ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

لانگ مارچ جو اعلان، عمران خان جو هڪ ٻيو يوٽرن

Editorial-Article-Allah Bux Rathor

اتحادين جي موجوده حڪومت جيڪا اڳ ئي ٻڏتر جو شڪار آهي، اها هينئر به وچ رستي تي بيٺل آهي، اهڙي صورتحال ۾ عمران خان 25 مئي تي لانگ مارچ جو اعلان ڪيو آهي. هي لانگ مارچ ماضي جي مقابلي ۾ گهڻو مختلف نوعيت جو آهي، ان کي جيڪڏهن اسلام آباد ويجهو اچڻ جي اجازت ڏني وئي ته ماضي جيان پارليامينٽ ۽ پي ٽي ويءَ تي حملي کان وڌيڪ اشوز سامهون اچي سگهن ٿا. عمران خان جي هن لانگ مارچ جي اعلان دوران جنهن ڳالهه ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏنو پيو وڃي، اهو هي آهي ته هن “نيوٽرل” کي مشورو ڏنو آهي ته اهي نيوٽرل ئي رهن. ان سان گڏ هن فوج، نوڪرشاهي، پوليس ۽ ٻين ادارن کي چيو آهي ته اهي اڻ ڌريا رهن. هن خاص ڪري نوڪرشاهي ۽ پوليس کي چيو آهي ته جيڪڏهن انهن ڪو ايڪشن ورتو، هو حڪومت ۾ اچي انهن خلاف ڪارروائي ڪندا. عمران خان جو اهو به چوڻ هو ته هو اسيمبلين کي ٽوڙڻ ۽ نيون چونڊون چاهي ٿو، ان لاءِ هن کي اسلام آباد ۾ پنجن ڏينهن يا اڻ ڄاڻايل مدي تائين ڌرڻو ڏيڻو پيو ته هو ڏيندو.
عمران خان جي لانگ مارچ ۽ ڌرڻي جي حوالي سان جنهن ڳالهه ڏانهن خاص اشارو ڪيو پيو اهو عمران خان جو “نيوٽرلز” جي حوالي سان اختيار ڪيل يوٽرن آهي. هن اسٽيبلشمينٽ کي مشورو ڏنو آهي ته اها پنهنجي ڳالهه تي قائم رهندي، نيوٽرل ئي رهي. ان حوالي سان انهن ڌرين کي پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته اهي اتحادي حڪومت سان ٻه ٻه هٿ ڪرڻ ڏين، ائين جيئن ماضي ۾ نواز شريف چوندو هو ته جيڪي عمران خان کي اقتدار ۾ وٺي آيا آهن، اهي پوئتي هٽن ۽ فون ڪالز جو سلسلو بند ڪن ته عمران خان جي حڪومت پنهنجو وزن برداشت ڪري نه سگهندي ۽ ڊهي پوندي، سڀني ڏٺو ته ائين ئي ٿيو.
هن ڀيري سڀني کي خبر آهي ته حڪومت جن مشڪلاتن جو شڪار آهي، خاص ڪري معاشي ميدان ۾ جن ڏکيائين کي منهن ڏئي رهي آهي، ان ۾ عمران خان جو احتجاج مشڪلاتن کي وڌائيندو. اتحادي حڪومت ۾ ٻن قسمن جون قوتون آهن، انهن جو خيال آهي ته ماضي جيان عمران خان کي هن ڀيري واڪ اوور جو موقعو فراهم ڪري نٿو سگهجي، جيڪڏهن هن کي ڇيڪ ڇڏيو ويو ته ماضي جهڙا واقعا خاص ڪري پارليامينٽ ۽ پي ٽي ويءَ تي حملي جهڙا واقعا ٻيهر سامهون اچي سگهن ٿا. حڪومتي ڌر ۾ هارڊ لائينرز، جن ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله سرفهرست آهي. ان ته اڳ ئي پنهنجي خواهش جو اظهار ڪيو آهي ته هنن جا هٿ پير ٻڌڻ جي ڪوششن جي باوجود اجازت ڏني وڃي ته هو عمران خان کي گرفتار ڪري. ائين جيئن انهن شيرين مزاريءَ کي گرفتار ته ڪيو، پر بيڪ فائر ثابت ٿيو.
هي ڳالهه به واضح طور تي سامهون اچي چڪي آهي ته هڪ طرف اتحادي حڪومت ۾ شامل پيپلز پارٽي ۽ ٻيا چاهين ٿا ته عمران خان کي منڊي کي واريءَ ۾ ڇڏيو وڃي ته ڏسون، ان ۾ ڪيتري طاقت آهي. ان حوالي سان آصف زرداري ۽ بلاول سميت سموري پ پ قيادت جون ڳالهيون اڳ ئي سامهون اچي چڪيون آهن. عمران خان جي ڪالهوڪي فيصلي کان اڳ ئي آصف زرداري ميان شهباز شريف سان ملاقات ڪري معاملي کي منهن ڏيڻ واري حڪمت عملي تي ڳالهه ٻولهه ڪري چڪو آهي. ان مان اندازو ٿئي ٿو ته پ پ ڪنهن به صورت ۾ عمران خان جي اڳيان بند ٻڌڻ جي حق ۾ ناهي. پر (ن) ليگ اهو سوال ڪري ٿي ته جيڪڏهن عمران خان جي لانگ مارچ کي اسلام آباد جي ويجهو اچڻ ڏنو ويو ته ان جا ناڪاري اثر به ڀوڳڻا پوندا. اها ڳالهه سڀني کي سمجهه ۾ اچي ٿي ته راڻا ثناءُ الله، چوڌري نثار علي ناهي، جيڪو عمران خان کي اڳتي وڌڻ جو موقعو فراهم ڪري.
اتحادي حڪومت ۾ مولانا فضل الرحمان ماضي جيان نوازشريف يا راڻا ثناءُالله جي سوچ سان اتفاق ڪري ٿو. مولانا ته هڪ اڌ ڏينهن اڳ واضح طور تي چئي ڇڏيو ته جيڪڏهن عمران خان کي سڀ ڪجهه ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي ته هو به رستا خالي نه ڇڏيندا ۽ انهن جو فورس اڳوڻن حڪمرانن کي جواب ڏيندو. جيڪڏهن ان جي اجازت ڏني وئي ته گهرو ويڙهه جهڙي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي. پر عمران خان ماضي جي مقابلي ۾ اهو تاثر ڏئي رهيو آهي ته هو ڪنهن کي به نقصان پهچائڻ نٿو گهري، ان ڪري هن جا ٻه مطالبا آهن، جن جي مڃتا لاءِ هنن کي پنج ڏينهن ڌرڻو ڏئي ويهڻو پئي ٿو يا هڪ مهينو هو ويهندا، ائين جيئن انهن ماضي ۾هن ڪيو هو. اتحادي حڪومت ۾ (ن) ليگ جا سمورين سوچن وارا ڌڙا هڪ پليٽ فارم تي نظر نٿا اچن، مريم نواز ته جلسن ۾ ريفرنڊم ڪرائي رهي آهي ته جيترو جلد ٿي سگهي. حڪومت ڇڏي ڏيڻ گهرجي ۽ عوام ڏانهن وڃڻ گهرجي. نين چونڊن جي حوالي سان (ن) ليگ، عمران خان جي سوچ جي ويجهو آهي. اهي جن عمران خان کي آندو، اهي ئي موجوده حڪمرانن جي پٺيان به نظر اچن ٿا، پر فرق ايترو آهي ته بقول عمران خان جي ته ماضي ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت ڪڏهن به هڪ پيج تي ايترا نه رهيا، جيترا سندس دور ۾ آهن. انهن ئي کيس ڌڪو به ڏنو.
نظر ائين اچي پيو ته آصف زرداري هجي يا ميان نواز شريف يا شهباز شريف، واڳ ڌڻين کي سمجهائي رهيا آهن ته اهي پنهنجو بار کڻن، گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي لاڏلي کي لغام ڏين، انهن کي پيغام موڪلين ته اهو حڪومت کي مدو پورو ڪرڻ ڏئي، ان سان گڏ بقول آصف زرداريءَ جي انهن کي چونڊ سڌارا به ڪرڻا آهن، ان سان گڏ عالمي مالياتي فنڊ ۽ ٻين ادارن ۽ ملڪن سان به معاملا درست ڪرڻا آهن. ان سلسلي ۾ پرڏيهي فرنٽ تي صورتحال خراب آهي، چين کي ٻيهر سي پيڪ ڏانهن واپس وٺي اچڻو آهي، آمريڪا تي زور ڀريو پيو وڃي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهين دوران رليف ڏنو وڃي ته جيئن ايندڙ چونڊن کان اڳ عوام کي رليف ڏئي عمران خان کي ميدان کان ٻاهر ڪري سگهجي.
لانگ مارچ ۽ ڌرڻي کي اسلام آباد جي ويجهو اچڻ کان روڪڻ لاءِ حڪومت کي حڪمت عملي ته جوڙڻي آهي. اها حقيقت آهي ته جيڪڏهن عوام جي وڏي انگ کي وفاقي گادي واري شهر ڏانهن اچڻ ڏنو ويو ته صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي. ان حوالي سان واڳ ڌڻين جو حڪومت کي بيڪ اپ فراهم ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن اهي عمران خان جي نيوٽرل واري ڳالهه تي قائم رهن ٿا ته پوءِ يقين سان چئي سگهجي ٿو ته موجوده اتحادي حڪومت اسيمبلين ٽوڙڻ واري آپشن کي آزمائيندي. ڇاڪاڻ ته خاص ڪري (ن) ليگ ۽ مولانا فضل الرحمان سمجهن ٿا ته ملڪ اندر جيڪو بحران آهي،ان جا ذميوار موجوده حڪمران ناهن. هو عمران خان جو ڦهلايل گند صاف ڪرڻ بدران نئين مينڊيٽ لاءِ عوام وٽ هليا ويندا.
عالمي سطح تي موجوده حڪمرانن کي خاطريون ڪرايون وڃن ٿيون ءِ آءِ ايم ايف رعايتي پيڪيج فراهم فراهم ڪري ٿو ته واڳ ڌڻي به حڪومت جي پٺيان بيهي رهندا. ان سان گڏ عمران خان کي احتجاج نه صرف ڪرڻ نه ڏيندا، پر ان کي حدن ۾ رکڻ لاءِ حڪمت عملي به جوڙيندا. هينئر تائين اهو تاثر ايندو رهيو آهي ته اسٽيبلشمنٽ موجوده حڪمرانن کي وٺي ته آئي ۽ پنهنجا اتحادي به انهن جي حوالي ڪيا، پر اڳتي وڌڻ لاءِ تيار ناهي. هو ظاهر طور تي شهباز شريف جي حڪومت سان گڏ بيٺل نظر اچن ٿا، پر اندران ئي اندران عمران خان کي شهه ڏئي رهيا آهن. اهائي شڪايت آهي جيڪا اتحادي حڪومت وري وري ڪري رهي آهي. اها ڳالهه ممڪن آهي ته واڳ ڌڻين کي سمجهه ۾ ايندي هجي ته اتحادي حڪومت انهن لاءِ سيفٽي والوو آهي. ان جي موجودگيءَ ۾ انهن کي دنيا اندر اڪيلائپ کان به ڇوٽڪارو ملندو ۽ ڪاروباري معاملا به اڳتي وڌندا، پر جيڪڏهن انهن ٽرين مس ڪئي ته هو ڪٿان جا به نه رهندا. موجوده صورتحال ۾ هڪ طرف (ن) ليگ جي قيادت کي پنهنجون توانائيون صحيح رخ ۾ ڪتب آڻڻيون پونديون ۽ اتحادي حڪومت جو ڀرپور ساٿ ڏيڻو پوندو ته ٻئي پاسي وري اتحادين کي به گڏ رکڻو پوندو. عمران خان کي واڳ ڌڻين جي جنهن ۽ جيتري حصي جي حمايت حاصل آهي، اها سندس ايتري مدد ڪري نٿا سگهن ته هو ٻيهر اقتدار ۾ اچي سگهي. جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن تي دٻاءُ وجهي نتيجا تبديل ڪرڻ کان پاسو ڪيو ويو ته عمران خان کي وزن جي خبر پئجي ويندي. سياسي لحاظ کان سوچجي ته طاقت جي استعمال کان جيترو ممڪن هجي پاسو ڪرڻ گهرجي، پر جڏهن رياستي نظام جي وکرڻ جو خطرو هجي ۽ انارڪي ڦهلجڻ جو امڪان هجي ته ڪنهن به اهڙي قوت جي پٺي ٺپي نٿي سگهجي. جنهن قسم جون قوتون سرگرم آهن، اهي فاشزم کي جنم ڏئي سگهن ٿيون. اهي نالو ته عوام جو استعمال ڪنديون آهن، پر ايجنڊا انهن جي پنهنجي هوندي آهي. هي مذهب کي هٿيار طور استعمال ڪندا رهيا آهن، پر ان تي عملي طور تي ڪهڙو مظاهرو ڪيو ويو، اها ڪا لڪل ڳالهه ناهي. موجوده اتحادي حڪومت ۾ ايتري سگهه آهي جو اها عمران خان کي حدن ۾ رکي سگهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button