هن ملڪ ۾ ڏينهن ته حڪمرانن جا تبديل ٿيندا آهن، عوام لا ته ڪو به ڏينهن تبديل ناهي ٿيندو. عوام لا رڳو چهرا تبديل ٿيندا آهن، پر عوام دشمن معاشي پاليسيون جاري رهنديون آهن. اهو ئي سبب آهي جو اڄ به مهانگائي کي پر لڳل آهن. ڪا به شئي اهڙي ناهي جيڪا مهانگائي جي حملي کان بچي هجي. هڪ پاسي عام واهپي وارين شين جا اگهه وڌي رهيا آهن ته ٻئي طرف پاسي ڊالر جو قدر وڌي رهيو آهي ۽ رپئي جو قدر گهٽجي وڌي رهيو آهي.
تازو ئي ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڊالر 193 رپين جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي. مطلب ته ڊالر جي قدر ۾ واڌ ۽ رپئي جي قدر ۾ لاٿ جو سلسلو برقرار آهي، جمعي جي صبح جو ڊالر جي قيمت ملڪي تاريخ جي نئين بلند ترين سطح تي پهتي. جمع جي صبح انٽر بينڪ ۾ ڊالر جي قدر ۾ هڪ رپيو 3 پئسا اضافو ٿيو، جنهن کانپوءِ ڊالر جو قدر 193 رپين کان وڌيڪ ٿي ويو، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 193 رپين کان وڌيڪ قيمت تي پهچي ويو.
هوڏانهن آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) مئي لاءِ ايل اين جي، جي قيمت ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. اوگرا نوٽيفڪيشن موجب مئي لاءِ سوئي ناردرن سسٽم تي ايل اين جي، جي سراسري قيمت 6 ڏهائي 22 ڊالرز في ايم ايم بي ٽي يو واڌ کانپوءِ نئين قيمت 21 ڏهائي 888 ڊالرز في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سوئي سدرن سسٽم تي ايل اين جي قيمت ۾ 6 ڏهائي 87 ڊالرز في ايم ايم بي ٽي يو واڌ ڪئي وئي آهي ۽ نئين قيمت 23 ڏهائي 78 ڊالرز هوندي.
جڏهن ته ملڪ ۾ ضروري شين جي اگهن ۾ اضافي سبب عوام جي اهنجن ۾ اضافو ٻيڻو ٿي ويو آهي. گذريل هفتي مهانگائي جي شرح 15 ڏهائي 85 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. شماريات جي وفاقي بيورو (ايف بي ايس) مهانگائي بابت هفتيوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. ايڪسپريس نيوز کي مليل رپورٽ موجب ملڪ ۾ گذريل هفتي دوران 28 ضروري شين جي قيمتن ۾ تيزي سان اضافو ٿيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گذريل هفتي سڄي ملڪ ۾ 6 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي آهي. جڏهن ته 17 شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. انگن اکرن موجب گذريل هفتي اٽي جي ٿيلهي ۾ سڀ کان وڌيڪ 41 ڏهائي 78 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، ان کان علاوه ڪڪڙ جي اگهه ۾ 12 ڏهائي 13 سيڪڙو، پٽاٽن جي قيمت ۾ 7 ڏهائي 04 سيڪڙو، آنن جي قيمتن ۾ 5 سيڪڙو اضافو ٿيو. دال جي قيمت ۾ 4 ڏهائي 79 سيڪڙو اضافو ٿيو. اهڙي طرح ماش جي دال، گوشت، سگريٽ ۽ ماچيس جا اگهه به وڌي ويا. ٻئي طرف گذريل هفتي دوران ٽماٽر، ڪيلا، کنڊ ۽ ايل پي جي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي آهي. وفاقي شماريات بيورو جي رپورٽ موجب هلندڙ سال جي بنياد تي بصر، ٽماٽي، ٿوم ۽ ڪوڪنگ آئل جي قيمتن ۾ گذريل هفتي ۾ سڀ کان وڌيڪ اضافو ٿيو. جڏهن ته گذريل هفتي ايل پي جي جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي.
اسان سمجهون ٿا ته اها صورتحال ڪنهن به ريت عوام جي حق ۾ نٿي چئي سگهجي. باربار اهو چيو پيو وڃي ته مشڪل فيصلا ڪرڻا پوندا. هاڻي هر دور ۾ مشڪل فيصلن جي قيمت ڀلا عوام ادا ڪري ڇا؟ انهن مشڪل فيصلن جو حڪمرانن جي زندگي تي ته ڪو اثر نٿو ٿئي پر عام ماڻهو جي زندگي اذيتن ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿي. حڪمران چون ٿا ته اڳوڻي سرڪار جي ڪري هي مهانگائي ٿي آهي. ان ۾ نئين ڪهڙي ڳالهه آهي؟ اڳوڻي سرڪار جڏهن حڪومت ۾ آئي هئي ته ان به اهو چوڻ شروع ڪيو هو ته ان اڳ واري سرڪار جي پاليسين جي ڪري مهانگائي ٿي رهي آهي. پو هن حڪومت ۽ اڳوڻي حڪومت ۾ ڀلا فرق ڪهڙو ٿيو؟ هو حڪومت به اڳوڻي سرڪار تي الزام هڻي پنهنجا عوام دشمن ڪرتوت لڪائيندي هئي، هي حڪومت به اڳوڻي سرڪار تي الزام هڻي پنهنجين عوام دشمن پاليسين جو بار پاڻ تان هلڪو ڪري رهي آهي. اسان سمجهون ٿا ته حڪمرانن کي هاڻي اهڙي روش ختم ڪرڻ گهرجي. هاڻي سڀ اختيار حڪمرانن وٽ آهن، هو جيڪڏهن چاهين ته گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿا. آخر ڪيستائين پنهنجين ڪوتاهين جو بار اڳوڻين حڪومتن جي ڪلهي تي وجهي پاڻ آجو ڪرڻ جو سلسلو هلندو؟ هي وقت عوام کي رليف ڏيڻ جو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملڪي تاريخ ۾ جيڪي اڳوڻن حڪمرانن جا ٽي چار سال گذريا آهن، اهي عوام لا ڪنهن وڏي مصيبت کان گهٽ نه هئا، اڳوڻي حڪومت واقعي هڪ سونامي بڻجي آئي ۽ عوام جو سڀ ڪجهه تباهه ڪري هلي وئي، پر هاڻي جيڪڏهن نوان حڪمران آيا آهن ته انهن کي عوام کي رليف ڏيڻ گهرجي.