بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا ممتاز انڪشاف ڪيو آهي تھ جڏهن اوهان زندگي جي سفر ۾ ڪنڊن جي وچ ۾ گهيرجي وڃو ۽ ان دوران ڪو گلاب کڻي سامهون اچي تھ گمراهه ٿيڻ فطري عمل آهي. ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ هن اعتراف ڪيو تھ مڙس پنهنجي افيئر بابت هر ڳالهه ٻڌائي ۽ چيو تُھ مان ئي سندس پيار آهيان، پر مسئلو رڳو منهنجي ضد سبب پيدا ٿيو هو، مان ڪاوڙجي آمريڪا ڇڏي ڀارت آيس ۽ اتي جي زندگي ۾ هڪ تعلق جڙيو، پر اهو عارضي هو ۽ جلد ختم ٿيو، خدا بھ هڪ غلطي معاف ڪري ٿو ۽ هن وقت مان مڙس سان ملڪا جيان رهان پئي، مون سندس مدد سان ڪينسر کي شڪست ڏني.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close