ڇنڇر 7 مئي 2022ع تي اله آباد هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ درخواست داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ تاج محل جي “تاريخي حقيقتن” جي جاچ ڪرڻ لاءِ گذارش ڪئي وئي آهي. درخواست تي پهريائين لکنئو ڪورٽ جو رجسٽرار غور ڪندو ۽ بعد ۾ ٻڌڻيءَ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪئي ويندي. درخواست ۾ تاج محل جي بند ڪيل 22 دروازن کي کولي جيڪو به “سچ” آهي، ان کي ظاهر ڪرڻ جو چيو ويو آهي. اهي 22 دروازا هڪ عمارت ۾ آهن جنهن عمارت جو ٻاهريون دروازو 1974ع ۾ پٽي ان کي پڪين سرن سان بند ڪيو ويو هو. ان ريت تنهن دور جي ڪانگريس حڪومت پاران بند ڪيل هن دروازي کي کولي عمارت جي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڀارتيا جنتا پارٽي پاران زور وٺي رهيو آهي. مغل دور جو هي شاهڪار آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا پاران محفوظ قرار ڏنل آهي. ساڄي ڌر جي ڪيترن ئي حلقن ماضيءَ ۾ به اها دعويٰ ڪئي آهي ته تاج محل اصل ۾ ڀڳوان شِو جو هڪ قديم مندر آهي. هن وڌندڙ مسئلي کان اڳ تاج محل جي تاريخ تي هلڪي نظر ڦيرايون ٿا.
بابر، همايون، اڪبر ۽ جهانگير کان پوءِ ايندڙ بادشاهه شاهجهان پنجون مغل بادشاهه هو. هو عظيم مغل بادشاهن منجهھ شمار ٿئي ٿو ۽ هن جو دور مغلن جو سونهري دور شمار ٿئي ٿو. شاهجهان سندس دور ۾ ڪيترا ئي شاهڪار يادگار تعمير ڪرايا جن منجهان آگره ۾ جوڙايل تاج محل سڀ کان وڌيڪ مشهور ۽ مڃتا ماڻيل آهي.
تاج محل اصل ۾ مختلف عمارتن جو ميڙ آهي جنهن جو اڇي سنگ مرمر وارو مقبرو سڀ کان اهم جز آهي. هن پيچيده مقبري جي تعمير 1632ع ۾ شروع ٿي ۽ مکيه مقبرو 1648ع ۾ مڪمل ٿيو. تعميري مرحلي ۾ هزارين ڪاريگرن ۽ مزدورن حصو ورتو هو پر تنهن هوندي به مقبري جون ٻاهريون عمارتون ۽ باغيچا پنج سال پوءِ 1653ع ۾ مڪمل ٿيا.
ان دور جي اسلامي دنيا ۾ عمارتن جو اعزاز ڪاريگرن بدران بادشاهن کي ڏنو ويندو هو. اهو چيو وڃي ٿو ته اتر ڀارت جي ويھه هزار مزدورن ۽ ڪاريگرن کي عمارت جي تعمير تي لڳايو ويو هو. جڏهن ته بخاره کان سنگتراش، شام ۽ ايران کان خطاط، اندرين ڀارت کان جڙاءُ ڪندڙ، بلوچستان کان پٿر ڪپيندڙن سميت مختلف جاين تان سنگ مرمر تي گل ۽ چٽ ٺاهيندڙ ڪاريگرن سان گڏ ٻيا ڪيترائي تخليقي ڪاريگر آندا ويا هئا جن گڏجي هي شاهڪار تعمير ڪيو هو.
هڪ ڏند ڪٿا اها به آهي ته شاهجهان سمورن مسترين ۽ ڪاريگرن جا هٿ ڪپرائي ڇڏيا هئا ته جيئن وري هن جهڙو محل جڙي نه سگهي. پر ان ڳالهھ ۾ ڪا به صداقت ناهي، هي فقط افسانوي ڏند ڪٿا آهي. شاهجهان تاج محل ٺاهيندڙ ڪاريگرن ۽ مزدورن جي رهائش لاءِ هڪ وسيع “تاج گنج” جوڙايو هو. اها بناوٽ اڃا به موجود آهي. ان ريت هٿ ڪپڻ واري ڳالهھ جي ابتڙ بادشاهه پاران ڪاريگرن ۽ مزدورن جي سنڀال لهڻ واري ڳالھه سامهون اچي ٿي. جڏهن ته هٿ ڪپرائڻ واري ڏند ڪٿائي ڳالھه جو ڪو به ثبوت ناهي ملي سگهيو.
تاج محل جي تاريخي اهميت کي ڏسندي يونيسڪو پاران 1982ع ۾ ان کي ورلڊ هيريٽيج ۾ داخل ڪيو ويو. تاج محل جي ٽوئرزم منجهان ڀارت هر سال لکين ڊالرن جي ڪمائي حاصل ڪري ٿو. تاج محل دنيا جي ستن عجوبن منجھان هڪ آهي.
تاج محل “پيار جي يادگار” طور ڄاتو وڃي ٿو. شاهجهان ان کي پنهنجي ٽين زال ممتاز محل جي يادگيريءَ طور جوڙايو. شاهجهان برهانپور ۾ هڪ بغاوت کي چٿڻ لاءِ لشڪر وٺي ويو. ان مهم ۾ ممتاز به ساڻس گڏ هئي. ممتاز برهانپور ۾ فوت ٿي. مرڻ کان اڳ هن شاهجهان کي تيرهن ٻار ڄڻي ڏنا هئا. چون ٿا ته بادشاهه کي راڻيءَ جي موت جو ايڏو ته صدمو ٿيو جو ڪجھه ئي مهينن اندر سندس ڏاڙهي ۽ مٿي جا وار کير جهڙا اڇا ٿي ويا. جڏهن ممتاز محل جيئري هئي ته هن شاهجهان کان چار واعده ورتا هئا. هڪ، هو تاج جوڙائيندو؛ ٻيو، هو ٻيهر شادي ڪندو؛ ٽيون، سندن ٻارن سان رحمدليءَ سان پيش ايندو؛ چوٿون، هو هر سال ممتاز جي ٻارهي/ورسيءَ تي ان جي مقبري تي ايندو. بادشاهه پهريان ٽي واعدا ته پورا ڪري سگهيو پر پنهنجي پٽ اورنگزيب هٿان قيد ڪيو وڃڻ سبب آخري واعدو پورو نه ڪري سگهيو. اورنگزيب پنهنجي پيءُ کي چوٿون واعدو پورو ڪرڻ جي ڪڏهن به اجازت نه ڏني. جڏهن ته شاهجهان ۽ ممتاز جون قبرون تاج محل جي هڪ ڪوٺڙيءَ ۾ گڏ جوڙيل آهن.
هڪ سوچ اها به آهي ته تاج محل ڀارتي ناهي. اولھه جا ڪيترا ئي ماهر ان ڳالھه تي حيران پريشان رهيا آهن ته ڀارتي ثقافت ان جهڙو ڪمال شاهڪار ڪيئن جوڙي سگهي ٿي.
منڍ ڏانهن واپسي:
ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ تاج محل جي بند ڪيل ڪمرن کي کولي هندو بتن کي جاچڻ جي گذارش ڪيل آهي. درخواست ڏيندڙ شخص رنجيش سنگھه آهي جيڪو ايوڌيا ۾ ڀارتيا جنتا پارٽيءَ (BJP) جو ميڊيا ڊيسڪ انچارج آهي. جنهن جو چوڻ آهي ته هندتوا جا ڪيترا ئي جٿا دعويٰ ڪن ٿا ته هي مقبرو هندو ڀڳوان شِو سان منسوب ٿيل هو. جنهن کي “تيجو محاليا” چيو وڃي ٿو. جنهن کي بعد ۾ مغل حڪمرانن ٽوڙي ان هنڌ تاج محل جوڙايو هو. ان ڪري بند ڪيل ٻاويهن دروازن کي کولي هندو مت جي بتن ۽ لکتن جي موجودگيءَ بابت امڪاني شڪ دور ڪيا وڃن.
شاهجهان 1632ع ۾ تاج محل جو ڪم شروع ڪرايو ۽ 1653ع ۾ ڪم مڪمل ٿيو. جڏهن ته هندتوا جي ڪجھه بناوٽي تاريخدانن عدالت ۾ اهو نظريو پيش ڪيو آهي ته هتي موجود مندر مغلن کان به گهڻو اڳ قائم هو.
رنجيش سنگھه جي وڪيل ردرا وڪرم سنگھه موجب “سمورن اختلافن کي سدائينءَ لاءِ ختم ڪرڻ لاءِ بند ڪيل ڪمرن کي کولڻ ۾ ڪو حرج ڪونهي.”
رنجيش سنگھه موجب “بادشاهه پرماردي ديو 1212ع ۾ تيجو محاليا شو مندر ان ئي هنڌ جوڙايو هو جتي هاڻي تاج محل موجود آهي. اهو مندر بعد ۾ ٻين حڪمرانن کي منتقل ڪيو ويو هو ۽ 1632ع ۾ شهنشاهه شاهجهان اهو بادشاهه جئه سنگھه کان ڦٻايو ۽ ان کي پنهنجي زال جي يادگار ۾ تبديل ڪرائي ڇڏيو هو.”
درخواست ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته “جيئن ته تاج محل هڪ تاريخي يادگار آهي ۽ ان جي تحفظ ۽ سنڀال تي ڪروڙين روپيا خرچ ٿي رهيا آهن، ان ڪري عوام آڏو تاريخ جي هن يادگار جون درست تاريخي حقيقتون سامهون آڻڻ گهرجن.”
ٻئي پاسي ڀارت ۾ ان درخواست جي حمايت ۽ مخالفت ۾ گڏيل رايا اچي رهيا آهن. ان سان گڏ بي جي پي پاران اها راءِ به اچي رهي آهي ته قطب مينار کي به وشنو اسٿمڀ جو درجو ڏئي هندو مت جي مقدس جاءِ طور مڃيو وڃي. ٻئي پاسي بي جي پي مخالف هندو ۽ مسلمان تاريخدانن اهڙن سوين مندرن جا ثبوت سامهون آندا آهن جيڪي اصل ۾ ٻڌمت ۽ جين مت جا هئا ۽ جن کي بعد ۾ هندو مت جي مندرن طور استعمال ۾ آندو ويو. اهي اهو چئي رهيا آهن ته ڇا ڪڏهن به بي جي پي وارن انهن تاريخي مندرن جي اصل ڏانهن واپسي ڪرائڻ جي ڳالھه ڪئي آهي؟ اهو پڻ ياد رهي ته بابري مسجد کي به ڀڳوان رام جي ڄم واري جاءِ قرار ڏئي مسمار ڪيو ويو هو.
ننڍي کنڊ ۾ مذهب ۽ قوميت کي هٿيار بڻائي سياسي ۽ معاشي فائدا وٺڻ واري راند اڃا به جاري آهي. مودي به ساڳي هندو مذهبي ۽ قومي نعري کي هوا ڏئي حڪمران بڻجڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ هو اڃا تائين ان ئي طريقي کي استعمال ڪري پنهنجي حڪومت جاري رکڻ چاهي ٿو. ساڳي ريت پاڪستان ۾ به مذهبي ۽ قومي بيانيي کي هوا ڏئي عوام کي جذباتي بڻائي حڪومت ۾ اچڻ جون اٽڪلون اڃا به جاري آهن.
حوالا:
The Reuters, India TV, Hindustan Times, Wikipedia, Twitter