عمران خان جي حڪومت هلي وئي پر مهانگائي بدستور موجود آهي. جڏهن ته ان دور جي مخالف ڌر جو فرض اهو هو ته هوءَ عمران خان کي خوار ڪرڻ بدران ان مهانگائيءَکي مات ڏئي، جنهن عوام کي عذاب ۾ مبتلا ڪري رکيو آهي. جيڪڏهن هن وقت مسلم ليگ ن جي اندر اختلاف آهن ته انهن جو سبب صرف ايترو آهي ته مسلم ليگ جي قيادت عمران خان جي حڪومت جو بار پنهنجن ڪلهن تي کڻڻ نه ٿي چاهي. اها عقل واري ڳالهه ته آهي پر جيڪي ماڻهو اقتدار ۾ ايندا آهن، انهن جو عقل گهٽ ڪم ڪندو آهي. ڇو ته اقتداري پاور انهن کان سموري سمجهه ۽ سوچ کسي وٺندو آهي. اهو ئي سبب آهي ته ميان شهباز شريف کي پنهنجي وڏي ڀاءَ جي ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي. ميان شهباز شريف هڪ اهڙي دلدل ۾ ڦاسي ويو آهي، جتان هن جو ٻاهر نڪرڻ ممڪن نه ٿو لڳي. ڇو ته هڪ طرف سوا سال جو اقتدار آهي ۽ ٻي طرف وڏي ڀاءَ جو سخت دٻاءُ آهي. ميان شهباز شريف کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هو آخر ڪهڙي واٽ وٺي؟ هر رستي تي ڪو نه ڪو مسئلو موجود آهي. هن مهل هو ان سخت ڪشمڪش ۾ آهي ته ڪنهن جي ڳالهه مڃي؟
ملڪ جو مشهور صحافي حامد مير گذريل رات ٽي وي چينل تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي حڪومتي بي يقينيءَ جو سمورو بار شهباز شريف جي ڪهلن تي رکي رهيو هو. هو چئي رهيو هو ته هن مهل ملڪ جو وزير اعظم شهباز شريف آهي ۽ هن کي ئي اهم فيصلا ڪرڻا آهن. هن کي اهو فيصلو جلد کان جلد ڪرڻو آهي ته هو ملڪ جي عوام کي ڪو معاشي رليف پهچائي ٿو يا ملڪ ۾ جلد چونڊون ڪرائي ٿو؟ اهو هڪ تمام مشڪل فيصلو آهي. اهو فيصلو ڪرڻ ۾ ميان شهاز شريف هن مهل تائين ڪامياب ٿي نه سگهيو آهي. هو گذريل ڪجهه ڏينهن کان وٺي هن وقت ڊبل گيم کيڏي رهيو آهي. هڪ طرف هو پنهنجي وڏي ڀاءَ ۽ مسلم ليگ جي سينئر اڳواڻن جي اها ڳالهه تسليم ڪري رهيو آهي ته جيترو جلد حڪومت مان هٿ ڪڍبا، ايترو وڌيڪ بهتر ٿيندو ۽ ٻي طرف هو پنهنجي ڪور ڪميٽي ۽ حڪومت ۾ هن سان گڏ معاشي ماهرن کي اهو ڪم سونپي رهيو آهي ته عوام کي تڪڙو معاشي رليف ڪيئن پهچائجي؟ ان باري ۾ ڪا سٺي ۽ قابل عمل پلاننگ پيش ڪئي وڃي. اهڙي طرح ميان شهباز شريف جي ٻٽي پاليسيءَ سبب ڪجهه به نه ٿي رهيو آهي. هوڏانهن پارٽيءَ وارا اليڪشن جي اعلان جو انتظار ڪري رهيا آهن ۽ هيڏانهن معاشي ماهر ڪوشش ۾ مصروف ۾آهن ته آخر ڊالر کي ڪهڙي طرح قابو ڪجي؟ جڏهن ته ملڪ جي عام معاشي ماهر جي به اها راءِ آهي ته معاشي سڌارا سوا سوال ۾ ممڪن آهن؟
ميان شهباز شريف ڀلي ڪجهه به سمجهي پر حالتون تمام گهڻيون بي رحم آهن. خاص طور تي سياسي حالتون ته بنهه سفاڪ ٿين ٿيون. انهن کي ڪنهن تي به رحم نه ايندو آهي. انهن کي صرف ۽ صرف پنهنجا مفاد سمجهه ۾ ايندا آهن. هن وقت جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، اهو ڪجهه تمام گهڻو مشڪل آهي. شهباز شريف هڪ وقت ٻن ٻيڙين ۾ سوار آهي. هڪ پاسي هن جي پارٽي ۽ هن جو پيءُ جهڙو وڏو ڀاءُ آهي ۽ ٻي طرف هن جا اهي سياسي اتحادي آهن، جن جي ساٿ سبب ميان شهباز شريف جو وزير اعظم ٿيڻ وارو خواب حقيقت بڻجي سگهيو. حڪومت کي وجود ۾ آڻڻ وارا هن جا اتحادي هن مٿان اهو دٻاءُ وجهي رهيا آهن ته هن کي پنهنجا واعدا وفا ڪرڻ گهرجن. هن مهل ميان شهباز شريف سخت دٻاءَ جو شڪار آهي. هن کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڇا ڪري؟ ڇو ته هو هڪ اهڙي ڪشمڪش جو شڪار آهي، جيڪا ڪنهن کان به لڪل ناهي. آصف زرداري جيڪو هن سموري ڪم جو اصل ڪارڻ قرار ڏنو وڃي ٿو، جنهن جي مهربانيءَ سبب شهباز شريف ملڪ جو وزير اعظم بڻجي سگهيو آهي، اهو پريس ڪانفرنس ۾ اهو واضح ڪري چڪو آهي ته حڪومت پهريان چونڊ سڌارا ۽ نيب ۾ تبديليون ڪندي، ان کان پوءِ چونڊ ٿيندي. جڏهن ته بلاول به اسيمبليءَ ۾ اهو چئي رهيو آهي ته چونڊ سڌارن کان سواءِ چونڊن جو اعلان درست نه هوندو. آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو ته پيءُ پٽ آهن. انهن ٻنهي جو پاڻ ۾ مفاد به ڳنڍيل آهي ۽ انهن جي سوچ به ساڳي آهي پر هي اها ڳالهه آهي، جيڪا ملڪ جي اڪثر صحافين جي چپن تي موجود آهي. پيپلز پارٽيءَ جي لاءِ نرم گوشو رکندڙ ڪيترائي اينڪر ان تي اصرار ڪري رهيا آهن ته شهباز شريف پنهنجن اتحادين سان جيڪي واعدا ڪيا هئا، انهن کي هو پورو ڇو نه ٿو ڪري؟ جڏهن ته ان باري ۾ جيڪو به دٻاءُ پيدا ٿي رهيو آهي، اهو صرف ۽ صرف شهباز شريف جي مٿان آهن. هن جي لاءِ مشڪل اهو آهي ته هو ڪنهن کي خوش ڪري ۽ ڪنهن کي ناخوش ڪري؟ جيڪڏهن هو وڏي ڀاءُ کي ”نه“ ٿو ڪري نه صرف وڏو ڀاءُ پر هن جي پارٽي به هن مان هٿ ڪڍي ٿي. جيڪڏهن هو آصف زرداريءَ جي ڳالهه نه ٿو مڃي ته آصف زرداري هن جي مٿان اخلاقي ۽ سياسي دٻاءُ وجهي ٿو. ان سلسلي ۾ دٻاءُ وجهڻ وارو صرف آصف زرداري ناهي پر هن مهل حڪومت جي مٿان مولانا فضل الرحمان جو به دٻاءُ آهي ته حڪومت کي جيترو ڇڪي سگهجي، ڇڪجي. هن کي ان سلسلي ۾ صرف اهو افسوس آهي ته هن وقت تائين هن جي ڪوششن سان وجود ۾ آيل حڪومت هن کي ڪٿي ڪا مزي واري ڪرسي نه ڏئي سگهي آهي. هيءَ سياست ڪيتري نه عجيب شيءَ آهي؟ هڪ طرف مفاد آهن ۽ ٻي طرف انسان جي وفا ۽ هن جي سچائي. ڇا اها حقيقت ناهي ته مولانا فضل الرحمان سدائين ميان نواز شريف جي پاسي رهيو آهي. هن سدائين مريم نواز جي مٿي تي هٿ رکيو آهي. هن جي مٿان ميان نواز شريف کي ناز جهڙو اعتبار هو. جڏهن ته هو پنهنجي پراڻي دوست آصف زرداريءَ سان به ميان نواز شريف جي ڪري اختلاف رکي ويندو هو پر هن مهل حيرت جي ڳالهه اها آهي ته مولانا ۽ آصف زرداريءَ جو موقف هڪ جهڙو آهي، جڏهن ته ميان نواز شريف جلدي چونڊن کان سواءِ ٻي ڪا به ڳالهه ٻڌڻ جي لاءِ تيار ناهي.
شهباز شريف جي حڪومت ملڪ جي مجبور ترين حڪومت آهي. هن حڪومت جو حال اهو آهي ته حڪومت جو بنياد ٻن سهارن تي رکيل آهي. هڪ سهارو آهي ميان شهباز شريف جي پنهنجي پارٽي يعني مسلم ليگ ن ۽ ٻي پارٽي آهي، پيپلز پارٽي، هن وقت ميان شهباز شريف جو الميو اهو آهي ته هو هڪ وقت انهن ٻن پارٽين جي وچ تي ڪشمڪش جو شڪار آهي، جن ٻنهي پارٽين جو موقف نه رڳو الڳ الڳ آهي پر انهن جو پاڻ ۾ تمام گهڻو تضاد به آهي. آصف زرداري اقتدار ۾ رهڻ چاهي ٿو ۽ ميان نواز شريف اقتدار ڇڏڻ چاهي ٿو؟ ميان شهباز شريف جي مٿان صرف ٻنهي ڌرين جو اخلاقي دٻاءُ ناهي پر هو تمام گهڻي سخت پريشانيءَ ۾ مبتلا به آهي. ڇو ته هن کي اهو معلوم آهي ته هو ڪنهن به هڪ پارٽيءَ کي ناراض ڪري حڪومت هلائي نه ٿو سگهي. جيڪڏهن اڄ به پيپلز پارٽي حڪومت مان هٿ ڪڍي وڃي ته شهباز شريف جي حڪومت ختم ٿيڻ کان ڪو به بچائي نه ٿو سگهي ۽ ساڳي طرح سان جيڪڏهن ميان شهاز شريف پنهنجي وڏي ڀاءَ جي ڳالهه نه ٿو مڃي ۽ نافرمانبدار ٿي بيهي ٿو ته ان صورت ۾ ميان نواز شريف جو صرف پنهنجن ماڻهن کي اشارو هوندو ۽ هڪ اسيمبلين کان استعفائون ڏيندا ۽ حڪومت هلي ويندي. ان حساب سان آصف زرداريءَ کي به سمجهڻ گهرجي ته صرف هو ناهي جيڪو حڪومت ٺاهي ۽ ڊاهي سگهي ٿو پر جيڪڏهن ميان نواز شريف نه چاهي ها ته حڪومت ۾ وجود ۾ نه اچي سگهي ها ۽ ساڳي طرح سان جيڪڏهن اڄ به ميان نواز شريف نه چاهيندو ته هن جي حڪومت ٻه پل به زنده رهي نه ٿي سگهي. ان صورت ۾ ميان شهباز شريف ڇا ڪري؟
ميان شهباز شريف جي مٿان صرف ٻن پارٽين جو دٻاءُ هجي ها ته به خير هو. هو ٻنهي کي ڪجهه نه ڪجهه آسرو ڏئي وقت ڪڍڻ جو ڪو نه ڪو بندوبست ڪري وٺي ها پر هن مهل مصيبت اها آهي ته هن جي مٿان ملڪ جي تمام گهڻي بگڙيل معاشي صورتحال جو به دٻاءُ آهي. ڇو ته هن کي عملي طور تي مسلم ليگ ن جي اقتصادي ماهرن جواب ڏئي ڇڏيو آهي ته اهڙو ڪو به رستو ناهي، جنهن تي هلندي ملڪ جي معاشي صورتحال مهينن ۾ تبديل ڪري سگهي. خاص طور تي جڏهن پوري دنيا اهو تماشو ڏسي رهي آهي ته حڪومت ڪنهن به وقت وڃي سگهي ٿي ۽ ان کان سواءِ سڀني کي معلوم آهي ته پاڪستان تمام گهڻي سياسي بحران ۾ ڦاٿل آهي. ان صورت ۾ پاڪستان کي ڪير هٿ ڏئي چڪڻ مان چاڙهيندو؟ حڪومت کي ڪوئي به اهڙو همدرد نظر نه ٿو اچي.
ملڪ جي معاشي صورتحال ته تمام گهڻي خراب آهي. خاص طور تي جڏهن ڊالر مسلسل مٿي وڃي رهيو هجي ۽ ان معاملي تي مخالف ڌر حڪومت جو مذاق اڏائيندي هجي ته ڪوئي ڇا ٿو ڪري سگهي؟ عمران خان هن وقت حڪومت کان آجو ٿيڻ بعد تمام گهڻو متحرڪ ٿي ويو آهي. هڪ ته هو هر ڏينهن ڪو نه ڪو وڏو سياسي ميڙ سجائي سرڪار کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ کان سواءِ حڪومت جي مٿان مسلسل زور وجهي رهيو آهي ته اها جلدي چونڊون ڪرائي ۽ جيڪڏهن حڪومت هن جي ڳالهه نه مڃي ته هو عوام جو وڏو انگ وٺي اسلام آباد ايندو ۽ اسلام آباد ايترن گهڻن ماڻهن جو بار برداشت نه ڪري سگهندي ۽ خاص طور تي ان ماحول ۾ جڏهن حڪومت ڪمزور هجي ۽ ان ڪمزور حڪومت جا به پاڻ ۾ سخت اختلاف هجن ته پوءِ عمران خان کي روڪڻ واري سگهه ڪٿان ايندي؟ اهي سمورا فيڪٽر سامهون رکي شهاز شريف جي سرڪار پاڻ کي تمام گهڻو مجبور ڏسي تمام گهڻو پريشان ٿي رهي آهي. جڏهن ته حڪومت جي پريشاني انهن مسئلن جو حل ناهي، جيڪي مسئلا ماڻهن جي مٿي تي بار وڌائن ٿا.