ملڪ ۾ هن وقت سياسي طور ڏڦيڙ وارو ماحول نظر اچي رهيو آهي پر سياسي پارٽيون جنهن انداز سان جلسا ۽ ميڙاڪا ڪري رهيون آهن، ان مان ائين محسوس ٿئي ٿو ته اها سڄي ايندڙ چونڊن جي تياري ٿي رهي آهي. عمران خان نيازي هر جلسي ۾ ساڳي تقرير ڪري ماڻهن کي اهو ويساهه ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته هن جي حڪومت هڪ سازش تحت ڪيرائي وئي هئي. هو هٽلر وانگر ڪوڙ کي ايترا ڀيرا بيان ڪرڻ واري ڳالهه جو قائل آهي جو ماڻهو ان کي سچ سمجهڻ لڳن ۽ عوام کان وٺي پڙهيو لکيو طبقو ان کي سچ ئي سمجهي ٿو. هونئن ته عمران خان نيازيءَ جي حڪومت مان جان ڇڏائڻ جو ارادو ته پراڻو هو پر اهو معاملو اينگهندو، نيٺ اپريل جي مهيني تائين پهچي ويو ۽ هاڻ هو جنهن حساب سان جلسا ڪري رهيو آهي، ان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته اهو چونڊن لاءِ ماحول گرمائي رهيو آهي. پر سندس مطالبي موجب چونڊون وقت کان اڳ ٿيڻ ممڪن ناهن. ان لاءِ پهرين چونڊ سڌارا ٿيڻا آهن، ان کان پوءِ تڪبندين جو مرحلو آهي ۽ پوءِ وڃي چونڊون ٿيڻ ممڪن آهن. ان دوران آرمي چيف جي مقرري به ٿيڻي آهي.
هاڻوڪين تقريرن ۾ هو جهڙي ريت حڪومتي وزيرن تي ڇوهه ڇنڊي ٿو اصل ۾ اها سندس سياسي فرسٽريشن آهي، ڇاڪاڻ ته کيس خبر آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ هن لاءِ اقتدار ۾ پهچڻ مشڪل ٿي ويو آهي ۽ هو ڪنهن به ريت وري وزير اعظم نٿو ٿي سگهي، تنهنڪري هو اهي حدون به پار ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي، جن کي پار ڪرڻ ڪنهن به سياستدان لاءِ منع هوندو آهي. مثال طور هو اهو چئي چڪو آهي ته هن هڪ اهڙي وڊيو رڪارڊ ڪرائي آهي، جنهن ۾ هن اهم شخصيتن جا نالا ورتا آهن ۽ پوءِ اها ڳالهه سامهون آئي ته سندس ٻه فون سيالڪوٽ واري جلسي مان چوري ٿي ويا ته جيئن انهن وڊيو جو پتو لڳائي سگهجي پر جڏهن جاچ ڪئي وئي ته اها خبر پئي ته اهي فون چوري ڪونه ٿيا آهن، انهن جي ڪابه اهڙي شاهدي ڪانه ملي آهي. ان کان سواءِ هو اهو به چئي چڪو آهي ته کيس قتل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. هو ڪو اهڙو ليڊر ناهي، جنهن کان عالمي طاقتون ڊڄنديون هجن يا وري هو آمريڪا يا ٻين سپر پاور ملڪن لاءِ خطرو هجي. جيڪڏهن ائين هجي ها ته اهو سي پيڪ جو اهڙُو بڇڙوُ حشر نه ڪري ها، جيڪڏهن هن کي آمريڪا سان ناتا ختم ڪرڻا هجن ها ته پوءِ هو چين، روس ۽ ايران سان بهتر لاڳاپا رکي ها. پر جيئن ته پاڪستان آمريڪا جي پنجوڙ ۾ اڃا تائين ڦاٿل آهي، تنهنڪري ان مان جان ڇڏائڻ ايترو سولو ڪونهي. سياست ۾ سازشي نظريا گهڙِيا ويندا آهن ته جيئن عوام جون همدرديون ماڻي سگهجن. ان ڳالهه کي عمران خان نيازي چڱي ريت سمجهي ٿو. تنهنڪري هو عوام ۾ مذهبي ڪارڊ جو به بهتر نموني استعمال ڪري رهيو آهي،
ملڪ جي معاشي حالت اهڙي آهي جو ان کي سنڀالڻ لاءِ وڏن معاشي سڌارن جي ضرورت آهي. هن وقت به ملڪ جو ائٽمي پروگرام زور شور سان هلندڙ آهي، جنهن لاءِ ڪجهه وقت اڳ ملڪ جي وزير اعظم شهباز شريف چيو هو ته ماضي ۾ ائٽمي پروگرام اسين پنهنجن پئسن تي هلائيندا هئاسين پر هاڻ ان کي جاري رکڻ لاءِ قرض کنيو ٿو وڃي. ظاهر آهي ملڪي معيشت کي بم گولا ته نٿا بچائي سگهجن. انهن کي تيار ڪرڻ ۽ هلائڻ لاءِ به سگهاري معيشت جي ضرورت هوندي آهي، تنهنڪري هاڻوڪن ڏينهن ۾ جيڪو ماحول نظر اچي رهيو آهي، ان مان ائين ٿو لڳي ته ڪنهن به سياسي پارٽيءَ لاءِ ملڪي معيشت کي پاڻڀرو ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي. ان جو هڪ سبب پي ٽي آءِ حڪومت جون ناقص معاشي پاليسيون آهن. جيڪا ڊالر کي ڍر ڏيندي رهي آهي ۽ اڄ ڊالر 200 روپين جو ٿي ويو آهي. جنهن سان مهانگائي اڃا وڌندي، غريب عوام تي وڌيڪ بار پوندو ۽ ان جي مالي حالت وڌيڪ خراب ٿيندي.
پر وري به سوال اهو آهي ته هن وقت جيڪي ملڪ جون حالتون آهن، ڇا ان جون ذميوار سياسي پارٽيون آهن؟ يا وري اها ڌر جيڪا ملڪ ۾ سدائين سياسي تجربا ڪندي رهي آهي ۽ جنهن تازو 2018ع ۾ پي ٽي آءِ کي اقتدار ڏئي ملڪ ۾ رهيل سوجهرو به چٽ ڪري ڇڏيو. پي ٽي آءِ جو تجربو ته ڪالهه ڪالهوڻي ڳالهه آهي پر ان کان اڳ ڇا ٿيندو رهيو آهي؟ ڪهڙي ريت حڪومتون ختم ٿينديون رهيون آهن ۽ وري نئين حڪومت جوڙي ان کي مدو پورو ڪرڻ ۾ رنڊڪون وڌيون وينديون رهيون آهن. تنهنڪري سياست جيتري قيد ۽ جيتري بي اختيار هوندي اوترو ملڪ ۾ مسئلا وڌندا رهندا ۽ عمران خان نيازي جهڙا فرينڪسٽائن پيدا ٿيندا رهندا، جيڪي پنهنجي آقائن خلاف اٿي بيهندا.
عمران خان نيازي هڪ اهڙُو پراجيڪٽ هو، جنهن ملڪ جي سڄي سياسي ماحول کي خراب ڪيو، ان کان سواءِ هن سياسي اخلاقيات کي به تباهه ڪري ڇڏيو، اهو ان عمل کي جائز ۽ بهتر سمجهي ٿو. ان جو عڪس عوام کي هن جي هاڻُوڪين تقريرن ۾ نظر اچي ٿو. شهباز شريف جي حڪومت مسئلا حل ڪرڻ به چاهيندي هجي پر انهن مسئلن کي نوعيت ايتري ته سنگين ٿي وئي آهي جو انهن جي حل لاءِ گهڻو وقت ۽ وسيلن جي ضرورت آهي. اسٽيبلشمينٽ کي ان تي ويچارڻو پوندو ته ملڪ هاڻ ڪنهن به سياسي تجربي جي سٽ نه سهي سگهندو ۽ نه ئي سياسي پارٽين کي دائرن ۾ قيد ڪري رکي سگهجي ٿو.
ايندڙ چونڊون وقت کان اڳ ٿين ٿيون يا مقرر وقت تي ٿين ٿيون پر سڀ کان پهرين ملڪي معيشت کي بهتر ڪرڻ لازمي آهي ته جيئن عوام کي ڪجهه رليف ملي سگهي. ڪورونا کان پوءِ هي دور معاشي ڏيوالي جو دور آهي. ان ڏيوالي کان ملڪ کي بچائڻ لاءِ هاڻوڪي حڪومت وٽ ڪهڙي حڪمت عملي آهي، ان لاءِ حڪومت کي ميدان ۾ اچڻو پوندو.