ايڊيٽوريل ۽ ڪالمغير درجه بندي

اسلام آباد: اقتداري گيم جي آخري اننگ؟

Editorial-Article- Ajaz Mangi

عمران خان انتظار ڪيو. جڏهن هن کي محسوس ٿيو ته حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ وقت وٺي رهي آهي. جڏهن هن کي احساس ٿيو ته هن جو پيدا ڪيل ٽيمپو ختم ٿي ويندو. تڏهن هن پشاور مان ترت لانگ مارچ جو اعلان ڪيو. جڏهن ته هن جا پنهنجا حامي به سمجهن ٿا ته کيس ايتري تڪڙ نه ڪرڻ کپندي هئي. ڇا ٽن ڏينهن جي نوٽيس تي تحريڪ انصاف جا ماڻهو تياري ڪري وٺندا؟ ڇا مئي جي موتمار مهيني ۾ عورتون، ٻار ۽ ٻڍا اسلام آباد ۾ احتجاج ڪري سگهندا؟ عمران خان جيتري اعتماد جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، ان جو سبب ڪهڙو آهي؟ ڇا هن کي اهو اشارو مليو آهي ته پريشر وجهڻ جي سلسلي ۾ هي وقت مناسب آهي. هن وقت حڪومت جي مٿان دٻاءُ وجهبو ته ڪم ٿي ويندو. ڇو ته اسٽيبلشمينٽ به جلد چونڊ چاهي ٿي. جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ تڪڙيون چونڊون نه چاهي ها ته بلاول ميڊيا جي آڏو اهو راز فاش ڇو ڪري ها ته هن کي جلد چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ دٻاءَ هيٺ آندو ويو. هن وقت جڏهن مسلم ليگ ن جي حقيقي قيادت يعني ميان نواز شريف ۽ هن جي ڌيءَ مريم ۽ هن جي پارٽيءَ جا سينئر اڳواڻ اهو چاهن ٿا ته عمران خان جي حڪومت جي ناڪاميءَ جو ملبو انهن کي پنهنجن ڪهلن تي نه کڻڻ گهرجي ۽ چونڊن ۾ وڌيڪ دير نه وجهجي ته پوءِ آخر چونڊ اعلان ۾ ڪير رڪاوٽ آهي؟
شاهه محمود قريشي به چيو آهي ته هاڻي آصف زرداريءَ کان سواءِ چونڊن جي اعلان ۾ ٻي ڪا رڪاوٽ نه رهي آهي. جڏهن ته آصف زرداريءَ کي به معلوم آهي ته هيءَ حڪومت گهڻو وقت نه هلي سگهندي. پر ان جي باوجود به هو پنهنجي ضد تي اڙيل آهي ته حڪومت کي پنهنجو آئيني مدو پورو ڪرڻ گهرجي. ان جو سبب اهو آهي ته آصف زرداري اقتدار جو ايترو ته عادي ٿي ويو آهي جو هاڻي هو اقتدار کان سواءِ هڪ ڏينهن به رهي نه ٿو سگهي. جيڪڏهن هن کي اقتدار وفاق ۾ نه ٿو ملي ته گهٽ ۾ گهٽ هن جي هٿ ۾ سنڌ جي حڪومت ته هجي. سنڌ حڪومت زرداريءَ جي ايتري ضرورت آهي، جيتري ضروري ڪنهن مريض جي لاءِ دوا هوندي آهي. هو سنڌ حڪومت کان سواءِ پنهنجي زندگيءَ جو تصور به نه ٿو ڪري سگهي. ڇو ته هن کي جيڪو پروٽوڪول حاصل آهي ۽ هن جا سمورا ڪم جهڙي طرح هڪ اشاري سان ٿين ٿا، اهي سنڌ ۾ اقتدار نه هجڻ جي صورت ۾ ڪڏهن به نه ٿيندا. ان حالت ۾ زرداريءَ کي پنهنجي زندگي تمام گهڻي ويران نظر اچي ٿي، جيڪڏهن هن وٽ سنڌ ۾ سرڪار نه رهي.
سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته “جيڪو اڌ کي ڇڏي سڄي ڏانهن ڀڄي، ان کان اڌ به هليو ويندو آهي” اهو ئي ڪجهه هن مهل زرداريءَ سان ٿي رهيو آهي. زرداريءَ جو خيال هو ته هن کي سنڌ سان گڏ وفاق ۾ به اقتدار ملي. زرداريءَ جو فرزند هن مهل ملڪ جو پرڏيهي وزير آهي. پر آصف زرداريءَ جا خواب ته تمام وڏا هئا. هن جو خيال هو ته وزرات اعظميٰ جي ڪرسي شهباز شريف جي حوالي ڪري هو پنهنجي لاءِ ملڪي صدارت وٺندو ۽ پنهنجي پٽ لاءِ فارن منسٽريءَ سميت پارٽيءَ جي ماڻهن کي اهم وزارتن تي فٽ ڪندو ۽ حقيقي طور تي حڪومت هن جي هوندي. هن جو اهو خيال به هو ته سوا سال جي سرڪاري سفر ۾ هو شريف ڀائرن جي وچ ۾ ويڇا پيدا ڪري وٺندو ۽ ان کان پوءِ پنجاب ۾ پنهنجي سياسي پاڙ هڻي اقتدار جو نئون فارم هائوس تيار ڪندو. پر “بندي من ۾ هڪڙي، صاحب من ۾ ٻي” زرداريءَ جي اقتداري لالچ هن کي اهڙي موڙ تي بيهاريو آهي جو هن کان هر قسم جو اقتدار وڃي رهيو آهي.
هن وقت آصف زرداريءَ جو اهو ضد ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو ته چونڊون سال کان پوءِ ٿين. ان ڳالهه جو احساس آصف زرداريءَ کي به آهي. پر جيڪڏهن هو پوءِ به پنهنجي ضد تي اڙيو بيٺو آهي ته ان جو سبب صرف ۽ صرف اهو آهي ته هو پنهنجي ضد تان لهڻ جي قيمت وٺڻ چاهي ٿو. هو چاهي ٿو ته هن سان ٻه واعدا ڪيا وڃن. هڪ واعدو اهو ته اقتدار وڃڻ کان پوءِ هن جي مٿان احتساب جا وار نه ڪيا ويندا. هن کي خوف آهي ته جيڪڏهن هو اقتداري گيم مان آئوٽ ٿي ويو ته پوءِ هن جي مٿان پراڻن پاپن جا ڪيس کلي سگهن ٿا. هن مهل جڏهن هو بظاهر صحتمند به آهي ته هن سان ڪا رعايت نه ڪئي ويندي. ان حوالي سان هو سخت گهٻرايل آهي. هن کي وفاقي اقتدار ۾ اچي نيب ۾ قانوني تبديليون به ته آڻڻيون هيون. هن مهل تائين هن جو ڪو خاص ڪم نه ٿيو آهي. هن کي سخت تڪليف آهي ته وفاقي حڪومت جي چئن ڏينهن واري چانڊوڪيءَ کان پوءِ کيس حزب اختلاف جون اونداهيون ڏسڻيون پونديون. ان حوالي سان هن جو ضد آهي ته هن جا ڪيس ختم ويا وڃن. معنيٰ هن کي اين آر او ڏنو وڃي. هو اهو به سمجهي ٿو ته هن موڙ تي شريف فيملي ته هن سان تعاون ڪندي ئي ڪندي پر عمران خان به اها رڪاوٽ به بڻبو جو هن جو ڪم نه ٿي سگهي. ڇو ته عمران خان هر قيمت تي اليڪشن جو اعلان چاهي ٿو. عمران خان کي پوري پڪ آهي ته چونڊن ۾ هن کي نه صرف ڪاميابي حاصل ٿيندي پر هن کي ايتري اڪثريت به ملندي جو هو ڪنهن جي تعاون کان سواءِ سرڪار ٺاهي ويندو ۽ سرڪار ٺاهڻ کان پوءِ هو پنهنجي مرضيءَ سان قانون تبديل ڪندو.
عمران خان جي اهڙي مائينڊ کي آصف زرداريءَ آرام سان پڙهي سگهي ٿو. ان ڪري هو پوري طرح سان سياسي سوديبازيءَ جي لاءِ تيار آهي. هن کي هڪ ته ڪيسن مان ڇوٽ گهرجي. ٻيو ته هن کي اها به پڪ گهرجي ته ايندڙ چونڊن ۾ به سنڌ حڪومت هن وٽ هوندي. ان سلسلي ۾ هو قابل يقين ضمانتون چاهي ٿو. جڏهن ته هن سان ان سلسلي ۾ ڊيل ڪرڻ واري قوت به سخت دٻاءَ هيٺ آهي. ڪنهن کي به معلوم ناهي ته ڪنهن وقت ڪهڙو فيصلو ٿي وڃي. هونءَ ته اسٽيبلشمينٽ آن دي رڪارڊ چئي چڪي آهي ته هو سياست ۾ ملوث ناهي ۽ اسٽيبلشمينٽ کي سياست ۾ گهليو به نه وڃي پر هن وقت سڀني کي معلوم آهي ته اهم ترين ڪردار اسٽيبلشمينٽ جو ئي آهي. جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار نه هجي ها ته عمران خان پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ اسٽيبلشمينٽ کي لانگ مارچ ۽ اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻڻ واري سلسلي ۾ کيس نيوٽرل رهڻ جو ڇو چوي ها؟ جيڪڏهن هن صورتحال ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪو به ڪردار نه هجي ها ته آخر شاهه محمود قريشيءَ کي پريس ڪانفرنس کان ڪجهه پل اڳ ۾ فون ڇو اچي ها ۽ هن کي عمران خان ڇو منع ڪري ها ته اها ڪال اٽينڊ نه ڪر. جڏهن ته هاڻي ميڊيا جي پاران پڇيل سوالن جي جواب ۾ به شاهه محمود قريشي اهو ئي چوي ٿو ته هو ان سوال جو جواب ڏئي نه ٿو سگهي ته اها ڪال ڪنهن جي هئي؟
اسٽيبلشمينٽ کي معلوم آهي ته ملڪ هن مهل سخت بحران مان گذري رهيو آهي. جڏهن ته هر ڏينهن سياسي طور تي سگهارو ٿيندڙ عمران خان ان سموري بحران جو سبب جنهن انداز سان بيان ڪري رهيو آهي، ان سان اسٽيبلشمينٽ کي تڪليف محسوس ٿي رهي آهي. ڇو ته عمران خان صاف لفظن ۾ ٻڌائي چڪو آهي ته هن پنهنجي خلاف ٿيندڙ سازش جي باري ۾ اسٽيبلشمينٽ کي آگاهه ڪيو پر هن سان ڪو به تعاون نه ڪيو ويو. عمران خان جيڪو احتجاج ڪري رهيو آهي، ان احتجاج ۾ ملڪ اڃان گهڻي بحران جو شڪار ٿيندو. ان ڪري هن کان ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ قرباني گهري پئي وڃي ۽ عمران خان جو اهڙو ڪو موڊ ناهي ته هو هرڀرو عظيم ٿي، اقتداري قرباني پيش ڪري. عمران خان کي جيڪو وزارت اعظميٰ جو چسڪو لڳي ويو آهي، هو ان لاءِ هاڻي ڪجهه به ڪري سگهي ٿو. هن کي اهو به لڳي رهيو آهي ته چئن سالن ۾ هن اقتداري رمزون ۽ گر سکي ورتا آهن. هو هاڻي اقتداري پچ تي وڌيڪ بهتر طرح سان کيڏي سگهي ٿو. جڏهن هن سان گڏ عوام جو ايترو وڏو انگ آهي ته هو ملڪي اسٽيبلشمينٽ کان پنهنجي مرضيءَ ۽ مفاد جون شيون به مڃرائي سگهي ٿو. هن کي اقتدار جي اڃ بک ۽ اهڙي ٻاڙ لڳي آهي، جنهن جو اظهار هن جي پوري جسماني ٻوليءَ مان ظاهر ٿي رهيو آهي.
عمران خان جي لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج اهو آهي ته هن جيڪو اسلام آباد طرف سياسي ڪاهه ڪرڻ جو تڪڙو فيصلو ڪيو آهي، ان ۾ سوڀ ماڻي سگهي. هن جي سوڀ اها ئي آهي ته هو گهٽ ۾ گهٽ اسلام آباد ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو ميڙي سگهي. جيڪڏهن هو اهو ڪجهه ڪري وڃي ٿو ته اها تمام وڏي ڪاميابي هوندي. هونءَ به هن حڪومت ۾ ايترو حال ناهي جو اها عمران خان پاران آندل عوام جي ايتري اننگ جو بار برداشت ڪري سگهي.
ملڪ جي گاديءَ واري شهر ۾ عوام جي تمام وڏي اننگ کي سخت گرميءَ ۾ آڻڻ جو اعلان ڪرڻ الڳ ڳالهه آهي ۽ عوام کي آڻي احتجاج کي منظم بڻائڻ الڳ معاملو آهي. جيڪڏهن عمران خان پنهنجي اعلانيل احتجاج جي سلسلي ۾ اڌ جيترو به ڪامياب ٿيو ته هيءَ حڪومت گوڏا کوڙڻ ۾ ڪا به دير نه ڪندي. ڇو ته عمران خان جي احتجاج کي طاقت سان روڪڻ جو مطلب ان کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه هوندو ته باهه کي تيل سان وسائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. هن مهل عمران خان پنهنجن حامين جي مٿن ۾ جيڪا هوا ڀري ڇڏي آهي، اها تمام گهڻي خطرناڪ آهي. ان جي هوندي قانون نافذ ڪرڻ وارا ادارا ٽڪراءَ جو ڪو به رسڪ کڻي نه ٿا سگهن. ان سموري صورتحال کي نظر ۾ رکندي اسٽيبلشمينٽ جو خيال آهي ته ملڪ کي وڌيڪ ڏچي ۾ وجهڻ بدران ڪنهن طرح سان اهڙو سلجهاءُ سامهون آڻجي، جنهن سان “لعل به لڀي ۽ پريت به رهجي اچي”

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button