شوبز

ٽام ڪروز جي شهزادا وليم ۽ ڪيٽ سان ملاقات بحث ۾ تبديل

هالي ووڊ اداڪار ٽام ڪروز جي ڪينز فلمي ميلي ۾ برطانوي شهزادي وليم ۽ ان جي زال ڪيٽ مڊلٽن سان ملاقات مداحن توڙي اهم شخصيتن ۾ بحث جو سبب بڻجي وئي آهي. ميڊيا مطابق سياسي ۽ معاشي مامرن تي نظر رکندڙ ماهرن ڪينز فلمي ميلي ۾ ٽام ڪروز، شهزادي وليم ۽ ڪيٽ مڊلٽن جي ٿيل ملاقات کي فلم ٽاپ گن جي مشهوري مهم قرار ڏنو آهي.

هالي ووڊ اداڪار ٽام ڪروز شهزادي ويلم ۽ ڪيٽ مڊلٽن سان گڏ ڪينز ۾ ريڊ ڪارپيٽ تي واڪ ڪندي

جڏهن تھ ماهرن موجب ٽام ڪروز ۽ شاهي جوڙي جي ملاقات فيشن انڊسٽري کي مالي فائدي جو سبب بڻي آهي، ڇاڪاڻ تھ ڪيٽ مڊلٽن کي پاتل لباس ٽام ڪروز سان ملاقات بعد هڪ ئي ڏينهن ۾ کپي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button