾ لاٿ آئي ۽ سريلنڪا کي گهربل شيون ٻاهران گهرائڻيون پيون. ان سان گڏ آمدني پڻ گهٽجي وئي. حڪومت وٽ بچيل دولت نه هئڻ سبب قرض جو ڦندو شروع ٿي ويو. جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته فيصلي جو وقت فيصلي کان به وڌيڪ اهم هجي ٿو. - قرض جا ڦندا: سريلنڪا اهڙن منصوبن لاءِ قرض کنيا جيڪي غيرضروري ۽ گهڻا مهانگا هئا. ان جو مثال ائين ڏجي ته:
Huge loans -Big projects-Low revenue -Debt problems.
يعني وڏا قرض کڻي جيڪڏهن وڏا ۽ غيرضروري منصوبا شروع ڪبا ته اپت گهٽ ملندي ۽ نتيجي ۾ قرض لاهڻ مسئلو ٿي ويندو.چين تي اهي الزام لڳي رهيا آهن ته چين هن صورتحال مان سياسي-جاگرافيائي فائدو ورتو ۽ پنهنجن مقصدن کي وڌيڪ پکيڙيو. معاشي طور طاقتور ملڪن جو زوال خراب حڪمرانيءَ جي اثرن ۽ بيڪار فيصلن کي چٽو ڪري ٿو. اهڙا سبق ٻين ملڪن کان سختيءَ سان سکيا وڃڻ گهرجن. جيڪڏهن اسين انهن سبقن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته اسان پنهنجي مٿان ايندڙ الميي کان بچي سگهنداسين. فساد 9 مئي تي شروع ٿيا ۽ وزيراعظم مستعفي ٿيو. 11 مئي تي صدر گوٽابايا راجا پڪسا تقرير ڪندي چيو ته “پارليامينٽ هفتي اندر نئون وزيراعظم چونڊيندي.”
تازو ئي نئين چونڊيل وزيراعظم رنيل وڪرما سنگهي چيو آهي ته “اسان مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهيون ۽ اسان کي انهن مان نڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان وٽ معاشي منصوبو آهي ۽ جلد ئي اهم وزير مقرر ڪيا ويندا. مان معيشت کي مٿي کڻندس.”
ان سان گڏ اهي خبرون به سامهون آيون آهن ته 17 مئي تي صدر گوٽابايا راجاپڪسي خلاف عدم اعتماد جي رٿ پڻ آندي ويندي.