ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عوامي مسئلا، سياستدان ۽ بيوروڪريسي جو ڪردار

Editorial-Article-Shahid Rajpar

ڏٺو وڃي ته پاڪستان گهرو ۽ پرڏيهي ڪيترين ئي سازشن کي منهن ڏئي رهيو آھي. پاڪستان جي آزاديءَ کان وٺي موجوده حالتن ۾ ڪافي فرق آھي ۽ موجوده حالتون ڳنڀير صورتحال تي پهتل آھن. پاڪستان ٺاهڻ ۾ سويلين جو اهم ڪردار آھي هيئنر ته پاڪستان جي آزاديءَ جا گهڻا دعويدار ٿي پيا آھن ۽ سنڌ جو پاڪستان جي آزاديءَ ۾ اهم ڪردار آھي،
ڏينهون ڏينهن دنيا جا ملڪ ترقي ڪندي ڪاميابين جا جهنڊا کوڙي رهيا آھن. پاڪستان کان سواءِ دنيا جي هر ملڪ ۾ انسان ذات سميت هر جاندار جي حقن ۽ تحفظ جي ذميوارين کي ڀرپور نموني نڀايو پيو وڃي، هر ملڪ ۾ چيڪ اينڊ بيلنس سسٽم آھي، قانون جي رٽ قائم آھي پر پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آھي، جتي جيڪو ڏاڍو سو گابو آھي پاڪستان ۾ وعدا ڪندڙ ماڻهن جي گهڻائي آھي. هتي هرڪو ماڻهو وعدو ڪري وساري ڇڏيندو آھي ۽ اسان جي سنڌ ۾ ھاڻي اها چوڻي مشھور ٿي رهي آھي ته وعدو ڪرين ته پورو ڪجانءِ متان پاڪستاني سياستدانن وانگر وساري ڇڏين،
سنڌ ۾ هينئر بلدياتي اليڪشن جو موسم شروع ٿي آھي. روپوش ٿيل اڳوڻا بلدياتي چھرا سامهون اچڻ شروع ٿيا آھن. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اهي نمائنده عوام کان هيل ڪيئن ووٽ وٺڻ ايندا، جن ڪورونا وبا دوران پاڻيءَ جي شديد بحران دوران ننڍن آبادگارن جي شاخن، مائينرن ۽ واهن جا دروازا بند ڪرائي پاڻي پنهنجن زرعي زمينن ڏانهن لوڙھي ڇڏيو هو ۽ ڪورونا وائرس دوران پنهنجن ووٽرن سان اهو چئي ملاقاتون بند ڪري ڇڏيون ته ڪورونا وائرس وڌي نه وڃي، جنهن لاءِ سوشل ڊيسيٽنس تي عمل ڪيو ۽ مسئلا ٻڌائڻ بدران پنهنجن گهرن ۾ محدود رهو.
پاڪستان ۾کوڙ سارا مسئلا آھن پر سنڌ ۾ ته مسئلن جا انبار آھن. عوام جا اهنج لکڻ تي ويهبو ته ڪاغذ ڪارا ٿي ويندا پر اهنج ڪونه کٽندا پر سنڌ جا سرڪاري ننڍا ملازم به انيڪ مسئلن ۾ ڦاٿل آھن. اڳوڻي وزير اعظم ڪيترائي ڀيرا مهانگائيءَ کي نظر ۾ رکندي ملازمن جون پگهارون ۽ الائونس وڌائڻ جا اعلان ڪيا، جن تي وفاقي ملازمن سميت ٽنهي صوبن ۾ عمل ڪيو ويو پر سنڌ ۾ ملازمن جي پگهارن ۽ الائونسن ۾ ڪوبه اضافو نه ڪيو ويو پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌ سيڪريٽريٽ ۽ مٿئين سطح جي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ ٻين مراعتن ۾ اضافو ڪيو ويو پر سڄي سنڌ جي ڪنهن به کاتي جي ننڍن ملازمن جي پگهارن ۾ ڪو به اضافو نه ڪيو ويو. موجوده وزيراعظم شھباز شريف حڪومت جون واڳون سنڀاليندي ملازمن جي پگهارن ۾ اضافي جو اعلان ڪيو ته ننڍن ملازمن جي ڪومايل چھرن تي مرڪون اچي ويون ۽ چيائون ته هي ڪو معجزو ٿي ويو آھي ۽ اپريل کان پگهارون وڌنديون پر ڪجھه ئي ڏينهن کان پوءِ قلابازين جي ماهرن قلابازي ڏيندي چيو ته پگهارون ڪجھه مهينا اڳ اڳوڻي حڪومت وڌايون هيون، هي حڪومت وڌيڪ بار برداشت نه ٿي ڪري سگهي. جڏهن ته وفاقي ملازمن سميت ٽنهي صوبن جا ملازم وڌيل پگهارون کڻي رهيا آھن پر سنڌ جا سيڪريٽريٽ کان سواءِ ٻيا ملازم رهيل آھن ۽ گذريل سال 2021ع جي جون واري بجيٽ کان سواءِ ڪنهن به وڌيل پگهار يا الائونس کان محروم آھن ۽ انهن کي فقط ڊسمبر واري انڪريمينٽ ملي ٿي.
ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ وڌيل عوامي ۽ ملازمن جي مسئلن جو ذميوار شياستدان، بيوروڪريٽ يا بيوروڪريسي آھي.؟ ڇاڪاڻ ته بيوروڪريٽ ۽ بيوروڪريسيءَ جون پگهارون ۽ مراعتون آسمان سان ڳالهائي رهيون آھن ۽ حڪمران رڳو اعلان ڪري ٿو ته ان تي عمل ٿي وڃي ٿو ۽ ننڍن ملازمن لاءِ نوٽيفڪيشن جي جاري ٿيڻ جو انتظار ڪيو وڃي ٿو ۽ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ وارا به اسان جا بيوروڪريٽ آھن، جيڪي ڪهڙن سببن جي ڪري نوٽيفڪيشن جاري نٿا ڪن، ڪا خبر نه ٿي پوي ۽ هاڻي تازو وزير اعظم پاڪستان ميان شھباز شريف سرڪاري ملازمن جي ٽائيم اسڪيل جي سمري منظور ڪئي آھي ۽ اسڪيل پروموشن سان گڏ پگهار ۾ پڻ اضافو ٿي ويندو. سمري مطابق ڊگهي عرصي کان اسڪيل پروموشن رکندڙ ملازمن کي فائدو ٿيندو ۽ ڊگهي عرصي کان هڪ ئي اسڪيل ۾ رهندڙ سرڪاري ملازم کي ترقي ملندي. سمري تحت ڏهن سالن تائين هڪ ئي اسڪيل ۾ ڪم ڪندڙ سرڪاري ملازم اڳئين اسڪيل ۾ پروموٽ ٿي ويندا ۽ پروموٽ ٿيڻ کان پوءِ اٺن سالن کان پوءِ ايندڙ اسڪيل ۾ پروموشن ملي ويندو ۽ اها سمري وزارتي ڪميٽي ۽ ملازمن جي گرينڊ الائنس وچ ۾ ٿيل معاهدي کي نظر ۾ رکندي ڪئي وئي آھي ۽ هاڻي ڏٺو ويندو ته هن حڪم تي اعلان ڪڏهن ٿيندو. جڏهن ته ذريعن وٽان اهو پڻ معلوم ٿيو آھي ته سنڌ ۾ ڪاليج ايجيوڪيشن کاتي اندر ليب اسٽاف کي پڻ ڪيترن ئي سالن کان پروموشن نه مليا آھن ۽ ليب اسٽاف جي حقن جي حاصلات لاءِ سنڌ ڪاليجز نان ٽيچنگ ويلفيئر اسيوسئيشن پاڻ پتوڙي رهي آھي ۽ ذريعن مطابق ان ۾ به بيوروڪريٽ ئي رڪاوٽ بڻيل آھن.
ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته سنڌ ۾ عوام ۽ ننڍن ملازمن سان انصاف ۽ همدردي ڪري مسئلن جي ڌٻڻ مان ڪڍيو وڃي، سنڌ جي عوام ۽ ننڍن ملازمن سان همدرداڻي طور يڪجهتي ڪري مسئلا حل ڪيا وڃن. ڏٺو وڃي ته سنڌ جي صوبائي کاتن پوليس، صحت، تعليم، سميت ٻين کاتن جي ملازمن ۽ پنجاب جي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ ڪافي فرق آھي. جڏهن ته ملڪ هڪ آھي ته قانون به هڪ هجڻ گهرجي. ان سان گڏوگڏ مهانگائي ۽ پاڻي مسئلي جو حل ڪڍيو وڃي ۽ سنڌ جي عوام ۽ ملازمن جي بيچيني ختم ڪئي وڃي، جيئن مهانگائيءَ جو پيڙھيل عوام پنهنجي روزمره جي زندگي سٺي ۽ سولي نموني گذاري سگهي ۽ پنهنجي گهٽ آمدني باوجود عزت وارو گذران ڪري سگهي ۽ ڪنهن اڳيان هٿ ٽنگڻ کان بچي سگهي. پاڻي مسئلي جو حل ڪڍي پاڻي ورڇ صاف شفاف بڻائي وڃي ۽ بنا فرق جي پاڻي ورهاست کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ننڍا آبادگار به پنهنجي فصلن جي پوکائي وقت سر ڪري سگهن ۽ آبادگارن جي ڀلائي ۽ سنڌ جي زراعت مفيد ٿي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button