پاڪستاني اداڪارائون عمران خان جي مريم نواز بابت ڳالهايل جملي تي رايو ڏيڻ ۾ ورهائجي ويون آهن، جن مان مٿيرا خان عمران خان تي ڇتي تنقيد ڪئي آهي ۽ مريم نفيس وري دفاع ڪندي نظر آئي آهي. ميڊيا مطابق عمران خان جي جملي تي اداڪارائن جي تبصرن ۾ تضاد سامهون آيو آهي. ماڊل ۽ اداڪارا مٿيرا خان عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو تھ، اوهان هڪ عورت بابت اهڙي ٻولي ۽ انداز ۾ ڪهڙي ريت ڳالهائي سگهو ٿا،
هي واقعي بيوقوفي آهي. مريم نفيس جو چوڻ هو تھ، نامناسب ٻولي جي حق ۾ ناهيان، پر پي ٽي آئي جي قيادت خلاف بھ نامناسب لفظ ڳالهايا ويندا رهيا آهن.