پاڪستاني اداڪارا سارا خان خان جي روئندي وڊيو وائرل، جنهن دوران اها سڃاڻپجي نھ سگهي آهي. ميڊيا مطابق سارا خان سنيپ چيٽ فلٽر جي ذريعي روئڻ واري وڊيو تيار ڪري ڪئي، جنهن ۾ کيس روئندي ڏٺو ويو آهي، پر پسمنظر ۾ سندس ٽهڪن جا آواز اچي رهيا هئا.
جڏهن تھ وڊيو ۾ روئڻ دوران سارا خان چهري جا نقش بدلجڻ سبب مداحن کي حيران ڪيو آهي. هوڏانهن مداحن وڏي تعداد ۾ سارا خان جي روئڻ ۽ چهري ۾ آيل تبديلي تي تبصرا بھ ڪيا آهن.