ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بند گهٽيءَ ۾ بيٺل گورنمينٽ

ماضي قريب واري مخالف ڌر اهو سوچيو هو ته هو سوا سال جي سرڪار واري سنهيءَ گهٽيءَ مان نڪري ويندي. انهن جو اهو خيال به هو ته نڪرندي نڪرندي هو نيب جو نمونو به ٺيڪ ڪندا ۽ تڪن واري معاملي کي به پنهنجي حق ۾ ڪندا ويندا ۽ اهم ڳالهه ته پنهنجي ڀروسيءَ وارو نئون آرمي چيف مقرر ڪري هو پنجن سالن واري محفوظ اقتدار جو رستو به هموار ڪندا ويندا. پر هن وقت جون حالتون ٻڌائين ٿيون ته انهن جا خيال انهن جون اهڙيون خوشفهميون هيون، جيڪي عمل ۾ اچڻ کان پوءِ جهري پيا آهن. انهن سوچيو هيو ته عمران خان صرف پنهنجي کل بچائڻ ۾ پورو هوندو. ڇو ته هن کي ڪرڙيءَ کان به ڊپ لڳندو آهي. هو ڪٿي ۽ جيل ڪٿي؟ پر عمران خان هن حڪومت جي نڙيءَ ۾ اهڙو ته اٽڪي پيو آهي جو اردو ٻوليءَ ۾ ان کي چئبو آهي ته”نه نگل سڪتي هين اور نه اگل سڪتي هين” ان جو مطلب اهو ئي ٿيو، جيڪو عمران خان چوندو هو ته اقتدار مان آئوٽ ٿي هو وڌيڪ خطرناڪ ٿي ويندو. ان ڳالهه جوپورو پتو ته ڪپتان کي به نه هو ته خط کي پنهنجي نڪرڻ جو سبب بڻائيندڙ عمران خان وزيراعظم هائوس مان نڪري قومي هيرو بڻجي ويندو. ان جي خبر ته هن کي به نه هئي. ان ڪري جيڪڏهن اڳوڻو حزب اختلاف ۽ هاڻوڪي حڪومت کي اهڙو خدشي ڀريو خيال نه آيو ته ان ۾ هن جو ڪهڙو قصور؟

ٻاراڻي لطيفي وانگر قصور ڪنهن جو به هجي پر ڏنڊ ته بهرحال هن حڪومت کي ڀرڻو پوندو، جنهن جي پويان عمران خان خار ۾ آيل خلق جو انبوهه ڪاهي پيو اچي ۽ اڳيان ملڪي مهانگائي ۽ آءِ ايم ايف جون شديد مشڪل شرطون سرڪار جو اڳ جهلي بيٺيون آهن. اهڙي حالت ۾ حڪومت کي بند گليءَ ۾ بيٺل نه چئجي ته ٻيو ڇا چئجي؟ هيءَ حڪومت واقعي گهڻ طرفي مشڪل ۾ ڦاسي وئي آهي. هڪ ته اها ڏينهون ڏينهن غيرمقبول ٿي رهي آهي. ٻيو ته حڪومتي ڌر ۾ تمام گهڻا اختلاف پيدا ٿي پيا آهن. ڇو ته اقتدار پرستن جو خيال آهي ته ڪنهن به طرح سان وڌ کان وڌ سرڪاري مزو ماڻيون. جڏهن ته مسلم ليگ ن جي اصل قيادت جي سوچ آهي ته سياست ۾ صرف ويجهو فائدو نه پر پر ان ۾ نقصان به ڏسبو آهي. اهڙي طرح ميان نواز شريف ۽ هن جي خاندان سميت پارٽيءَ ۾ هن جي حامي حلقي جو خيال آهي ته حڪومت مان جلد کان جلد جند آجي ڪري ايندڙ چونڊن جي تياري ڪرڻ گهرجي. پر حڪومت ۾ شامل ٻه اهم اتحادي، هڪ مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيو آصف علي زرداري چونڊ سڌارن جي بهاني وڌ کان وڌ وقت اقتدار ۾ رهڻ ٿا چاهين.

حڪومت جي آڏو جيڪڏهن ڪشمڪش صرف ايتري هجي ته خير آهي پر اصل دٻاءُ ان عمران خان جو آهي، جيڪو حڪومت مان هٿ ڪڍي پاڻ کي ملڪ کان وڏو اڳواڻ بڻائي پيش ڪري رهيو آهي.

حڪومت اڃان تائين آمريڪي خط جي مصيبت مان نڪري نه سگهي هئي ته عمران خان هن مٿان ٻئي خدشي جو سياسي حملو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان حملي جي حوالي سان ته حڪومت بنهه بوکلائجي وئي آهي. عمران خان عوامي ميڙاڪي ۾ اها دعويٰ ڪئي آهي ته هن کي قتل ڪرڻ جي لاءِ ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ سازش ٿي رهي آهي. هن ان سلسلي ۾ هڪ وڊيو جو به ذڪر ڪيو آهي، جيڪا مبينا طور تي هن رڪارڊ ڪرائي پاڻ وٽ محفوظ ڪري رکي آهي ۽ هن جي بقول هن ان وڊيو ۾ انهن سڀني جا نالا کنيا آهن، جيڪي هن جي مبينا امڪاني قتل جو سبب بڻجي سگهن ٿا. عمران خان جي اهڙي دعويٰ کان پوءِ هڪ طرف هن جا حامي هن سان شديد محبت جو اظهار ڪرڻ لڳا آهن ۽ ٻي طرف سرڪار سخت پريشان آهي ته هوءَ هن تازي مصيبت مان پاڻ کي ڪهڙي طرح آجو ڪري؟

عمران خان 20 تاريخ کان پوءِ واري مارچ جي لاءِ مومينٽم پيدا ڪرڻ جي سلسلي ۾ هر ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن شهر ۾ سياسي جلسو ڪري رهيو آهي ۽ ان جلسي ۾ عوامي شرڪت به ڀرپور آهي. هو حڪومت ته ڇا پر هاڻي اسٽيبلشمينٽ تي به اهو دٻاءُ پيدا ڪرڻ جي سلسلي ۾ سوڀارو نظر اچي رهيو آهي ته جلد کان جلد چونڊن سوا صلح جو ٻيو ڪو به رستو نه رهيو آهي. جڏهن معاملو ان حد تائين پهچي وڃي ته پوءِ نظر ايندڙ ۽ اکين کان اوجهل حڪومت جي هٿن ۾ آخر ڇا رهندو؟ خاص طور تي جڏهن حڪومت ۾ شامل پارٽيءَ جي اصل قيادت يعني ميان نواز شريف به تمام گهڻو اصرار ڪري رهيو آهي ته ڪنهن به طرح سان حڪومت مان هٿ ڪڍڻ کپن. ان کان سواءِ ميان نواز شريف ۽ هن جي حامي حلقي جو اهو خيال به آهي ته شهباز شريف آصف زرداريءَ جي چڪر ۾ اچي پارٽيءَ کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي.

آصف زرداري ۽ ميان نواز شريف ۾ ڪڏهن به صلح ٿي نه ٿو سگهي. جڏهن کان وٺي آصف زرداريءَ اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ ميثاق جمهوريت جو پنو ڦاڙي اڇلايو ۽ هن پنجاب ۾ گورنر راڄ هڻي اتي پنهنجي خاص شخص سلمان تاثير کي حڪمران بڻائي، شهباز شريف کي هٽائي ڇڏيو، تڏهن کان وٺي آصف زرداري ميان نواز شريف جي گڊبڪس Good books ۾ نه رهيو آهي. ان تي ميان نواز شريف جي اهڙي ناپسنديدگيءَ جي مٿان تصديق جي مهر ان مهل لڳي، جڏهن آصف زرداريءَ پي ڊي ايم جي پوئين ميٽنگ ۾ مريم نواز جي مٿان سخت تنقيد ڪئي. ان کان پوءِ بلاول به پنهنجي والد جي نقش قدم تي هلندي ميان نواز شريف کي سندس خاندان سميت تنقيد جو نشانو بڻايو. ان وقت کان وٺي ميان نواز شريف اهو فيصلو ڪري ڇڏيو ته هو ڪنهن به قيمت تي آصف زرداريءَ کي پنهنجو اتحادي نه ڪندو پر آصف زرداريءَ جڏهن پنهنجو سياسي ڪمند شهباز شريف جي مٿان اڇلايو ته معاملو تبديل ٿي ويو. هن وقت مسلم ليگ ن کي به نواز شريف جي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي رهي آهي ته هن آصف زرداريءَ سان ملي اقتدار وٺڻ جي مخالفت ڇو ڪئي هئي؟

عمران خان ملڪي ماڻهن کي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ مڇرائي جهڙي طرح مخالفن جا گهاٽ ۽ گهٽيون بند ڪري رهيو آهي، ان سان هن جي مخالفن ۾ پريشانيءَ جي لهر هلي پوڻ هڪ فطري عمل آهي. جڏهن ته هن جي پارٽيءَ جا ماڻهو حڪومت مان نڪرڻ بعد به هزارن ۽ لکن جا ميڙاڪا ڏسي مايوسيءَ ۾ وڃڻ بدران هڪ قسم جي اتساهه ۾ اچي ويا آهن. انهن کي محسوس ٿي رهيو آهي ته هو تمام وڏي ۽ تاريخي ڪاميابيءَ طرف وڌي رهيا آهن. عمران خان پاران پيدا ڪيل اهڙي يوفوريا Euphoria سبب پاڪستان ۾ هڪ طرح سان ته انارڪيءَ جا امڪان به پيدا ٿي رهيا آهن. پاڪستان جي پريشاني ان وقت حقيقي طور تي وڌي رهي آهي، جڏهن سوشل ميڊيا تي سريلنڪا ۾ اٿيل عوامي بغاوت جي باهه جا شعلا نه صرف نظر اچي رهيا آهن پر انهن کي هڪ خاص مقصد تحت وائرل به ڪيو پيو وڃي. ان حالت ۾ جيڪڏهن ملڪ ۾ جلدي چونڊون نه ٿيون ڪرايون وڃن ته پوءِ اگرن نتيجن جا امڪان ته هر ڏينهن ميڊيا جو موضوع بڻيل ئي آهن.

هن وقت حڪومت کي بظاهر هڪ اهڙو حفاظت وارو رستو گهرجي، جنهن تي هلڻ ۾ هن کي گهٽ کان گهٽ نقصان پهچي. اهو رستو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ اهو رستو هڪ ئي آهي ته حڪمران حڪومت مان هٿ ڪڍن ۽ عمران خان جي فرمائش تي جلدي چونڊون ڪرائين ۽ نه فقط ايترو پر پنهنجي ايندڙ وقت واري غيرحڪومتي حالت به قبول ڪن. ڇو ته عمران خان جو هر لفظ ۽ هن جو هر انداز اهو اظهار ڪري رهيو آهي هو اقتدار ملڻ کان سواءِ ٻيو ڪنهن به ڳالهه تي راضي نه ٿيندو. جيڪڏهن فرض ڪيو ته جلدي چونڊون ٿين ٿيون ۽ فرض ڪيو ته انهن چونڊن ۾ عمران خان ون ٿرڊ ميجارٽيءَ سان حڪومت ٺاهڻ ۾ ڪامياب نه ٿو وڃي ته ڇا هو خاموش ٿي اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪندو؟ ڪنهن به صورت ۾ نه. ڇو ته جيڪڏهن هن کي اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪرڻو هجي ها ته ان وقت به هن وٽ تمام مضبوط مخالف ڌر هئي، جڏهن هن کي حڪومت مان هٽايو ويو هو. ڇا ايتري مضبوط مخالف ڌر کي سرڪاري ڌر منهن ڏئي سگهي ها؟ اهو ڪنهن به صورت ۾ ممڪن نه هجي ها پر عمران خان پنهنجن ميمبرن کي ساڻ کڻي رستن تي نڪري آيو ۽ هن وقت هو ملڪ جي لاءِ هڪ اهڙو ڪردار ٿي چڪو آهي، جنهن کان راضي ڪرڻ کان سواءِ ڪنهن کي به ٻي راهه نظر نه ٿي اچي. عمران خان جي هن وقت واري اسٽائيل مان لڳي رهيو آهي ته هن کي غيرمشروط اقتدار گهرجي ۽ اهو اقتدار اهڙو هجي، جنهن ۾ ڪوئي به مداخلت نه ڪري. هونءَ ته پاڪستان ۾ هر پارلياماني سياستدان جو اهو ئي خواب رهيو آهي پر عمران خان ان خواب کي پنهنجي لاءِ تعبير ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

عمران خان کي به علم آهي ته پاڪستان پنهنجي مخصوص ماضيءَ سبب ڪجهه اهڙين حالتن جي حوالي آهي، جن مان آجو ٿيڻ آسان ناهي. پاڪستان ۾ اسٽيبلشمينٽ جي حقيقت کان انڪار ڪري ڪوئي به سياست نه ٿو ڪري سگهي. جڏهن ته اسٽيبلشمينٽ جي حوالي سان اها خبر هر تجربيڪار سياستدان ۽ باخبر صحافيءَ کي آهي ته هتي ڪنهن به عوام ۾ مقبول اڳواڻ کي اقتدار لاءِ آسانيءَ سان قبول ڪري نه ٿو سگهي. ڇا عمران خان جي وڌندڙ عوامي مقبوليت هن جي لاءِ اقتدار کي آسان بڻائي رهي آهي يا مشڪل؟ هي هڪ اهڙو سوال آهي، جنهن جو جواب ڏيڻ آسان نه آهي. ڇو ته عمران خان عوامي مقبوليت ماڻڻ کان پوءِ نه صرف پي ڊي ايم ۽ پيپلز پارٽيءَ لاءِ پر ملڪي اسٽيبلشمينٽ جي لاءِ به مشڪل بڻجي ويو آهي. ڇو ته هاڻي هن جو ڪو به مخالف ان امڪان کي رد ڪري نه ٿو سگهي ته هو عوام جي دٻاءَ سان پنهنجي هر ڳالهه مڃرائي سگهي ٿو. انهن ڳالهين تي هيءَ حڪومت به غور ڪرڻ چاهي ٿي پر عمران خان ان کي سوچڻ جي مهلت ئي نه پيو ڏئي ۽ اشو مٿان اشو آڻي هو حڪومت کي بند گهٽيءَ اندر بيهارڻ ۾ ڪامياب ٿيندو نظر اچي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button