شوبز

افغان ٽي وي چينلز تي عورتن جا چهرا ڍڪڻ وارو حڪم رد

افغانستان جي خانگي ٽي وي چينلن جي اختيارين طالبان جو ميزبان عورتن جا چهرا ڍڪڻ وارو حڪم رد ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق طالبان جي جاري ڪيل حڪم کي مشهور خانگي ٽي وي چينلن تسليم نھ ڪيو آهي. جڏهن تھ طالبان جي اهڙي حڪم تي ٽي وي چينلن جي انتظاميائن ڳڻتي پڻ ڏيکاري آهي ۽ انهن پنهنجي ميزبان عورتن کي چيو آهي تھ اهي چهرو ڍڪڻ بنا ٽي وي جي اسڪرين تي اچن. ٽي وي چينلن جي انتظاميا جي هڪ نمائندي عابد احساس چيو آهي تھ ميزبان عورتن کي خدشو آهي تھ چهرو ڍڪڻ بعد ڪم کان روڪيو ويندو، اهو ئي سبب آهي جو اهي چهرو ڍڪڻ جي حڪم تي عمل نھ پيون ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button