ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڌَمچر…..!!

Editorial-Article-Irsahd Leghari

عمران خان!! ها عمران خان، جنهن کي اقتدار جي مسند تي براجمان ڪندڙن، اهو آسرو ڏيئي کيس آندو هو ته “هاڻ جيسيتائين هو حال حيات هوندو، تيستائين هو تخت نشين ئي رهندو” پر وقت جي ڦيري سان لالو ايئن وڃي بني گالا ڀيڙو ٿيو، جنهن جو کيس شايد گمان به نه هو. خير پاڪستان جهڙي ملڪ ۾، اها ڪا نئين ڳالهھ ته نه هئي پر عمران خان کي اڃان تائين پڪ نه پئي ٿئي ته هو وار وانگر مکڻ مان ڇڪجي، ٻاهر نڪري به چڪو آهي. ايئن انصاف جي تحريڪ جي دعويدار سان جيڪا ٿي سا ته ٿي پر هاڻ هن توائي ۾ جيڪا واٽ ورتي آهي، سا واٽ هو جيڪڏھن ايئن ئي وٺي هلندو رهيو ته هن رياست جا اهي سمورا ٻوٿاڙا هڪ هڪ ٿي لهندي نظر ايندا ويندا ۽ ان سموري ڇڪتاڻ ۾ اها سموري مام وائکي ٿيندي ويندي، جيڪا هن ملڪ اندر سدائين “وسيع تر قومي مفادن” “جمهوريت جي بالادستي” ۽ خاص طور تي “دين جي سربلندي” جهڙن نعرن جي ريشمي رومالن ۾ ويڙهي، اسان کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته انهن ٽنهي پاسن جي اصل رکوال ۽ حقيقي شارح ته فقط اسٽيبلشمينٽ ئي آهي جڏهن ته باقي جيڪي ريليون ۽ احتجاج ٿا بچن، تن ۾ جنهن جي جيتري پُڄت آهي، سو ڀلي وڃي پنهنجو شوق پورو ڪري.
اصل ۾ ٿيو هيئن آهي جو هن ملڪ ۾ هاڻ ڪو به ٽڪساٽ پير نه پيو کوڙي سگهي، جنهن جو سبب عوام سان اسٽيبلشمينٽ توڙي بدعنوان روايتي اقتداري ڌرين جي لڳاتار ويساھه گهاتي آهي. مثال طور عمران خان، جنهن جي لاءِ ماضي جي سمورن حڪمرانن جي ڀيٽ ۾ اهو تاثر عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي ته اسٽيبلشمينٽ واقعي به حقيقي معنيٰ ۾ ڪنهن سان هڪ پيج تي آهي ته اهو عمران خان ئي آهي پر اهو پيج اوچتو طوفاني انداز ۾ جيئن پرزا پرزا ٿيو، تنهن جا ڇيهو رسائيندڙ ڇنڊا سموري سسٽم تي ته ايئن پوڻا ئي هئا، جنهن جا منظر اسان کي هر پاسي پر خاص طور تي عمران خان جي جلسن ۾ نظرجن ٿا. ۽ هاڻ عمران خان لڳاتار جيڪا زبان استعمال ڪري رهيو آهي، تنهن جي نتيجن جي جيڪڏھن مختصر لفظن ۾ تشريح ڪجي ته اها هيئن ٿي وڃي بيهي ته:
“پنهنجي سامان جي حفاظت پاڻ ڪريو”
بس اسٽاپن، ريلوي اسٽيشنن ۽ عام عوامي هنڌن ماڳن تي لکيل ان جملي جو مطلب سواءِ ان جي ٻيو ڇا هوندو آهي ته توهين جنهن ڪمپني سان سفر ڪري رهيا آهيو يا ڪا به ڏيتي ليتي پيا ڪريو سا توهان کان پنهنجي مرضيءَ جا ڏوڪڙ ته وٺندي پر توهان جي سامان جي حفاظت لاءِ اها ڪمپني ڪنهن به ريت ذميوار نه هوندي. اهڙي قسم جي لاتعلقي هن رياست جو اهو ڪڙو سچ آهي، جيڪو هاڻ هن ملڪ جي هر ماڻهوءَ کي سمجهھ ۾ اچي ويو آهي ته هتان حڪمران اسان کان هر قسم جو جبري ٽيڪس اوڳاڙي پاڻ ته مچي مواڙ ٿيندا رهندا پر عوام جي قانوني، آئيني ۽ انساني حقن لاءِ هو ذميوار ناهن.
رياست جي اهڙي نِرڄائي جهڙي هلندڙ دور ۾ وائکي ٿي آهي، اهڙي جيئن ته ڪڏھن به نه ٿي هئي، تنهن ڪري اسان توهان کي ملڪ ۾ جاري انتهائي درجي جو جاري معاشي ۽ سياسي بحران به حل ٿيندي نٿو نظر اچي.
هاڻ سوال اهو آهي ته ڇا ھاڻ سکڻين وضاحتن جو روايتي چُورن جاري بحران کي جھڪو ڪري سگهندو؟ ته ياد رکو، ان سوال جو سڌو سنئون جواب نه ۾ آهي. ڇو ته هڪ اهڙو نظام جنهن جو بنياد ئي ملڪ جي بنيادي حقيقتن کان انڪار تي ٻڌل هجي، سو ايئن بيساکين تي ڪيستائين هلي سگهندو!؟ تنهن ڪري هي جيڪو ڌمچر شروع ٿيو آهي، سو هر ايندڙ اڃان وڌيڪ ڳوڙهو ۽ پريشان ڪندڙ نظر ايندو. هي ڌمچر جيڪو وفاق ۾ شامل قومن جي تاريخي وجود ۽ حقن کان انڪار جو نتيجو آهي، هي ڌمچر جيڪو پهرئين ڏينهن کان ملڪ جي ايماندار، محنتي، پرجوش ۽ قابل عوامي جمهوري قيادتن جي قتلام جو نتيجو آهي، هي ڌمچر جيڪو اسٽيبلشمينٽ پاران نااهل، بيمان، عياش ۽ موقعي پرستن کي عوام مٿان مڙهي کانئن پنهنجا گروهي مفاد پورا ڪرائڻ جو نتيجو آهي، هي ڌمچر جيڪو آمرن پاران پنهنجا جبري ۽ غير قانوني، غير آئيني اقتدار بچائڻ لاءِ مذهب جي من پسند استعمال جو نتيجو آهي، هي ڌمچر جيڪو پنهنجن پاڙيسرين سان اجايو ڦِٽائڻ جو نتيجو آهي سو ڌمچر نه ته عمران خان جهڙي دماغ کان خالي ماڻهو کي لاهڻ سان ۽ نه شهباز شريف جهڙي هُوڙهي هواباز کي آڻڻ سان حل ٿيڻ وارو آهي.
ڇاڪاڻ ته هاڻ هڪ پاسي هن ملڪ ۾ هر ڪنهن کي هر ڪنهن کان خطرو آهي ۽ ٻي سڀ کان وڏي اهم ڳالھه اها ته معاشي بحران ان آخري حد کي ڇهي چڪو آهي، جنهن کان پوءِ هر گهٽي گام ۾ سريلنڪا جهڙي انارڪي پيدا ٿيڻ جا هوڪا هلي پيا آهن. سچ اهو آهي ته اهڙا هوڪا اجايا به ناهن، جو شهباز حڪومت آئي ايم ايف جي مرضي کان سواءِ ڪنهن به شئي جو اگهه هيٺ مٿي ڪرڻ جو اختيار نٿي رکي ۽ معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته مٿان سِر تي چڙهي اصل جون واري بجيٽ کان پوءِ غريب ماڻهو سريلنڪا جيان رڳو رستن تي ئي هوندا. اهو ان ڪري جو مسڪين ماڻهن وٽ گهر ۾ ڪجھه هوندو ئي ڪونه. نه ماني، نه بجلي، نه گئس نه پاڻي ۽ نه ئي ڪو دوا درمل!! ته پوءِ ماڻهو گهرن ۾ ويهي ڪندا به ته ڇا!! پوءِ اهو ئي ٿيندو ته هوند وارا اڳيان هوندا ۽ ڏانڊ، ڀتر ۽ پٿر هٿن ۾ کڻي هلندڙ اڻهوند وارا پُٺيان. ۽ پاڻ تاريخ کي ڦلهوڙي اهو پسي سگهون ٿا ته هٿين خالي ۽ جهولي خالي عوام وٽ جڏھن جياپي جي ڪابه اميد باقي نه بچندي آهي تڏھن ڇا ٿيندو آهي!؟
تڏهن اهو ئي ٿيندو آهي جو تخت ۽ تاج پرزا پرزا ٿي هوائن ۾ ڪپهھ جي پُوڻين جيان اڏامندي نظر ايندا آهن ۽ سج نيزي پاند اچي ويندو آهي ۽ ڌرتي ٽامو بڻجي ويندي آهي ۽ اسين سڀ اهڙي ٿرٿلي جي چائنٺ تي پهچي چڪا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button