ڪڏهن ڪڏهن ائين محسوس ٿيندو آهي ته اصلي هيروز جو دور گذري چڪو آهي، هاڻ زماني ۾ نقلي هيروز کي اصلي هيروز طور پيش ڪرڻ جو رواج اچي ويو آهي. ملڪي سياست، ادب، سماج ۽ ٿلهي ليکي هر هنڌ جعلي ۽ ڪوڙا ماڻهو هر پاسي کان پنهنجو پاڻ کي عوام جا هڏ ڏوکي ۽ درد محسوس ڪرائيندڙ طور پيش ڪري رهيا آهن. ڪو معمول جو ڪم جيڪو ڪنهن ليکي ۾ ناهي هوندو پر ان کي ايترو ته وڌائي چڙهائي پيش ڪيو ويندو آهي جو ماڻهوءَ کي لڳندو آهي ته اهو ڪو هيرو آهي ۽ ان وڏو ڪارنامو سرانجام ڏئي ڇڏيو آهي.
ائين ئي سماج ۽ ملڪي سياست ۾ به ٿي رهيو آهي. ان جو هڪ سبب سوشل ميڊيا جو آيل طوفان آهي، جنهن وسيلي ماڻهن کي هيرو ڪري پيش ڪرڻ ۾ دير ڪانه ٿي لڳي. ظاهر آهي ته سوشل ميڊيا اڄوڪي دور ۾ هڪ وڏو اثرائتو هٿيار آهي. هن وقت سمورين بڇڙائڻ هوندي به عمران خان نيازي عوام جو هيرو آهي، سمورن الزامن ۽ نا اهلين هوندي به عوام جو وڏو انگ پي ٽي آءِ جي اڳواڻن کي پنهنجو مسيحا سمجهي ٿو. ٻه ٽي ڏينهن اڳ پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري زمين تي قبضي جي ڪيس ۾ گرفتار ٿي. ان کان پوءِ هن جي ڪردار کي ائين پيش ڪيو ويو ڄڻ هوءَ چي گويرا ثاني هجي. سندس تصوير کي به چي گويرا اسٽائيل ۾ پيش ڪيو پيو وڃي. سندس گرفتاريءَ کي به غلط رنگ ڏئي پيش ڪيو ويو. ان ڪري جو هاڻ اسان وٽ اهي اصلي هيروز نه رهيا آهن، جن کي ڪنهن مڃتا يا سوشل ميڊيا جي ٽيڪ جي ضرورت ڪانه هوندي هئي. اڄ به سياست ۾ هر قسم جي سازش کي ڳوليو ٿو وڃي. تازو ئي عمران خان نيازيءَ کي عدم اعتماد وسيلي اقتدار تان هٽايو ويو آهي پر هو هڪ ڪوڙ وسيلي ان کي سازش سان ڀيٽي رهيو آهي. هو ان ڪوڙ کي پنهنجي هر جلسي ۾ بيان ڪري ٿو، هر تقرير ۾ ان جو ذڪر ڪري ٿو، جنهن جي ڪري اهو تاثر جڙي رهيو آهي ته واقعي به ڪا اهڙي سازش ٿي آهي، جنهن جي ڪري عمران خان نيازيءَ کي اقتدار مان تڙيو ويو آهي. جنهن کي ڪوڙ جو پرچار ڪرڻ جو هنر ايندو آهي، اتي ڪوڙ کي ئي سچ سمجهيو ويندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو اسين سچ کي جاچڻ کان محروم ٿي ويندا آهيون پر ڪوڙ پنهنجون پاڙون مضبوط ڪري ويندو آهي.
پاڪستان جي سياست جي حوالي سان هي نقلي سياسي هيروز جو دور آهي، جنهن ۾ عمران خان نيازيءَ کان وٺي شيخ رشيد کان وٺي هيرو لڳا پيا آهن. پر انهن جو سياسي قدبت ڪيترو آهي؟ انهن جو بيانيو ڪهڙو آهي؟ اهي ڪهڙي ريت سماج کي پنهنجن سوچن آڌار هلائڻ چاهين ٿا؟ تنهنڪري اهو سمجهڻ گهرجي ته هن وقت اهي ماڻهو آهن، جيڪي سماج جا سچا پچا هيرو بڻجي عوام جي اڳواڻي ڪرڻ لڳا آهن. اهي رياست جي مدد کان سواءِ ڪجهه به نه آهن. جڏهن رياستي سطح تي اهڙن ڪردارن کي هر قسم جي سهولت ۽ مدد مليل هجي ته پوءِ انهن جو من ايترو ته وڌي ويندو آهي جو اهي پنهنجي نيريٽو کي هر سطح تي پيش ڪرڻ لاءِ ڪوششون پيا ڪندا آهن. تنهنڪري گذريل ڪجهه سالن کان ملڪي سياست جو جيڪو ماحول جڙيو آهي، ان ۾ سڀ کان وڏو عمل دخل رياست جو آهي، جيڪا عمران خان نيازي ۽ ڪمپنيءَ کي حقيقي هيرو طور پيش ڪرڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائيندي رهي آهي. پر ڇا ايڏي وڏي سطح تي پرچار کان پوءِ به ڪوڙ ۽ ٺڳيءَ جو ٺاهه لڪي سگهي ٿو؟
پهرين عالمي جنگ ۾ شڪست کائڻ کان پوءِ هٽلر جهڙي ريت جرمنيءَ کي يرغمال ڪيو هو، ان ۾ سڀ کان وڏو هٿيار پروپيگنڊا جو هو. هن جرمن نسل کي سڀ کان اتم سمجهيو. هن جرمنيءَ کي سڀن کان بهتر ڄاتو، باقي هن لاءِ سڄي دنيا تڇ هئي، تنهنڪري هن ڪوڙ جو سهارو ورتو. گوئبلز جهڙا ماڻهو هر وقت ڪوڙ کي بار بار بيان ڪندا رهندا هئا. ان ڪري جرمني فوجي بوٽن هيٺان لتاڙجي رهيو هو. پوءِ دنيا ڏٺو ته هٽلر ڪيئن ڌوڙ ٿي ويو. سندس فرعونيت واري سوچ هن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته هو جرمن ماڻهن جو به هيرو ڪونه هو. هو فقط ان طبقي جو هيرو هو، جيڪو هن سان گڏ هو. تنهنڪري عمران خان نيازي به ان نسل جو هيرو آهي، جيڪو ڪوڙ تي ايمان آڻي ٿو، جيڪو اهو ٿو سمجهي ته هن کان بهتر ماڻهو اڄ ڏينهن تائين ملڪي تاريخ ۾ ڪونه آيو آهي. سندس هٺ ۽ مغروريت هن جي ڪردار کي اهڙو ته ضدي ڪري ڇڏيو آهي جو سندس شخصيت ۾ ڪابه لچڪ ناهي. هو پنهنجي ۽ پنهنجي پارٽيءَ جي باري ۾ غلط ڳالهه جو بچاءُ به اهڙي انداز سان ڪري ٿو جو سندس اعتماد ڏسڻ وٽان هوندو آهي، سو ان قسم جي هيروازم کان پوءِ هڪ اهڙي سماج جي اڏاوت اڻٽر آهي، جيڪو هٽلر جي پوئلڳي ڪرڻ تي به فخر محسوس ڪندو آهي.
عمراني تجربو ناڪام ويو پر ان ناڪام تجربي جيڪي ملڪي سياست تي تباهڪاريون آنديون آهن، اهي ڏسڻ وٽان آهن. ڇاڪاڻ ته ان کان پوءِ سماجي طور جيڪا ڀڃ ڊاهه ٿي آهي. سوچن جي وچ ۾ جيڪو ٽڪراءُ پيدا ٿيو آهي ۽ جيڪا اسهپ جنم وٺي چڪي آهي، اهو سڀ عمراني تجربي کان پوءِ ٿيو آهي. سياست کي جهڙي ريت گندو ڪيو ويو ۽ پوءِ ان ۾ سياسي شخصيتن تي جيڪي ذاتي حملا ڪيا ويا، اهي سڀ پي ٽي آءِ جي ڪري ٿيا آهن. ڇاڪاڻ ته عمران خان نيازيءَ جي ٽيم ۾ اهي ماڻهو شامل رهيا آهن، جيڪي 24 ڪلاڪ بدتميز ماڻهو رهيا آهن. جن کي ڳالهائڻ وقت ايترو به خيال نه هوندو آهي ته اهي ڇا پيا چون يا سندس واتان نڪتل ڳالهه جا ڪهڙا اثر ٿي سگهن ٿا. پر انهن سمورين شين کي درگذري ڪيو ٿو وڃي.
پر ڇا اهڙي ڀوائتي تجربي کان پوءِ به رياستي ادارا ڪجهه سکڻ لاءِ تيار آهن. هن وقت تائين ته ائين ٿو لڳي ته ادارن ڪابه سيکت ناهي ورتي. ڇاڪاڻ ته عمران خان نيازي اهو طئي ڪري ورتو آهي ته هو هر حال ۾ اقتدار ۾ رهڻ چاهي ٿو، هو هر حال ۾ پنهنجن مخالفن کي چٿڻ چاهي ٿو. خاص طور تي جڏهن هن کي هڪ جمهوري طريقي وسيلي اقتدار مان ڌار ڪيو ويو آهي ته هن کي ان تي باهيون آهن، سڀاڻي جيڪڏهن هو وري اقتدار ۾ اچي ٿو وڃي ته هو انهن سڀني کان پلاند ڪرڻ کان ڪين ڪيٻائيندو.
هڪ ڀيرو وري هاڻوڪي حڪومت خلاف عمران خان اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪڏهن اهو لانگ مارچ اسلام آباد پهچي ٿو ۽ اتي ڌرڻو لڳي ٿو ته اها صورتحال ساڳي 2014ع واري هوندي، جڏهن عمران خان نيازي حڪومت خلاف ميدان ۾ لٿو هو ۽ هن کي هر قسم جي مدد ملي هئي. لانگ مارچ حڪومت لاءِ ته مسئلو پيدا ڪري سگهي ٿو پر هن وقت سڀ کان وڏو امتحان اسٽيلشمينٽ جو آهي، جيڪا هيستائين نئين وجود ۾ آيل حڪومت کي اها مدد ڪانه پئي ڏئي، جيڪا عمران خان نيازيءَ جي حڪومت کي ڏئي رهي هئي. جيڪڏهن پي ٽي آءِ جي ڌرڻي جي شڪل صورت ساڳي 2014ع واري هوندي، جنهن ۾ سرڪاري ادارن تي حملا ڪيا ويا ۽ جيڪو نقصان پي ٽي آءِ وارا پهچائي سگهيا پئي، انهن کي ڪو روڪڻ وارو نه هو ته ان سان مسئلا گهڻا وڌي ويندا. ڇاڪاڻ ته ان مارا واري ماحول ۾ اسٽيلشمينٽ کي حڪومت کي مدد ضرور ڪرڻي پوندي. عمران خان نيازيءَ جي هاڻوڪي هيروازم ۽ ايڊوينچر کي نه ته ملڪي حالتون برداشت ڪري سگهن ٿيون ۽ نه ئي عالمي سطح تي ان کي سٺي نظر سان ڏٺو ويندو. ڇاڪاڻ ته اتحادين جي حڪومت پنهنجي مٿي تي اهو بار نٿي کڻڻ چاهي، جيڪو اسٽيبلشمينٽ جي ڪري ظاهر ٿيو آهي.
ملڪ ۾ ۾ نقلي هيروازم جي پويان هلندي، جيڪا رياست پاران سوکڙي پيدا ڪئي آهي، سا عمران خان جي صورت ۾ عوام تائين پهتي آهي. ايندڙ چونڊن ۾ هو جنهن بيانيي سان عوام وٽ ووٽ وٺڻ لاءِ ويندو ته اهو ڪو ايترو جاندار نه هوندو ۽ نه ئي هن کي اها پذيرائي ملي سگهندي، پر وري به سوال اهو آهي ته ڇا هن ملڪ کي اهڙن هيروز جي ضرورت آهي، جيڪي 24 ڪلاڪ ڪوڙ ڳالهائڻ جا ماهر هجن، جيڪي حقيقتن کان منهن موڙيندا رهن ۽ انهن جي نظر ۾ آئين، جمهوري ادارن ۽ جمهوريت جي ڪابه اهميت نه هجي. جن کي پنهنجي لاءِ ته اظهار جي آزادي گهرجي پر ٻين جي نڙيءَ تي ننهن ڏيڻ ضروري سمجهندا هجن. سو هن دور ۾ جن نقلي هيروز کي سامهون آندو ويو آهي، انهن جا نتيجا به ڀوڳڻا پوندا ۽ سماج کي اهو فرق ڪرڻ ۾ گهڻو وقت لڳي ويندو ته اصلي هيرو ڪير آهي ۽ ڪير انهن کي پنهنجو مسيحا چئي گمراهه ڪندو رهيو آهي.