ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪالرا، فرمينا دازا ۽ فلورينتو – I

Editorial-Article- Akhtar Hafeez

ادبي دنيا ۾ گارشيا مارڪيز کي جيڪڏهن ويهين صديءَ جو معجزو چئجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. مارڪيز پنهنجي ناولن ۽ ڪهاڻين وسيلي پڙهندڙن جي دلين تي راڄ ڪندڙ اديب رهيو آهي. هن جي لکڻ جو بهترين گڻ قصه گوئي آهي. سندس ڪنهن به ناول ۾ هن جو بيانيه انداز ڪهاڻيءَ کي اهڙي ريت کڻي هلندو آهي، ڄڻ پڙهندڙ ڪهاڻي پڙهندو پر ٻڌندو هجي ۽ ڊائيلاگ بنهه گهٽ هوندو آهي، پر اهو فن هر ڪنهن جي حصي ۾ ڪونه ٿو اچي سگهي، ڇاڪاڻ ته لکڻ وسيلي اهو ئي ماڻهو بهترين قصو بيان ڪري سگهي ٿو، جنهن سٺا قصا پڙهيا هجن يا ٻڌا هجن. پر گارشيا مارڪيز جي لکڻ جي هڪ ٻي خوبي ڪردارن جي انفراديت آهي، جيئن سندس ناول “اڪيلائيءَ جا هڪ سئو سال” ۾ ڪردارن جي ڀرمار آهي پر هر ڪردار جي انفراديت کي هن ڪمال ڪاريگريءَ سان بيان ڪيو آهي. سندس سڃاڻپ جادوئي حقيقت نگار طور به آهي. پر جادوئي حقيقت نگاري هر ڪهاڻي يا ناول تي ٺهڪي نٿي اچي، ان ڪري هر ڪهاڻي نه ته جادوئي حقيقت نگاريءَ ۾ بيان ڪري سگهجي ۽ نه ئي اها ڪا ايتري جاندار ٿي سگهي ٿي. پر جيئن ته گارشيا مارڪيز کي ان ۾ مهارت هئي، تنهنڪري هو ان ادبي لاڙي کي استعمال ڪندي ڪهاڻي بيان ڪري ٿو.
تازو ئي سندس ناول Love in the time of Cholera پڙهيم. ناول جي سيٽنگ (زمان ۽ مڪان) ڪيريبين سمنڊ ۽ ماگدالينا درياهه ڪولمبيا ڀرسان بنا نالي بندرگاهه جي آهي. وبائن تي لکيل ادب لاءِ عام تاثر اهو آهي ته اهو رڳو وبائن تائين محدود هوندو آهي، تنهنڪري ان جي ڄمار ايتري ناهي هوندي ۽ وبائون گذري وڃڻ کان پوءِ بي اثر سمجهيو ويندو آهي، پر ادب پڙهڻ جي نه ته مند هوندي آهي ۽ نه ئي ان لاءِ ڪنهن وبا جو انتظار ڪبو آهي، ڀلي اهو وبا جي ڏينهن ۾ ئي ڇو نه لکيو ويو هجي. هي ناول فلورينتو اريزا ۽ فرمينا دازا جي پيار ڪهاڻيءَ تي آڌاريل آهي، پر جيئن ته ناول ۾ ڪالرا کي هڪ وبائي مرض طور ڏيکاريو ويو آهي، تنهنڪري ڪالرا دوران ئي ٻنهي ڪردارن جي پيار ڪهاڻي جنم وٺي ٿي، اڳيان هلي ٿي ۽ پڄاڻيءَ تي پهچي ٿي. ڪالرا ناول ۾ رڳو هڪ بيماري ناهي پر اها هڪ علامت طور به ڏيکاري وئي آهي، ناول جا ٻه مک موضوع آهن، هڪ پيار ۽ ٻيو موت. اهو موت جيڪو وبا جي ڪري ملڪ ۾ پکڙجي ٿو ۽ آهستي آهستي ماڻهن جون حياتيون ڳڙڪائيندو ويندو آهي. ڪالرا ۽ پيار جي باري ۾ گارشيا هڪجهڙين علامتن جو ذڪر ڪري ٿو. هڪ پاسي ماڻهو ڪالرا جي وبا جي ڪري ڀوڳيندا رهندا آهن ته ٻئي پاسي نوجوان فلورينتو اريزا فرمينا دازا جي عشق ۾ نظم پيو ياد ڪندو آهي، عشق دوران سندس ڪيفيت اهڙي ئي هوندي آهي، جهڙي ڪالرا دوران ڪنهن مريض جي هوندي آهي. جيئن مارڪيز لکي ٿو، “پيار ۽ ڪالرا جون علامتون هڪهجهڙيون هونديون آهن.”
ناول جو هيرو فلورينتو اريزا آهي، جيڪو پنهنجي بيوه ماءُ ترانسنتو اريزا سان رهي ٿو. هوءَ کيس پنهنجي مڙس سان ويڪرا ڪپڙا ڪٽي سيٽ ڪرائي پارائي ٿي ۽ هو انهي ڪوٽ پينٽ ۾ پاڻ کي بهتر نٿو ڀانئين. فلورينتو اريزا جو ڪردار هڪ پاسي ته عاشق جو ڪردار آهي پر ٻئي پاسي هڪ اهڙي محروم نوجوان جو ڪردار آهي، جنهن کي پيءُ جي پاٻوهه نصيب ناهي ٿي ۽ فرمينا جي عشق ۾ ايترو ته غلطان هوندو آهي جو هن کي ڊگها ڊگها خط لکي ٿو. مارڪيز فلورينتو جي ڪردار کي وڏي بي رحميءَ سان پيش ڪيو آهي. قبضي جو مريض فلورينتو ان مرض مان جان ڇڏائڻ لاءِ ڪافي جا ٿرماس ڀري پيئندو رهندو آهي، هو پنهنجي گنج سبب پريشان رهي ٿو ۽ وار ڇڻڻ واري عمل کي روڪڻ لاءِ دنيا جهان جا نسخا استعمال ڪري ٿو پر تنهن هوندي هن جي مٿي تي وارن جي بهار نٿي اچي. نظر جي ڪمزوريءَ سان گڏ هو قبضي جي مرض کان پاڻ کي بچائي نٿو سگهي.
“هو قبضي جو مستقل مريض هو، جنهن جي ڪري سڄي ڄمار کيس انيما وٺڻي پوندي هئي. هن وٽ هڪ ڪارو سوٽ هو، جيڪو ان کان اڳ سندس محروم پيءُ جو هوندو هو، ترانسنتو اريزا ان سوٽ جي ايتري سار سنڀال ڪندي هئي جو هر آچر تي اهو نئون لڳندو هو.”
ترانسنتو اريزا پنهنجي مڙس کي ان سوٽ وسيلي ياد ڪندي رهي ٿي، ڇاڪاڻ ته مڙس جي اها ئي هڪ اهڙي نشاني هوندي آهي، جيڪا هن جي پٽ جي ڪم اچي ٿي. فلورينتو جو ڪردار هڪ پاسي ته محرومين جو ماريل آهي، ٻئي پاسي جڏهن هن کي اها خبر پوي ٿي ته فرمينا دازا هن سان شادي ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي ته هو ان صدمي کي برداشت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. فرمينا دازا شهر جي مشهور ڊاڪٽر جووينئل اربينو سان شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿي، جيڪو هڪ ڀيرو بيماري دوران سندس گهر طبيعت ڏسڻ وڃي ٿو. ٻنهي جي شادي کان پوءِ به ائين محسوس ٿئي ٿو ته انهن جي وچ ۾ ڪا اهڙي وٿي آهي، جيڪا نظر ته نٿي اچي پر وجود ضرور رکي ٿي. شايد اهو فرمينا جو پيار هوندو آهي، جنهن کان هوءَ فرار حاصل ڪرڻ پئي چاهيندي آهي پر ٻنهي زال مڙسن ۾ معمولي ڳالهين تان جهيڙا ٿيڻ لڳن ٿا.
ناول ۾ فلورينتو جو پيار اڳيان نه وڌي ها، جيڪڏهن سندس ماءُ کيس اهو احساس نه ڏياري ها ته محبت ۾ گهڻو ڪجهه ڀوڳڻو پوندو آهي. جيئن هوءَ فلورينتو کي چوي ٿي: “پيار جي سلطنت ۾، جيڪا هڪ سفاڪ ۽ اڙانگي سرزمين آهي، هيڻن جي اتي ڪا جاءِ ڪانهي ۽ عورتون پاڻ کي فقط مضبوط ارادن وارن مردن حوالي ڪنديون آهن، جيڪي انهن کي زندگي گذارڻ لاءِ تحفظ ڏئي سگهن.”
جيڪڏهن ٿلهي ليکي رڳو فلررينتو اريزا جي ڪردار جو جائزو ئي پيش ڪجي ته هو هڪ اهڙو عاشق آهي، جهڙا شيڪپسيئر جي ڊرامن ۾ هوندا آهن، جن کي هو Lunatic چوندو هو. سندس ديوانگي فرمينا لاءِ اڌ صديءَ جو انتظار ڪرائي ٿي پر هو ان انتظار مان به نٿو ٿڪجي. هن وٽ هر هر ڏينهن هر لمحي جو حساب هوندو آهي، هو محبت کي ئي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد سمجهي ٿو، هو محبت لاءِ مرڻ ۽ محبت لاءِ جيئڻ چاهي ٿو، “جيڪڏهن آئون پيار لاءِ نه مئس ته مرڻ گهڙي تائين منهنجو اهو هڪڙو ئي ڏک هوندو.” گارشيا مارڪيز نه فلورينتو کي سهڻو ۽ حسين ڏيکاريو آهي ۽ نه ئي اهڙو ڏيکاريو آهي، جو هو بي عيب هجي، بلڪه هيرو هوندي به هو ڪيترن ئي اوڻاين سان ڀريل آهي. هو سمنڊ جهاڳي ٿو، سفر ڪري ٿو پر فرمينا جو پيار هن کي ڪٿي به سک سان ويهڻ نٿو ڏئي. پر جڏهن هو اڌ صديءَ کان پوءِ فرمينا سان ملي ٿو ته هن جي پيٽ ۾ گڙٻڙ شروع ٿئي ٿي ۽ هن جو اتي ويهڻ به ڏکيو ٿي ويندو آهي. ٽپال کاتي ۾ ڪم ڪندڙ فلورينتو ترقي ڪندو رهي ٿو، ان دوران هو ڪيترين ئي عورتن سان راتيون به رنگين ڪري ٿو پر تنهن هوندي به هو پاڻ کي ڪنوارو سمجهي ٿو. اها ڪنوارپ هو رڳو فلورينتو اريزا لاءِ سنڀالي رکي ٿو.
گارشيا مارڪيز جي ناولن جا ڪردار سدائين وڏي ڄمار ماڻيندا رهندا آهن. جيئن “اڪيلائيءَ جا هڪ سئو سال” ۾ به ارسلا کان وٺي سندس مڙس بوئيندا سئو سالن جا ٿي وڃن ٿا. ائين ئي هن ناول ۾ سندس تخليق ڪيل ڪردار وڏيون ڄمارون ماڻين ٿا. مارڪيز هن ناول وسيلي پيار جي علامتن کي جهڙي ريت ڪالرا سان گڏائي پيش ڪيو آهي، ان مان فلورينتو جي ڪردار جي باري ۾ اهو اندازو لڳائڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي ته هو وبا جو شڪار ٿي مرڻ وارو آهي يا وري پيار ۾ پنهنجي حياتي وڃائي ڇڏيندو.
(هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button