ادبي لحاظ کان جان شهر ۾ سرگرم هوندو هو. ڪراچي سنگت کانسوا هو سنگت لياري ۽ ملير جي سنگت جي گڏجاڻين ۾ پڻ شريڪ ٿيندو هو. پر هو رڳو سنڌي ادبي سنگت تائين محدود نه هو ۽ نه ئي سندس واسطو رڳو سنگت جي دوستن سان هوندو هو. شهر ۾ مختلف ٻولين جي اديبن ۽ انهن جي تنظيمن سان به واسطي ۾ هوندو هو. ملير ۾ بزم علم و دانش، شهر ۾ عوامي ادبي انجمن، انجمن ترقي پسند مصنفين ۽ ڪراچي پريس ڪلب جي ادبي ڪاميٽي سان سندس ويجھو لاڳاپو هوندو هو. هو اهڙن اردو جي صحافين جهڙوڪ نعيم آروي، زيب اذڪار حسين ۽ اسرار شاڪي، جيڪي ساڳي وقت ليکڪ به هوندا هئا، جي وڌيڪ ويجھو هوندو هو ۽ انهن سان ملڻ لا اڪثر ڪراچي پريس ڪلب ويندو هو.
جان ۽ اسان ڪجھه دوستن جو اهو موقف هوندو هو ته پاڻ کي ڪراچي شهر جي ادبي ماحول جو حصو ٺاهجي ۽ ٻين ٻولين جي خاص ڪري ترقي پسند تنظيمن سان سهڪار ڪري ڪم ڪجي. ترقي پسند مصنفين جي گولڊن جوبلي ڪانفرنس ۾ پڻ هن هڪ سرگرم ڪردار ادا ڪيو. ان مقصد لا جيڪڏهين ڪڏهين ڪنهن ٻي تنظيم جي خاص پروگرام لا سنگت جي دستوري گڏجاڻي کي ملتوي ڪرڻو پوندو هو ته اهو به ڪندا هئاسين. سنگت جا ڪجھه دوست ان ڳالهه جي حق ۾ نه هوندا هئا پر اسان جو دليل اهو هوندو هو ته ائين ڪرڻ سنگت جي پنهنجي فائدي ۾ آهي ۽ پنهنجي ڏيڍ سر جي مسيت ٺاهڻ سان سوائي خساري جي ٻيو ڪجھه به حاصل نه ٿيندو. سنگت ڪراچي شيخ اياز سان فنافس ِاينڊ ٽريڊ سينٽر ۾ جيڪو پروگرام ڪيو هو ان وقت جان ڪراچي سنگت جو سيڪريٽري ۽ ان پروگرام جي مک انتظام ڪندڙن ۾ شامل هو.
ڪراچي جو اهو ادبي ۽ صحافتي ماحول جان جي لا گھڻو فائديمند ثابت ٿيو ڪراچي جان جي تخليق ۽ سندس شخصيت کي ٺاهڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن هتي سڀني ڏکيائين کي منهن ڏنو. هن مختلف ٻولين ۽ پسمنظر سان واسطو رکندڙ نوان دوست ٺاهيا ۽ شهر جي مختلف ڪيفيتن کي پنهنجين ڪهاڻين ۽ شاعري ۾ چٽيو. هو شايد اهڙن ٿورن سنڌي تخليقڪارن ۾ شامل آهي جن شهر جي ادبي، سياسي ۽ سماجي زندگي سان پاڻ کي هم آهنگ ڪيو. سندس گھڻا نظم ۽ ڪهاڻيون ڪراچي جي دور جا ئي لکيل آهن. ان ڳالهه کي خاص طور نوٽ ڪرڻ گھرجي ته هو ستر ۽ اسي جي ڏهاڪن ۾ ڪراچي آيل گھڻن سنڌي اديبن جيان اڪيلائي ۽ نراسائي جو شڪار ٿي وجوديت ڏانهن نه ڌڪجي ويو. پر هن هميشه اميد ۽ جدوجهد جو دڳ ورتو.
اها ته حقيقت آهي ته ڪراچي جو شهر هڪ ما وانگر ڪنهن ٻولي ۽ نسل جي فرق کانسوا هر ڪنهن کي پنهنجي ڇاتي سان لائيندو آهي. هي شهر ڪنهن کي به لوڌي نه ٿو ڪڍي پر ساڳي وقت شهر جون پنهنجون گھرجون آهن. هڪ وڏي شهر جي گهما گهمي، فاصلا ۽ دٻا آهن جيڪي ڪڏهين ڪڏهين سهڻ جوڳا ناهن به هوندا. جان هڪ ڊگھو عرصو هتي گذاريو. سندس لا اهو ئي ڄڻ سندس ڳوٺ ۽ شهر هوندو هو. هو ورلي ڪو پنهنجي ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي ويندو هو. هتي هو ساڳي وقت پنهنجن ڀاڻيجن ۽ ٻين مائٽن لا هڪ ڀرجھلو به هوندو هو. هڪ ڀيري سندس ڪو مائٽ ڪراچي ۾ وڃائجي ويو هو. مون کي بس ۾ گھر ويندي جان جناح اسپتال جي فٽ پاٿ تي نظر آيو. مون جڏهين کانئس ان جي پڇا ڪئي ته ان مائٽ جي ڳولها جو قصو ٻڌايائين ۽ نيٺ ان همراهه کي ڳولهي هٿ ڪيائين.
ماڻهو هڪ حد تائين اهو سڀڪجھه سهي سگھندو آهي. ڪجھه عرصي کانپو جان کي دل جي تڪليف ٿي پيئي ۽ ان کي اسپتال داخل ڪرايو ويو. ڊاڪٽرن پاران بائي پاس جو چيو ويو. هڪ ٻن ڏينهن کانپو خبر پيئي ته هو پنهنجي ليکي اسپتال مان هليو ويو هو. دوستن ۽ مائٽن پاران کيس ائين نه ڪرڻ لا چيو ويو هو.. پر سندس چوڻ هو ته هو يوگا جي مشقن وسيلي ٺيڪ ٿي ويندو. هو مختلف ماڻهن جا مثال ڏيندو هو ته اهي آپريشن ٽيبل تان ڀڄي ويا ۽ يوگا جي مشقن وسيلي پنهنجو علاج ڪيائون ۽ هن وقت انهن مان ڪجھه يوگا ماسٽر آهن. ان سان گڏوگڏ هن حڪيمن ۽ ديسي دوائن جو استعمال شروع ڪيو. ان جو ٻيو حل هن اهو ڪڍيو ته ڪراچي جي ماحول مان نڪري حيدرآباد هليو ويو جتي ڪراچي واري هڻ هڻان ۽ دٻا به نه هو ۽ ٻار ۽ پاڻ پنهنجي ڳوٺ جي ويجھو به هئا. پر آئون سمجھان ٿو ته ڪراچي سندس شعور ۽ لاشعور جو هڪ اهم حصو هو ۽ سندس تخليقن ۾ ان جو هڪ اهم ڪردار هو.
هو يوگا جي حوالي سان مختلف ويڊيوز ۽ فلمون ڏسندو هو ۽ دوستن سان صلاحون ڪندو هو. هو پنهنجي شهر ۾ هجي يا شهر کان ٻاهر هجي پر صبوح ساجھر اٿي يوگا جون مختلف مشقون ڪندو هو.
جان جي سڃاڻپ بنيادي طور هڪ صحافي واري هئي. سنڌي اخبارن ۾ ڪم ڪرڻ کانپو هو هڪ ڊگھي عرصي کان جنگ گروپ جي انگريزي اخبار دي نيوز سان لاڳاپيل هو. سندس خاص شعبو سنڌ جي زراعت ۽ ماحوليات هو. سندس اسٽوريز جي خاص ڳالهه اها هوندي هئي ته باقاعدي آبادگارن، زرعي ماهرن ۽ لاڳاپيل ماڻهن سان لهه وچڙه ۾ ايندو ۽ سرزمين تي وڃي اتي حالتن جو جائزو وٺي پو ڪا به اسٽوري ٺاهيندو هو. ان ڪري سندس اسٽوريز منفرد هونديون هيون ۽ انهن ۾ روايتي پڻو نه هوندو هو. ان ڪري ئي هو ماحوليات جي شعبي ۾ پنهنجي هڪ حيثيت مڃرائي چڪو هو. ان حيثيت ۾ ئي هڪ فري لانسر طور ڪجھه اين جي اوز سان پڻ ڪم ڪندو هو. هن ڪجھه ٻاهرين ملڪن جا دورا به ڪيا هئا ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هن جو اڪثر اچڻ وڃڻ ٿيندو رهندو هو.
سندس پهريون شائع ٿيل ڪهاڻين جو مجموعو گم ٿيل ماڻهو جو سفرنامو 1996، ان جي اٽڪل ويهه سالن کانپو 2016 ۾ سندس شاعري جو مجموعو خوابن جي موسم جو هڪ گيت ۽ 2017 ۾ سندس ٽيون ڪتاب ۽ ڪهاڻين جو ٻيون مجموعو خوابن جو عجائب گھر شائع ٿيا. سندس لکڻ جو عمل لاڳيتو هلندو رهندو هو. مختلف سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس مضمون شائع ٿيندا رهندا هئا.
پنهنجي رهائش وغيره جي لحاظ کان جان ڪنهن هڪ جا تي گھڻو عرصو نه رهيو هو پر ان جي باوجود وٽس سنگت ڪراچي جو نه رڳو سندس سيڪريٽري هئڻ واري دور پر ان کان اڳ ۽ پو جو به گھڻو ريڪارڊ موجود هو جيڪو هو وقت بوقت مون سان شيئر ڪندو رهندو هو.
ماڻهو کي موٽائي نه ٿو سگھجي. سندس وڇوڙو يقينن سندس ٻارن ۽ مائٽن لا هڪ وڏو نقصان آهي پر ساڳي وقت سندس دوستن لا به هڪ ڏک جو باعث آهي. سندس وڃڻ سان آئون پنهنجي پاڻ ۾ هڪ خال محسوس ڪيان ٿو جنهن جي ڀرجڻ ۾ شايد گھڻو وقت لڳي ۽ اهو به ممڪن آهي ته اهو ڀرجي نه سگھي جيئن گھڻن دوستن ۽ مائٽن جي حوالي سان ٿيو آهي.
)پورو ٿيو)