ماڻھو جڏھن ھن ڪائنات، سماج ۽ پنھنجي پاڻ کان اڻ واقف ھو، ڪائنات ۾ ٿيندڙ لقائن ڏينھن رات ٿيڻ، موسمن جي ڦير گهير، سج ۽ چنڍ گرھڻ ٿيڻ، ماڻھو جي واڌويجھه ڪرڻ ۽ ان جو مري وڃڻ، وڻ ٽڻ، ٻوٽن جي پنن جي چرپر ۽ ھوا جي جھوٽن جي ڪابه ڄاڻ نه ھجڻ جي ڪري، انسان انھن جي باري ۾ مختلف ڌڪا ھڻڻ شروع ڪيا. انھن لقائن جي باري مختلف ڏندڪٿائون گھڙڻ شروع ڪيون، ائين مذھب جو بنياد پيو. تڏھن انسان ڄاڻ، سمجھه عقل ۽ فلسفي جي علم ڏانھن پنھنجا قدم وڌائي ڇڏيا ۽ انھن غلط خيالن مان صحيح خيال ڦٽي نڪتا ھئا، ائين فلسفي جو علم وجود ۾ آيو.
فلسفي جي علم ڪائنات جي انھن سڀني لقائن بابت سوالن جا جواب ڏنا جن بابت اوائلي انسان اڻ ڄاڻ ھو. يقينن فلسفي جا اھي جواب بلڪل صحيح نه ھئا، نه ئي اھي ان دور جي مذھبي خيالن کان بلڪل آجا ھئا پر فلسفي جي علم ۾ صحيح جواب کان وڌيڪ سوال جي وڏي اھميت آھي. فلسفي انساني تاريخ ۾ وڏا سوال اٿاريا آھن، جن سائنس لاءِ رستو ھموار ڪيو، فلسفي جي انھن سوالن تي ئي علم اڳتي وڌيو آھي، انھن وڏن سوالن دنيا کي تبديل ڪيو آھي، فلسفي جي ڪائنات ۽ انسان بابت انھن سوالن جي شروعات يونان، مصر، ھندستان ۽ عراق جي تھذيبن ۾ ٿي. اتي انساني تاريخ جا ڪي ڏاھا پيدا ٿيا جن ھن ڪائنات کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي. ان جي باري ۾ پنھنجا نظريا پيش ڪيا پر بدقسمتيءَ سان ھندستان، مصر ۽ عراق جي تھذيبن جا گھڻا خيال ريڪارڍ تي نه اچي سگھيا انھن جا ڪجهھ خيال اسان تائين پھچي سگھيا آھن پر يونان جي عظيم تھذيب جا گھڻا خيال ريڪارڍ تي اچي ويا ۽ اھي ترجمي جي صورت ۾ مسلمان ۽ ان کانپوءِ پوري يورپ ۾ پھچي ويا، جنھن سبب يورپ به اونداھي دور مان نڪري روشن خيالي ۽ عقليت پسندي طرف وڌيو. يونان جي ان تھذيب ۽ انھن خيالن تي ته مارڪس جھڙو ڏاھو به حيران ھو ته ان دور ۾ يونان ۾ ھيڏو سارو علم ڪيئن اُسري سگھيو، جنھن جا اثر اڃا تائين محسوس ڪري سگھجن ٿا.
اڄ جي جديد دور جو علم جو بنياد ان دور جي يونان ۾ ھو، يونان جي ان تھذيب ۽ فلسفي جي خيالن کي سمجھڻ لاءِ اڄ به تحقيق ٿئي ٿي، ڪتاب لکجن ٿا، انھن تي بحث ٿئي ٿو، ماڻھو انھن کي پڙھن ٿا، سنڌيءَ ۾ به فلسفي جي موضوع تي ڪتاب لکيا ويا آھن، جنھن ۾ گھڻو انگ جدليات تي لکيل ڪتابن جو آھي پر فلسفي جي پيرائتي تاريخ تي لکيل ڪتابن جو انگ گھٽ آھي جنھن ۾ تاريخ تي ڪجھه اصلوڪا ڪتاب لکيل آھن ۽ ڪجھ ترجما پڻ ٿيا آھن، جنھن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ٻن استادن نويد سنڌيلو ۽ راشد پوٽي جو ڪم منفرد آھي. ان حوالي سان ئي ڪجھه وقت اڳ راشد دائودپوٽي جو يوناني فلسفي تي “يوناني فلسفي جي تاريخ” ڪتاب ڇپيو آھي جيڪو تمام منفرد آھي جنھن ۾ اسان کي يوناني فلسفي جي پيرائتي تاريخ ملي ٿي. انساني فڪر جي ارتقا جي شروعاتي خيالن جي باري ۾ ڄاڻ ملي ٿي. ڪتاب ۾ اسان کي سائنس جا اھي خيال جن دنيا کي دوڏي ڇڏيو، اھي پنھنجي ارتقا جي پھرئين ڏاڪي تي ملندا. ڪتاب ۾ اسين دنيا جي پھرئين ڏاھي ٿاليس کان ويندي دنيا جي ان عظيم ارسطو جا خيال پڙھي سگھون ٿا جن جي خيالن صدين تائين يورپ تي حڪمراني ڪئي. ڪتاب ۾ اسان کي ان صوفي درويش ڏاھي سقراط جو به احوال ملندو جنھن سچ جي ڪري خوشيءَ سان زھر جو پيالو پي ڇڏيو ته وحدت وجودي فلسفي پيٿاگورس جي نظرين جو اپٽار آھي جن جو خيال ھو ته خدا ڪائنات جي ھر ذري ۾ شامل آھي. ان ڪري يونان جي ان علم ۽ فلسفي کي سمجھڻ بنا اسان لاءِ ھن دور جي جديد علم کي سمجھڻ ڏکيو آھي، تنھنڪري يوناني فلسفي تي لکيل ھن ڪتاب جي اھميت تمام گھڻي آھي، جنھن جو پاڻ مختصر جائزو وٺڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
جيئن ته ھي ڪتاب يوناني فلسفي جي تاريخ تي آھي پر ان کان اڳ ۾ پڙھندڙ لاءِ اھو ڄاڻڻ ضروري آھي ته فلسفو ڇا آھي؟ ان جي اھميت ان جو ڪارج يا مقصد ڪھڙو آھي؟ تنھنڪري ڪتاب ۾ ليکڪ سڀ کان پھرين فلسفي جي وصف ۽ ان جي اھميت تي بحث ڪري ٿو، جنھن ۾ ليکڪ فلسفي جي وصف بيان ڪندي لکي ٿو ته “فلسفي جي وصف بابت تمام گھڻا موقف آھن،جھڙوڪ: ڪائنات شناسي ۽ خودشناسيءَ جو نالو فلسفو آھي. فلسفو ڪائنات بابت نقطه نظر آھي پر جنھن وصف بابت تمام گھڻا ماڻھو سھمت آھن، اھا وصف ھي آھي ته ڪائنات جي آفاقي قانونن جي ڄاڻ ڳولا ۽ اڀياس کي فلسفو چئجي ٿو، اھي آفاقي قانون جيڪي ھڪ ئي وقت فطرت،انساني سماج ۽ انساني فڪر تي لاڳو ٿين ٿا.” ان کانپوءِ ليکڪ ڪتاب ۾ فلسفي جي اھميت تي بحث ڪري ٿو جنھن ۾ ليکڪ جو خيال آھي ته فلسفي ھر دور جي رواج پڻي کي چيليج ڪيو آھي، اھو فلسفو ئي آھي جنھن اوائلي دور جي ڏندڪٿائي، مدي خارج خيالن کي رد ڪري پنھنجا عقلي خيال پيش ڪيا جنھن جي ڪري ان دور جا سماج اڳتي وڌيا سماج ۾ اونداھي دُور ٿيڻ لڳي پر ان جي بدلي ڏاھن کي وڏيون عقوبتون ۽ تڪليفون ڏسڻيون پيون ڇو ته انھن ڏاھن جي خيالن سان رجعت پرست ماڻھن جي ھن سماج ۾ ھڪ ھٺي ختم پئي ٿي. ليکڪ جو خيال آھي ته فلسفين جا خيال پنھنجي دور جي خيالن کان ايدوانس خيال ھئا، تنھنڪري انھن خيالن کي صحيح سمجھڻ لاءِ صديون لڳي ويون، منھنجو پنھنجو خيال به اھو آھي جيئن سقراط جي خيالن سان ٿيو يا مارڪس جي خيالن سان ٿيو ۽ جڏھن انھن خيالن جي اھميت کان ماڻھو واقف ٿيا ته انھن خيالن سماج ۾ ھڪ وڏي تبديلي آندي. انھن خيالن دنيا کي پڻ ڌوڏي ڇڏيو تنھنڪري سرمائيداري جي ھن دور ۾ ته فلسفياڻن خيالن جي اھميت تمام گھڻي آھي. ان کانپوءِ ڪتاب ۾ ليکڪ سائنس ۽ فلسفي جي فرق تي پڻ لکي ٿو جنھن ۾ ليکڪ جو خيال آھي ته سائنس ھن ڪائنات ۾ رونما ٿيندڙ لقائن جي پروسيس يا طريقيڪار جو مطالعو ڪندي آھي پر فلسفو ان جي سببن کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪندو آھي يا سائنس شين کي مختلف حصن ۾ ورھائي پوءِ ان کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪندي آھي پر فلسفو ھر لقاءُ ۽ شين کي ڳنڍي پوءِ سمجھڻ جي ڪوشش ڪندو آھي تنھنڪري سائنس ٽوڙيندڙ ۽ فلسفي کي ڳنڍيندڙ سڏيو وڃي ٿو.
ان کانپوءِ ليکڪ يوناني فلسفي جو تعارف پيش ڪري ٿو جنھن ۾ ليکڪ جو خيال آھي ته فلسفي جي تاريخ جي شروعات يونان کان ڪئي وڃي ٿي پر يونان کان اڳ ۾ مصر، ھندستان ۾ پڻ فلسفياڻا خيال ھئا پر ان فلسفي تي انھن تھذيبن جا مذھبي خيال پڻ حاوي ھئا، تنھنڪري فلسفو ھندستان ۽ عراق ۾ وڌيڪ اُسري نه سگھيو. ٻيو ته ھندوستاني فلسفي تي تمام گھٽ ڪم ٿيڻ جي ڪري اھو اسان تائين پھچي ناھي تنھنڪري ان کي ھڪ جدا نقظه نظر سان پڻ ڏسڻ جي ضرورت آھي. ان پوري بحث کي سھيڙڻ کان پوري يوناني فلسفي جي تاريخ پيش ٿو ڪري جنھن جي شروعات دنيا جي پھرئين ڏاھي ٿاليس کان ڪري ٿو، جنھن ۾ ليکڪ يونان جي اوڻويھه ڏاھن جي زندگي، فڪر ۽ فلسفي تي بحث ڪري ٿو جن کي سمجھڻ لاءِ ھر ھڪ کي ھي ڪتاب ضرور پڙھڻ گھرجي پر پاڻ يونان ڏاھن جي ڪجھه خيالن جو ھتي مجموعي طور تي جائزو وٺڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا.
يونانين ھن ڪائنات جي اصل جوھر مطلب ڪائنات ڇا جي ٺھيل آھي؟ جي سوال تي سوچ ويچار ڪيو جنھن ۾ ٿاليس جو خيال ھو ته ھي ڪائنات پاڻيءَ جي ٺھيل آھي، اينڪسمينز چيو ته ھي ڪائنات ھوا جي ٺھيل آھي، اينڪسيماندر چيو ته ھي ڪائنات لامحدود يا بي انت عنصرن جي ٺھيل آھي.
يوناني ڏاھي اينڪسيماندر لامارڪ ۽ ڊارون کان به اڳ ارتقا جو نظريو پيش ڪيو جيڪو ڊارون جي ارتقا جي نظريي جي بلڪل ويجھو ھو.
يونانين جاميٽريءَ جي دريافت ڪئي. انھن ڪائنات جو ماڊل پڻ تيار ڪيو ۽ انھن گليلو کان اڳ ان ڳالهھ کان واقف ھئا ته ھي ڌرتي گول آھي ۽ ڌرتي ھن ڪائنات جو مرڪز آھي. يوناني ڏاھن پيٿاغورث، زينو، افلاطون ۽ ٻين تصوف جا بنيادي خيال پيش ڪيا. انھن وحدت وجودي فلسفي جو نظريو ڏنو جنھن کي اڳتي ھلي مسلمانن پڻ پنھنجو ڪيو.
سڀ کان اڳ يونانين شين جي وچ ۾ تڪرار ۽ جھيڙي کي سمجھيو جيڪا جدليات فلسفي جي ھڪ وڏي دريافت آھي. انھن شين ۾ چرپر ۽ تبديليءَ کي پڻ سمجھيو. ھيراڪليٽس چيو ته شين ۾ ھر وقت تبديلي آھي ۽ چرپر آھي ڪابه شيءِ سدائين ساڳي نٿي رھي.
سڀ کان اڳ يوناني فلسفي افلاطون ھڪ جمهوري رياست جو تصور ڏنو جنھن کي صدين کانپوءِ يورپ سمجھيو ۽ ارسطو سائنس جو بنياد وڌو ته سقراط فلسفي ۾ نفسيات جا بنياد وڌا. ان کانسواءِ سڀ کان پھرين ڊيموڪريٽس ائٽم جي نظريو پيش ڪيو. ائين ڪتاب ۾ يوناني ڏاھن جي فڪر تي تفصيلي بحث آھي، جن کي پڙھڻ سان يونان جي علمي وسعت جي ڄاڻ پوي ٿي. اسان دنيا جي انھن عطيم خيالن کان واقف ٿيون ٿا جن جديد دور سائنس ۽ فلسفي جا بنياد وڌا. انھن خيالن کي سنڌيءَ ۾ پيش ڪرڻ دوستن جو غير معمولي پورھيو آھي.