پاڪستاني اداڪارا انوشي اشرف ترڪي ۾ عورت کي هراسان ڪندڙ پاڪستانين تي ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق انوشي اشرف ترڪي ۾ عورت کي هراسان ڪندڙ مردن جي حرڪتن جا اسڪرين شاٽس شيئر ڪندي لکيو تھ، ايسرا بيلجڪ جي لباس تي تنقيد ڪندڙن کي ويزا بدران ڪيريڪٽر سرٽيفڪيٽ ڏنو وڃي ۽ پرڏيهه ويندڙ اهڙن مردن کي ويزا نھ پر عورت کي انسان سمجهڻ جو سرٽفيڪٽ ڏيڻ کپي. هن چيو تھ پاڪستانين جي اهڙين حرڪتن خلاف ترڪي ۾ سوشل ميڊيا تي وڏي پيماني تي مهم بھ هلي پئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close