ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

حقيقت نگاري جي مخالفت ۾ – I

Editorial-Article- Kaleem Butt

پهرين منهنجو اهو خيال هو ته هن مضمون جو عنوان “جادوئي حقيقت نگاريءَ جي بچا ۾” هجڻ گهرجي، پر پو احساس ٿيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڇپيل منهنجي مصمون “جرارڊ ڊي نروال جو ڪتاب ۽ جادوئي حقيقت نگاري” سان هن مضمون جو عنوان ملندڙ جلندڙ ٿي ويندو ۽ ڪٿي پڙهندڙ عنوان جي هڪجهڙائي ڪري هن مضمون کي نظر انداز نه ڪري وڃن، ٻيو اهو ته عنوان اهڙو هجڻ گهرجي جيڪو پڙهندڙ کي ڪنهن به لکڻي ڏانهن ڇڪي اچي ۽ ان کي پڙهڻ جو اتساهه ڏئي. ان ڪري ٿي سگهي ٿو ته هن مضمون ۾ حقيقت نگاريءَ جي مخالفت گهٽ هجي ۽ جادوئي حقيقت نگاريءَ جو بچا وڌيڪ هجي. هن مضمون لکڻ جي ضرورت ان ڪري به محسوس ٿي اٿم جو سنڌي افسانوي ادب جو وڏو حصو حقيقت نگاريءَ جي ڌارا هيٺ لکيو ويو آهي، جنهن جي ڪري افسانوي ادب پڙهندڙن جو انگ وڌڻ بدران لاڳيتو گهٽجندو رهيو آهي.
مان سمجهان ٿو ته ڪنهن به نظريي، ادبي ڌارا يا ڪنهن ڳالهه جي حمايت يا مخالفت ڪرڻ کان اڳ گهٽ ۾ گهٽ اهو سمجهڻ گهرجي ته اهو نظريو، ڌارا يا ڳالهه، اصل ۾ ڇا آهي ۽ ان جو ڪهڙو مقصد آهي؟ پو اهو فيصلو ڪجي ته ان جي حمايت ڪجي يا مخالفت. ان ڪري مان اهو سمجهان ٿو ته حقيقت نگاريءَ جي مخالفت کان اڳ ان جي مختصر سمجهاڻي ڏجي.
انسائيڪلوپيڊيا برٽينيڪا موجب حقيقت نگاريءَ مان مراد اهڙو فن پارو يا لکڻي آهي جنهن ۾ واقعن، ماحول ۽ ڳالهين کي جيئن جو تيئن بنا افسانويت جي پيش ڪيو ويندو آهي، ان ۾ خيالي ۽ تصوراتي ڳالهين کان پاسو ڪيو ويندو آهي. ادب ۾ حقيقت نگاري 19هين صدي جي وچ واري حصي کان زور ورتو. انهي مان وري سماجي حقيقت نگاري جنم ورتو ۽ سرڪاري سطح تي ان جي پٺڀرائي سويت يونين 1930ع کان 1991ع تائين (سويت يونين جي ٽٽڻ تائين) ڪئي. حقيقت نگاري واري ڌارا ۾ لکيل ڪهاڻي يا ناول ۾ ڪجهه اهم پاسن جو خيال رکيو ويندو آهي، جهڙوڪر ان جا ڪردار ۽ ماحول حقيقي دنيا جا هجن، ڪردارن ۾ ڪي به فطرت کان مٿاهيون طاقتون (supernatural) نه هجن، روزاني واري عام زندگيءَ ۾ ٿيندڙ واقعن ۽ ڳالهين جو ذڪر ڪيل هجي، ليکڪ کي پنهنجي علائقي جو يا ان سان ملندڙ جلندڙ ماحول جي عڪاسي ڪرڻ گهرجي، ان علائقي جي لهجي ۾ لکي ۽ طبقاتي اڻبرابري ڏيکاري. جيئن ته هي ادبي ڌارا 19هين صدي جي وچ واري حصي ۾ زور وٺڻ لڳي ۽ لڳ ڀڳ ان دوران جديد سنڌي ادب جا به بنياد رکجي رهيا هئا، انهي ڪري اسان کي سنڌي ادب ۾ حقيقت نگاريءَ جو اثر نمايان نظر اچي ٿو ۽ اڄ سوڌو به سنڌي ڪهاڻي ۽ ناول هاري ۽ وڏيري جي جهيڙي ۽ ڪارو ڪاري، يا وري يونيورسٽيءَ ۾ ڪيل عشق کان ٻاهر نه نڪري سگهيو آهي. اسان وٽ وري حقيقت نگاري واري ادب کي هروڀرو مزاحمتي ادب جو ٽيگ به هنيو وڃي ٿو. جڏهن ته لکڻ جو عمل پنهنجي جوهر ۾ مزاحمتي عمل ئي آهي، پو ڀلي ڇا به لکجي، جيڪڏهن ڪير جادوئي حقيقت نگاريءَ ۾ ڪهاڻي لکي ٿو ته ان جي اها لکڻي هروڀرو مڙهيل حقيقت نگاري خلاف مزاحمت آهي، جيڪڏهن ڪير هن ملڪ جي سياسي صورتحال کي ڏسي پاڻ کي غير سياسي سڏرائي ٿو ته هو هن ملڪ جي سياسي نظام خلاف مزاحمت ڪري رهيو آهي. رڳو روڊن رستن تي نڪري نعرو هڻي ۽ گهر موٽي اچي سمهي پوڻ جو نالو ئي مزاحمت نه آهي، ڪنهن اجائي نعري جي اکيون بند ڪري واهه واهه ڪرڻ ئي مزاحمت نه آهي، پر ان اجائي نعري کان الڳ ٿي بيهڻ به مزاحمت آهي. مون کي ته اڄڪلهه هر نعرو اجايو ۽ بي معنى لڳي ٿو.
نقادن حقيقت نگاري جون ٽي مک درجا بنديون ڪيون آهن:
1_ Human nature realism
2_ State-centric realism
3_ System-centric realism
اهڙي ريت وري حقيقت نگاريءَ جا ٽي اهم جز به ٻڌايا ويا آهن، هڪ ڏڦير (Anarchy)، طاقت جو توازن (Balance of Power) ۽ قومي مفاد (National interests).
جهڙي نموني مڪسيم گورڪي، بلزاڪ، فلبرٽ ۽ مُپاسان وغيره جا نالا عالمي ادب ۾ حقيقت نگاري جي حوالي طور ڏنا وڃن ٿا، اهڙي ريت وري سنڌي ادب ۾ جمال ابڙو ۽ نسيم کرل کي حقيقت نگاريءَ جي حوالي سان اهم ڪهاڻيڪار طور ڳڻائي سگهجي ٿو.
ان سڀ هوندي حقيقت نگاريءَ سان وڏي ۾ وڏو مسئلو اهو رهيو آهي ته حقيقي واقعا ۽ ماحول ڏيڻ جي چڪرن ۾ ان مان افسانوي ادب وارو رس چس نڪريو وڃي ۽ ڪهاڻي بدران صحافتي ليک جو ڏيک ڏيڻ لڳي ٿي، جنهن جي ڪري پڙهندڙ افسانوي ادب مان دلچسپي وڃائي ويهي رهي ٿو. جيئن ته افسانوي ادب جو سڀ کان اهم ڪم پڙهندڙ جي جمالياتي، تصوراتي ۽ تخيل واري سگهه کي نروار ڪرڻ هوندو آهي، جيڪو هڪ حد کان پو حقيقت نگاري واري ادب ۾ ممڪن نه ٿو رهي، ان ڪري پڙهندڙ افسانوي ادب کان بيزاري ڏيکارڻ شروع ڪري ٿو. جيڪڏهن سنڌي ڪهاڻيءَ جو ئي مثال وٺجي ته ان ۾ ايتري ته نعري بازي نظر ٿي اچي جو پڙهندڙ کي ڪجهه دير کانپو اهو احساس ٿيڻ لڳي ٿو ته هو افسانوي ادب پڙهڻ بدران ڪنهن ساڄي، کاٻي يا وچولي سياسي تنظيم جو پمفليٽ پڙهي رهيو آهي، جنهن ۾ رڳو پنهنجي ليڊر کي خوش ڪرڻ لا واکاڻ ٿيل آهي. اسان سنڌين وٽ وري اها به پٽ پيل آهي ته اسان پنهنجي اديبن کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي هڪڙا درٻاري اديب ٻيا وري مزاحمتي ۽ قومي اديب. اها آهي ته کل جهڙي ڳالهه، پر ڇا ڪجي بنا سياست کي سمجهي ئي اسان جي ماڻهن کي لڳي ٿو ته سندن رڳن ۾ سياست رت جيان وهي ٿي. منهنجو خيال اهو آهي ته هر اهو اديب جيڪو افسانوي ادب ۾ پنهنجي اڳواڻ يا سياسي منشور جي واکاڻ ڪري ٿو اهو درٻاري آهي، پو ڀلي هو پنهنجي سر تي مزاحمتي اديب جو تاج سجائي رکي يا قومي اديب جو. ياد رهي ته هي مٿئين ڳالهه مان رڳو انهن اديبن لا لکي رهيو آهيان جيڪي افسانوي ادب لکن ٿا، غير افسانوي ادب لکندڙن تي اهو قانون لاڳو نٿو ڪري سگهجي. غير افسانوي ادب جي سياسي ۽ سماجي هجڻ ۾ ڪوبه عيب ناهي.
پر رڳو ان نقطي تي ته ڪو ليکڪ حقيقت نگاري واري ڪهاڻي لکندي ان سان نباهه نه ڪري سگهيو آهي، بنياد بڻائي هن سموري ادبي ڌارا جي مخالفت ڪرڻ به ڪنهن صورت ۾ منطقي نه آهي. نه رڳو دنيا ۾ پر سنڌي ادب ۾ به ڪيترائي اهڙا ڪهاڻيڪار آهن، جن حقيقت نگاري واريون خوبصورت ڪهاڻيون لکيون آهن، مثال طور امر لغاري جي ڪهاڻي ناد وارو، اختر حفيظ جي ڪهاڻي ڪچي مسيت، ضراب حيدر جي ڪهاڻي طالبان، طارق قريشي جي ڪهاڻي اپرائزل، زبيده ميتلو جي ڪهاڻي ڇُها، غلام نبي سومري جون ڪهاڻيون وغيره سنڌي ۾ حقيقت نگاريءَ جون خوبصورت ڪهاڻيون آهن.
هاڻي ان سوال ڏانهن اچجي ته حقيقت نگاريءَ جي مخالفت ڇو؟
تازو ئي مون “Languages of Truth” نالي تنقيدي مضمونن جو هڪ ڪتاب پڙهيو آهي، جيڪو سال 2021ع ۾ Knopf Canada مان ڇپجي پڌرو ڪيو ويو آهي، هي 320 صفحن جو ڪتاب آهي جنهن کي چئن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي ۽ ان جي پهرين ڀاڱي جي پهرين مضمون جو عنوان آهي “Wonder Tales”. هي لڳ ڀڳ 60 صفحن جو مضمون آهي، جنهن ۾ اهو سوال اٿاريو ويو آهي ته اصل افسانوي ادب ڪهڙو آهي، ڪهاڻيون ڪٿان اينديون آهن، افسانوي ادب پڙهڻ ڇو ضروري آهي؟ ۽ اهڙا ئي ٻيا ڪيترا سوال اٿاريا ويا آهن، مضمون جي شروعات ڪجهه هن نموني ڪيل آهي:
“ڪتابن جي ڇپجڻ کان اڳ ڪهاڻيون هيون، شروع شروع ۾ ڪهاڻيون لکيون نه وينديون هيون، اهي ٻڌايون وينديون هيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن کي ڳايو ويندو هو.”
(هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button