ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پي ٽي آءِ جا سياسي حملا

Editorial-Article- Akhtar Hafeez

2018ع واريون چونڊون تجربي کان وڌيڪ هن ملڪ تي هڪ آپگهاتي بم حملو هو. اسٽيبلشمينٽ پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ مان جان ڇڏائڻ لاءِ ٽين قوت جي تياري ۾ هئي. پر ٽين قوت (پي ٽي آءِ) جو ڪو وجود نه هو. اها پارٽي انهن ماڻهن جي سياسي اوبر مان تيار ڪئي وئي جيڪي اڳ ئي پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ سان ڏهاڪا گذاري چڪا هئا. پر اهي ان وقت مس فٽ تي ٿي ويا، جڏهن انهن پي ٽي آءِ جو سياسي ڪلچر ڏٺو، جيڪو نه رڳو گارين سان ڀرپور هو پر ان ملڪ جي سياسي شخصيتن جي به بي عزتي ڪندي دير نٿي ڪئي. پي ٽي آءِ سان جيڪڏهن ڪو ماڻهو بهتر نموني هلڻ جي قابل آهي، اهو گيٽ نمبر 4 جو چوڪيدار شيخ رشيد آهي، جنهن کي ڪابه پارٽي پاڻ سان کڻي هلڻ لاءِ تيار ناهي. ان ڪري سندس پارٽي ۾ فقط هڪ ماڻهو آهي، جيڪو هو پاڻ آهي.
ٽين قوت جي چڪر ۾ نه رڳو “ڪمپني بهادر” کي پنهنجي ساک وڃائڻي پئي ته اها پاڻ هڪ اهڙي بحران جو شڪار ٿي وئي جنهن مان نڪرڻ لاءِ ان کي وري به پراڻن سياسي رانديگرن جي ضرورت پئجي پئي. عمران خان نيازي پنهنجي اقتدار وارن ڏينهن ۾ اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو ته هو فوج جي سربراهه کي جڏهن به چاهي سندس عهدي تان هٽائي سگهي ٿو پر اهو ڪم ايترو سولو نه هو، ان ڪري هو تقريرن ۾ اسلامي سپه سالارن جا حوالا ڏيندو جنرل قمر جاويد باجوه تي حملا ڪندو رهيو پر جيڪڏهن جملا علامت ۾ بيان ڪيا وڃن تڏهن به سمجهڻ وارا سمجهي ويندا آهن. پهرين ڏينهن کان وٺي اهي امڪان چٽا هئا ته هي ڪمپني نه هلي سگهندي ۽ ائين ئي ٿيو. جڏهن هڪ ماڻهوءَ کي وزير اعظم بنائڻ لاءِ سڄو ملڪ داءُ تي لڳي وڃي ۽ ملڪ ۾ سياسي ڏڦيڙ پيدا ٿي وڃي ته پوءِ ان مان جان ڇڏائڻ لازمي ٿي پوندو آهي. عمران خان نيازي پنهنجي مزاج ۾ جمهوريت پسند ۽ صلاح مشوري سان فيصلا ڪندڙ ماڻهو ناهي، تنهنڪري هو ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار ٿي پئي سگهيو. ايستائين جو عدم اعتماد جي رٿ جي حوالي سان هن سپريم جي حڪمن کي پٺي ڏئي ڇڏي هئي. فوج لاءِ سندس چوڻ هو ته اها هن جي پويان بيٺل آهي، يعني فوج جي ڪمانڊ هو ڪري رهيو هو. پر معاملا ان وقت وڌيڪ خراب ٿي ويا، جڏهن عمران خان نيازي ۽ سندس ٽيم جي ڪيل غلط فيصلن جو ملبو اسٽيبلشمينٽ جي ڪلهن جو بار بڻجي ويو. ڇاڪاڻ ته سياسي جلسن کان وٺي سوشل ميڊيا ۾ اهي بحث عام ٿي ويا هئا ته عمران خان نيازي ڪنهن جي ڪلهن تي چڙهي اقتدار ۾ آيو هو.
ملڪ ۾ سياسي تجربن جي گنجائش پهرين ڏينهن کان وٺي نه هئي پر ان گنجائش کي پيدا ڪيو ويو، جنهن ڪري ڪڏهن به ملڪ ۾ سياسي استحڪام پيدا نه ٿي سگهيو ۽ ان جي نتيجي ۾ حڪومتون پنهنجو مدو پورو ڪرڻ کان اڳ ئي گهر ڀيڙيون ٿينديون رهيو. هن صورتحال ۾ سياستدان گهٽ ڏوهي آهن، ڇاڪاڻ ته سياسي انجيئرنگ سياستدان نه ڪندا آهن بلڪه انهن کي ته رڳو حڪم ڏنو ويندو آهي ته هي طئي ٿي چڪو آهي، اوهان کي هيئن ڪرڻو آهي. پر ڏکين حالتن مان ملڪ کي ڪڍڻ لاءِ به سياستدان ئي اڳيان ايندا رهيا آهن.
عمران خان نيازي هن وقت جتي به جلسو ڪري ٿو ته اهو نه رڳو اسٽيبلشمينٽ خلاف زهر اوڳاڇي ٿو پر هاڻوڪي حڪومت ۽ سياستدانن خلاف به غير سياسي ٻولي استعمال ڪري ٿو. اهو اڄ به ان سازش جو ذڪر ڪري ٿو، جنهن جو ڪو وجود ناهي. پر اهو بيانيو گهڻي وقت تائين هلي نٿو سگهي. ڇاڪاڻ ته ماڻهو هر ڀيري ساڳي ڳالهه ٻڌي ٻڌي ڪڪ ٿي پوندا آهن، ان ڪري هن هڪ نئون شوشو ڇڏيو آهي ته هن هڪ وڊيو رڪارڊ ڪرائي آهي، جنهن ۾ هن انهن ماڻهن جا نالا به ورتا آهن، جن کيس اقتدار مان ڌار ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. اهو مڃي به وٺجي ته کيس اقتدار کان ڌار ڪرڻ لاءِ ڪن طاقتور شخصيتن ڪردار ادا ڪيو آهي ته پهرين ته ان جا ثبوت پيش ڪرڻا پوندا، رڳو نالا وٺڻ سان ڪجهه ڪونه ٿيندو. پر جيڪڏهن هن انهن ئي ماڻهن جا نالا ورتا، جن کي هو مير جعفر ۽ جانور چوندو رهيو آهي ته ڇا هن لاءِ سياست ڪرڻ ايترو سولي ٿي ويندي، جيترو هو سمجهي ٿو.
هن کي هاڻوڪي حڪومت کان ايتري نفرت آهي جو هو ملڪ تي ايٽم بم ڪيرائڻ کي ترجيح ڏئي ٿو. پر پي ٽي آءِ جي پنهنجي حڪومت ئي هن ملڪ لاءِ ڪنهن ائٽمي ڌماڪي کان گهٽ نه هئي، جنهن نه رڳو ملڪ کي اڪيلائيءَ جو شڪار ڪيو، ملڪ ۾ مهانگائي وڌائي بلڪه هر پاسي کان ملڪي ترقيءَ کي روڪيو ويو ۽ قرضن جو هڪ وڏو بار ملڪ مٿان وڌو ويو. اهي به امڪان آهن ته عمران خان نيازي پنهنجي رڪارڊ ٿيل وڊيو عام ڪري ان کان اڳ سندس ئي ڪا وڊيو اچي وڃي ۽ هو ان جون وضاحتون ڏيندو رهي، جنهن جو ذڪر سندس اڳوڻو صلاحڪار شهباز گل ڪندو رهيو آهي، هو منٿون ڪندو رهيو ته اهڙيون وڊيو عام نه ڪيون وڃن. پر هاڻ پاڪستان جي سياست ۾ وڊيو ليڪ ٿيڻ عام ڳالهه آهي.
هاڻوڪن ڏينهن ۾ عمران خان نيازي جيڪي ڪجهه به ڳالهائي رهيو آهي، ان ۾ سندس هدف اهي ماڻهو آهن، جيڪي هن جا سڄڻ رهيا آهن، جن کيس اقتدار جي مسند تي ويهاري اهو سمجهيو ته هو ملڪ کي اتي پڄائيندو جتي ٻيا سياستدان نه پڄائي سگهيا آهن، پر جڏهن سياست رڳو ان ڪري ڪئي وڃي ته ڪنهن ماڻهوءَ جي نالي جي اڳيان رڳو وزيراعظم لڳي وڃي ته پوءِ ملڪ ڪڏهن به مسئلن مان نه نڪري سگهندا آهن.
عمران خان نيازي جيڪي مطالبا ڪري رهيو آهي، انهن کي في الحال ته قبول نه ڪيو ويندو ۽ نه ئي هن کي گرفتار ڪري سندس سياسي اهميت کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. سندس جلسا ايندڙ چونڊن جي تياري آهن، جيڪي اڳ جي ڀيٽ ۾ انگ جي حساب سان ڪافي ننڍا نظر اچن ٿا، تنهنڪري هو جيڪي غلطيون انهن جلسن وسيلي ڪندو ويندو، ايترو ئي هن لاءِ سياسي دڳ سوڙها ٿيندا ويندا. ڇاڪاڻ ته اڄ به ملڪي اسٽيبلشمينٽ مضبوط آهي ۽ ان کي خبر آهي ته سياستدانن کي ڪٿي ۽ ڪهڙي ريت ٿڪائي سگهجي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button