هن خطي جي بدترين بحرانن جو وڏو الميو هي رهيو آهي ته هتي سياست نظرئي ۽ فڪر جي بنيادن تي نالي ماتر يا تمام ننڍڙي پيماني تي پنهنجا قدم وڌائي سگھي آهي پر هتي سياسي نفرتون، مذهبي نفرتون ۽ گروهي نفرتون شديد ٽڪرائن جي صورت ۾ سائيڪلون جيان هن خطي جي سماج کي وقتن به وقتن پنهنجي لهرن جي لپيٽ ۾ آڻيندي ۽ ٻوڙيندي رهي آهي. نفرتن جي اها تاريخ هزارين سالن جي ڊگھي تاريخ آهي پر ان جي واڌ ويجهھ هر وقت ٻاهرين حملا آورن پنهنجي مفادن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ وڏي پيماني تي ڪئي ۽ هن وقت تائين اهو ڪلچر يا انهيءَ جا فائده اهي ئي گروھه حاصل ڪندا رهيا آهن جن جو مقصد عوام جي ترقي، خوشحالي، امن ۽ هم آهنگي جي بجاءِ وڙهايو، ورڇ ڪيو ۽ پوءِ حڪومت ڪيو ۽ مفادات حاصل ڪريو آهن. اهو ٻج ۽ نعرو ايتري حد تائين وڌايو جو انهيءَ کي باقاعده مذهبي عقيدن جي بنيادن ۾ داخل ڪيو ويو ۽ تسلسل سان اهو عمل وڌندي نظر آيو. پوري دنيا جي تاريخ پنهنجي دورِ جهالت ۾ انهن روين ۽ بنيادن تي رهي پر اڳتي هلي ڪري قومن جي تعمير ۽ ترقي لاءِ جڏهن فڪري بحث مباحثا اڳتي وڌيا ته پوءِ نسلي مذهبي تعصبن جي ورڇ کي ڪڍندي سياست مان به اها ورڇ ختم ڪندي امن ۽ ترقي جي لاءِ عدم تشدد ۽ نظرئي جا اصول مرتب ڪيا ويا پر انهن ترقي يافته ملڪن پنهنجي ڪالونيل دور ۾ انهن خطن تي نفرتن جو اهوئي هٿيار استعمال ڪيو، جيڪو انهن جي پنهنجي معاشري کي تباهھ ڪندو رهيو هو، ڇو ته کين خبر هئي ته معاشري جي وحدت امن ۽ سڪون لازمي طور تي قومي ايڪي ۽ ترقي جي اصول کي اپنائيندي جڏهن اڳتي قدم وڌايو ته ڪا به غلامي ۽ بدحالي نه رهي سگھندي نه بيهي سگھندي، هن خطي ۾ ٻاهرين حملا آورن جڏهن جڏهن به حملو ڪيو ته انهن پنهنجي پنهنجي حڪمتِ عملي جي تحت هٿيار اهوئي استعمال ڪيو ڀلي اهي پٺاڻ هئا، يا مغل يا يورپي قومون پر حڪمتِ عملي ساڳي رهي.
تاريخ جي حيرت انگيز ڪيفيت اسان کي اها ٿي نظر اچي ته انهن ٻاهرين حملا آورن کان پوءِ جڏهن سياست هتان جي پنهنجي ديس واسين جي حصي ۾ آئي ته انهن سياست کي نظرئي جي بجاءِ ورڇ ۽ نفرت جي بنيادن تي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا سياست نظرئي ۽ اصولن جي بنيادن تي هلي ٿي، انهيءَ کي نه رڳو ڪمزور ڪيو ويو پر انهيءَ تي قوم ۽ ملڪ دشمنيءَ جو وقتن به وقتن ليبل به لڳندو رهيو اسان کي هي ڪڏهن به نظرانداز نه ڪرڻ گھرجي ته انساني سماج ۾ نفرت ۽ پر امن نظريو پنهنجي اثر وڌائڻ ۾ وڌيڪ طاقتور نفرت رهي آهي پرامن نظريو وقتي طور تي پنهنجو اثر جيڪڏهن ڇڏي به اٿو ته انهيءَ کي نفرت جي لاوا ساڙي رک ٿي ڪري ڇڏي.
پاڻ هن خطي جي تاريخ تي ڪيترن ئي رخن کان بحث ڪندي ٻڌو آهي ۽ پڙهيو آهي پر انهيءَ جي المياتي پڄاڻي ان ئي افسوسناڪ جملي سان ٿيندي آهي ته هتي نفرت کي وڌائي عوام کي وڙهائي ڪجھه فردن يعني نفرت جي اڳواڻن پنهنجا مفاد ته حاصل ڪيا پر سماج بربادي ۽ بدحالي جو شڪار ئي رهيو. ورهاڱي کان پوءِ اهو هٿيار ٻنهي ملڪن ۾ استعمال ٿيندو رهيو آهي پوءِ وقتي طور تي ڪٿي ڪمزور به ٿيو آهي پر اڳتي هلي ڪري ساڳئي شدت سان انهيءَ کي اڀاريو ويو آهي. هندستان ۾ اڃان تائين سياست ۾ نفرت مذهبي عقيدي جي هٿيار سان پوري سماج کي ورهائي پئي، نه رڳو ورهائي پئي پر بدترين طريقي سان ڀڪوڙي به پئي.
اسان جي حصي ۾ اهو هٿيار سماج جي اندر ان شدت سان مذهبي نفرت جي بنيادن تي انهيءَ طاقت سان نه وڌيو جو هتي مذهبي اقليتون اٽي ۾ لوڻ برابر آهن پر نفرتن جا علمبردار نفرت جو هٿيار وقتن به وقتن ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ طاقتور انداز سان استعمال ڪندا رهيا پوءِ ڪڏهن مذهبي فرقه پرستي جي بنيادن تي ته ڪڏهن نسل پرستي جي بنيادن تي، ڪڏهن ذات پات ته ڪڏهن ٻي انداز سان پر سياست مان ۽ سماج مان ڪڏهن به نفرت کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي وئي، هن وقت هن جي صورتحال اها آهي جو نفرت جي ان هٿيار کي هاڻي سياسي پارٽين جي خلاف يعني اختلافن جي بجاءِ نظرياتي ۽ تعميري بحث ڪرڻ جي بجاءِ اخلاقي تنقيد، ڪرپشن جا الزام حب الوطني ۽ غداري جي ورڇ ڪندي اڳتي وڌائي ٽڪراءُ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي ۽ هن وقت ان حڪمتِ عملي کي پي ٽي آئي جو اڳواڻ عمران خان اقتدار جي خاتمي کان پوءِ پوري شدت سان اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري پيو.
خطرناڪ رويو رڳو ايترو ناهي ته هو الزام پيو هڻي پر حلفيه انداز ۾ جلسن جي اندر اهائي تقرير پيو ڪري ته “مان جيستائين زندھه آهيان ته ن ليگ يعني نواز شريف ۽ شهباز شريف پ پ پ جي آصف علي زرداري بشمول جي يو آءِ مولانا فضل الرحمٰن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندم ۽ نه وري انهن جي حڪومت کي تسليم ڪندم، مان هي جدوجهد جهاد جي صورت ۾ اڳتي وڌائڻ چاهيان ٿو جيئن ورهاڱي کان پهريان قائد اعظم محمد علي جناح آزادي جي تحريڪ کي اڳتي وڌايو، بلڪل اهڙي طرح مان به هن تحريڪ کي اڳتي وڌائيندم وغيره وغيره” پنهنجي هن نقطه نظر ۾ هو آمريڪي سازش جي ورجاءُ کي به جاري رکي ٿو ۽ ليٽر گيٽ اسڪينڊل کي باربار دهرائيندي رڳو آمريڪا جي خلاف تنقيد نٿو ڪري پر هو حسب عادت مذهب جو استعمال ان انداز سان ڪري پيو ڄڻ طالباني تحريڪ ماڊرن روپ ڌاري گانن ۽ ترانن سان عمران خان جي قيادت ۾ اڳتي وڌي پئي.
اسان کي انهيءَ تي ڪو اختلاف ناهي ته هو آمريڪا جي خلاف بيان بازي ڇو ڏئي پيو يا هو پنهنجن مخالفن تي ڪرپشن ۽ غداري جا الزام پيو هڻي، جيئن پاڻ ورجاءُ ڪري چڪا آهيون ته هن خطي جي تاريخ ۾ اهو سڀ ڪجهھ سون سالن کان ٿيندو آيو آهي، مختلف روپن ۽ مختلف رنگن ۾ شدتن نفرتن کي اڀارڻ ۾ غدارين جا الزام ڪي نوان ناهن ۽ نه وري مذهب جو ڪارڊ استعمال ڪرڻ جو عمل نئون آهي، پاڻ کي هي به خبر آهي ته سياسي مفادن جي تبديل ٿيڻ سان سياسي لڪيرون تبديل ٿي وينديون آهن ڇا اهو ورجاءُ ڪرڻ ضروري آهي ته ق ليگ جي چوڌرين کي عمران خان ڪهڙي لفظن سان سڏيندو هو يا ايم ڪيو ايم تي جيڪا هن تنقيد ڪئي اها ماضيءَ جي بيانن ۾ ۽ ورقن ۾ موجود آهي پر جڏهن اقتداري مفاد حاصل ڪرڻ جي لاءِ ماحول بدليو ته سڀئي هن جا ڊارلنگ بڻجي ويا. ايم ڪيو ايم دهشتگردي مان نفيس ۽ نازڪ پارٽي بڻجي وئي پر هتي ان سڀني ورجاءَ ڪرڻ جو سبب هي آهي ته هن پوري خطي جي معاشي ۽ سماجي بربادي جو بنياد سماجي ورڇ ۽ نفرتون ۽ خاص ڪري سياسي نفرتون رهيون آهن، تنهن ڪري نه سماج پنهنجي معاشيات ۾ ترقي ڪري سگھيو آهي نه تعليم ۾ ۽ نه مجموعي طور اخلاقي قدر وڌي سگھيا آهن ڇا هتان جا سياستدان ۽ طاقتور ادارا اهو نٿا ڄاڻن تي ٻي عالمي جنگ ۾ يورپ هڪ ٻئي کي پروڻ ڪري ڇڏيو. جرمني ۽ اٽلي فاشسٽ جو راڪاس وڌي اڳتي وڌيا پر هاڻي پورو يورپ ان پوري نفرت کي دفن ڪري اتحاد جي ڌارا ۾ اڳتي وڌي پيو. آمريڪا جاپان تي يعني ان جي ٻن شهرن هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ايٽم بم ڪيرايا، ٻئي شهر ايٽمي باهھ ۾ سڙي خاڪ ٿيا، لکين ماڻهو مئا، لکين زخمي ۽ معذور ٿيا پر اڄ به جاپان ۾ انهن شهرن جي ورسي ملهائڻ وقت آمريڪا جو جھنڊو نه ساڙيو ويندو آهي ۽ نه آمريڪا جي خلاف ڳالهايو ويندو آهي ۽ نه وري جلسه ۽ جلوس ٿيندا آهن ماضيءَ جي درد کي امن جي هٿيار سان ڪنٽرول ڪيو ويو ۽ جاپان نفرت کان ٻاهر نڪري امن جي اصول تي اڳتي وڌي پنهنجي خوفناڪ يادن کي تاريخ جي صفن تائين محدود رکيو ۽ هڪ جديد جاپان جي ترقي ڪئي پر هن خطي جو الميو اهو آهي ته اڄ به اسان جي پوري سماج کي سياسي نفرتن ۽ ڀانت ڀانت جي تعصبن سان زخمي ڪيو ٿو وڃي، تنهن ڪري هي سوال اسان جي آڏو باربار اچي ٿو ته نفرتن جي ورڇ آخري ڪٿي دنگ ڪندي؟ ۽ هن خطي کان وڌيڪ خاص ڪري هن ملڪ جو مستقبل خاص ڪري عوام جو مستقبل ڪهڙي صورت اختيار ڪندو؟