
بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا دپيڪا پڊوڪو جي في امان اللھ واري هار مداحن جي دلين کي موهي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق دپيڪا پڊوڪون جي ڪينز ميلي ۾ ڪيل فيشن ۽ ڳچي ۾ پاتل هار سوشل ميڊيا تي وڏو بحث ڪرايو آهي. جڏهن تھ ڀارت ۽ پرڏيهه ۾ بھ دپيڪا جي عربي انداز کي مداحن منفرد ۽ موهيندڙ قرار ڏنو آهي. ٻڌايو وڃي ٿو تھ گذريل چئن ڏينهن کان دپيڪا في امان اللھ لکيل هار سبب هر جڳهه تي بحث هيٺ آهي.