ملڪ ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ معاشي ۽ گڏوگڏ سياسي بحران مان اها ڳالهه ته چٽي آهي ته هن رياست جا معاملا گهڻي حد تائين سنگين ٿي چڪا آهن. نه ڊالر جي اڏام ٿمجي پئي ۽ نه ئي مهانگائي جو خاتمو اچي پيو. جمعي تائين ملڪي تاريخ (جيڪا ڪا ايڏي چڱي ڪانهي) ۾ پهريون ڀيرو ڊالر 193 رپين جي بلند ترين سطح تي پهتو. پهرين اپريل کان هن وقت تائين ڊالر لڳ ڀڳ 8 رپين تائين مهانگو ٿي چڪو آهي. چيو پيو وڃي ته سياسي عدم استحڪام ۽ آءِ ايم ايف سان ڳالهه ٻولهه ۾ ناڪامي جي ڪري ڊالر بي قابو ٿيو. اهي به تجزيا آهن ته پرڏيهي ادائيگين ۽ درآمدي بل جي ڪري ناڻي ذخيرن تي پوندڙ دٻاءَ سان ناڻي شرح به گھٽ ٿي رهي آهي. نئين حڪومت اڃا تائين سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن ۽ ڪويت سميت “دوست” ملڪن کان ڪو بيل آئوٽ پيڪيج وٺڻ ۾ ناڪام رهي آهي، جڏهن ته چين کان به تازو ئي پوري ٿيندڙ قرض جي مدي ۾ واڌ نه ٿي سگھي ۽ آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ به خدشا درپيش آهن. ناڻي ذخيرن ۾ گھٽتائي، قرضن جي مدي ۾ واڌ، بيل آئوٽ پيڪيج سميت ڪيترن مسئلن جا اثر فاريڪس مارڪيٽ تي به پئجي رهيا آهن، جنهن سان رپئي جو قدر لاٿ جو شڪار آهي.
جڏهن ته ملڪ ۾ ضروري شين جي اگهن ۾ اضافي سبب عوام جي اهنجن ۾ به اضافو ٻيڻو ٿي ويو آهي. گذريل هفتي مهانگائي جي شرح 15 ڏهائي 85 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي.
مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته “پاڪستان کي وڏن مسئلن ۾ عمران خان ڌڪي ڇڏيو آهي. ڊالر ۾ تاريخي واڌ ٿي رهي آهي ته عمران خان ذميوار آهي. ڊالر 193 تي عمران خان جي ڪري ئي ٿيو آهي. آئي ايم ايف جي معاهدي تي عمران صاحب صحيحون ڪيون، جنهن جي سزا عوام کي مهانگائي جي صورت ۾ ملي رهي آهي. ملڪ ۾ 4 سال نالائقن، نااهلن ڪارٽرلز ۽ عمران مافيا جي حڪومت سبب معاشي دهشتگردي ڪئي وئي. ملڪ ۾ معاشي عدم استحڪام عمران خان جي ڪري ئي آهي. پيٽرول جي مد ۾ عمران خان پنهنجي ناڪام سياست کي بچائڻ لاءِ ناقابل تلافي نقصان ڪيو. ان جو بار اڄ عوام تي پئجي رهيو آهي. مشڪل فيصلا ڪيا پيا وڃن، ان جو ذميوار عمران صاحب آهي. عمران صاحب شور نه مچايو، مهانگائي جو جواب ڏيو، معاشي تباهي جو حساب ڏيو.”
هوڏانهن ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل جو چوڻ آهي ته “ڊالر جي اڏام ۽ مهانگائي ۾ واڌ عمران خان جو آئي ايم ايف سان معاهدو ۽ وري ان جي خلاف ورزي جا اثر آهن. عمران خان جيڪو معاهدو ڪيو آهي، ان جي ڌٻڻ مان نڪرنداسين ته ڊالر هيٺ ايندو. اسٽاڪ ايڪسچينج ٻيهر مٿي ويندي. عمران خان معيشت کي جنهن جڳهه تي ڇڏي ويو، ان کي واپس آڻڻ آسان ڪم نه آهي پر انشاالله اسان ان کي واپس ضرور آڻينداسين. پيٽرول تي سبسڊي پاڪستان جي معاشي صورتحال کي سخت مالي دٻاءُ ۾ آندو. عالمي منڊي ۾ پيٽرول جي قيمت خريد ۽ پاڪستان ۾ قيمت فروخت جي وچ ۾ فرق سان حڪومت کي ارپين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي. هن مهيني ۾ تقريبن 120 ارب رپين جو نقصان ٿيو هو، جيڪو سويلين حڪومت هلائڻ جي خرچ کان 3 ڀيرا وڌيڪ آهي. ايڏو وڏو خسارو ڪابه حڪومت برداشت نٿي ڪري سگهي. انهي سبب سمورين مارڪيٽن ۾ هلچل ٿي آهي ۽ مهانگائي وڌي رهي آهي. حڪومت وٽ پئسا نه هجن ۽ وري به سبسڊي ڏي ته وڌيڪ قرض کڻڻو پوندو آهي. ان سبب وياج جي شرح ۾ واڌ سان گڏ رپئي تي به دٻاءُ وڌي رهيو آهي. عمران خان تاريخ جو سڀ کان وڏو قرض کنيو، 71 سالن ۾ پاڪستان جيترو گڏيل قرض کنيو. عمران خان ساڍن ٽن سالن ۾ ان جو 80 سيڪڙو قرض کنيو. عمران خان جواب ڏي ته 115 کان ڊالر 179 تي ڇو ويو؟”
ڄاڻايل معاشي صورتحال ۽ مفتاح اسماعيل جو بيان خطري جي گهنٽي آهي. اها صورتحال ان ڳالهه ڏانهن به اشارو ڪري پئي ته موجوده شهباز سرڪار کان معاملا حل نه پيا ٿين. جنهن جو ادراڪ سرڪار کي به ٿيڻ لڳو آهي. ان ڏس ۾ وفاقي وزير خواجا آصف جو هڪ اهم بيان آيو آهي. سندس چوڻ آهي ته “ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ حتمي فيصلو ڪري پاڪستاني عوام کي اعتماد ۾ وٺنداسين. ڪالهه به لنڊن ۾ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن سان مشاورت جاري رهي. ان حوالي سان آچر تائين حتمي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. اسان سموريون صلاحون پنهنجي اتحادين اڳيان رکنداسين ڇو ته اسان اڪيلو فيصلا ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهيون. اسٽيڪ سڀني اتحادي پارٽين جو آهي رڳو اسان جو نه.”
خواجا آصف جو بيان حالتن جي سنگيني ڏانهن اشارو ڪري ٿو. حالتون هنن کان ڪنٽرول ۾ نه پيون اچن. ڪنهن به ڪنڊ کان هي بحران ٿمجندي نظر نه پيو اچي. آخر وفاقي سرڪار 24 ڪلاڪن ۾ ڪهڙو حتمي فيصلو ڪري سگهي ٿي؟ اهو سوال پنهجي جا تي، پر ان مان اهو سوال به ڦٽي ٿو ته سرڪار کي حتمي فيصلي جي ضرورت ڇو محسوس ٿي رهي آهي؟ هي سرڪار بنيادي طور تمام گهڻي گهيري ۾ آهي. هڪ پاسي معاشي بحران آهي ته ٻئي پاسي اسٽيبلشمينٽ جي اندروني ڇڪتاڻ سبب سياسي بحران به ختم ٿيڻ جو نالو نه پيو وٺي. جڏهن ته سرڪار جي ان صورتحال مان نڪرڻ لا اڳواٽ ڪا تياري ئي نه ٿيل هئي، جيتوڻيڪ هو معاشي حالتن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي اندروني ڇڪتاڻ کان باخبر هئي، ان کي اهو اندازو به هوندو ته سندن اقتدار ۾ اچڻ سان انهن ٻنهي محرڪن جا سندن حڪومتي معاملن تي اڻٽر اثر پوندا پر ان جي باوجود انهن وٽ ڪو به اڳواٽ پلان ڪونه هو. بهرحال، هاڻي ته حالتون تمام گهڻيون خراب ٿيندي نظر اچي رهيون آهيون. جنهن مان پڻ لڳي ٿو ته هي سرڪار شايد ئي سال ڪڍي سگهي. اهو ئي سبب آهي جو ملڪ جي ڏيوالي جون ڳالهيون به ٿي رهيون آهن. ٿلهي ليکي حالتون گهڻيون خراب ٿيڻ واريون آهن. تنهنڪري، هتان جي محڪوم ۽ مظلوم قومن جي ترقي پسند ڌرين جي نيٺ ڪهڙي تياري آهي؟ انهن جو اهڙين حالتن ۾ ڪهڙو ڪردار جڙندو؟ انهن وٽ انهن حالتن مان نڪرڻ لا ڪهڙُ پلان آهي؟ اسان کي بنيادي طور انهن سوالن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. دير يا سوير هڪ وڏو ڀونچال ته اچڻو آهي. سياست ۽ تاريخ جي شاگرد جي حيثيت ۾ اسان کي شيون اڄ يا سڀاڻ هيٺ مٿي ٿيندي نظر اچي رهيون آهن. ان حوالي سان سنڌ جي وطن دوست ترقي پسند قوتن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لا ڪو پروگرام ڏئي سنڌ جي عوام کي منظم ۽ متحد ڪرڻو پوندو.