ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پاڻي کوٽ ۾ واهن کي گهارا

سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ڪيتري خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري وئي آهي، ان جو اندازو اخبارن ۾ شايع ٿيل خبرن مان لڳائي سگهجي ٿو، جن ۾ هڪ پاسي آبادگار احتجاج ڪندا رهندا آهن ته ٻئي پاسي وري سنڌ حڪومت به پاڻي کوٽ خلاف بيان بازي ڪندي رهندي آهي. پر جيڪڏهن هاڻوڪن ڏينهن ۾ واهن کي گهارا لڳن ته اڃا به صورتحال خراب ٿي ويندي آهي. جڏهن ته هن وقت سنڌ جون سوين شاخون آهن، جن ۾ واري اڏامي رهي آهي ۽ پاڻي کان محروم لڳيون پيون آهن. ان عمل مان نه رڳو آبپاشي کاتي ڪوتاهي ظاهر ٿئي ٿي پر انهن ماڻهن جي نا اهلي به ظاهر ٿئي ٿي، جيڪي پاڻي بچائڻ جي ڏينهن ۾ پاڻي وڃائي رهيا آهن.
رپورٽ موجب اوٻاوڙو ۾ آبپاشي عملدارن جي ڪرپشن. واھن جي کاٽي ۽ مرمت لا آيل ڪروڙين رپيا هڙپ ڪرڻ سبب ڏهر واهھ کي آر ڊي 34 وٽان 50 فوٽ گهارو پئجي ويو، جنهن سبب سوين ايڪڙن تي پوکيل ووئنڻ، ڪمند، جوئر ۽ ٻيو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو. اطلاع باوجود آبپاشي عملو گهاري واري هنڌ نه پهتو، بي قابو پاڻي ڳوٺ مير خان رند ۽ ٻيا ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا. گهاري واري هنڌ سوين ڳوٺاڻن پهچي پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪيو. ان موقعي تي آبادگارن اقبال رند، اياز رند ۽ ٻين دانھون ڪندي چيو ته آبپاشي ڪامورن جي ملي ڀڳت سبب واھه جي مٽي وڪرو ٿيڻ سبب ڏهر واهھ جا ڪپر ڪمزور ٿي ويا آهن، جنھن سبب واهھ کي گھارو پيو، اسان اطلاع ڪيو، پر آبپاشي عملو نه پھتو، اسان پاڻ واهه جا گيٽ بند ڪري گھارو بند ڪيو آھي، اسان آبپاشي انجنيئر خورشيد احمد کوکر کي ڪپر ڪمزور ھجڻ جون شڪايتون ڪيون، پر نوٽيس نه ورتو ويو، گهاري سبب اسان جو ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو آهي، ڪرپٽ ڪامورن خلاف ڪارروائي ڪري نقصان جو ازالو ڪيو وڃي. اسان ڪرپٽ ڪامورن خلاف عدالت جو دروازو کڙڪائينداسين. راشي انجنيئر خورشيد احمد کوکر خلاف جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي. واهن يا شاخن کي ڪپرن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ جيڪي پئسا منظور ڪيا ويندا آهن، انهن مان ايترو ته ناقص ڪم ڪيو ويندو آهي جو گهارا لڳڻ معمول ٿي ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته اهو پئسو گهڻو ڪري سرڪاري عملدار کائي ويندا آهن ۽ باقي ٿورو پئسو بچي پوندو آهي ته ان مان نالي ماتر ڪم ڪرايو ويندو آهي، جنهن جي ڪري گهارا لڳڻ سبب ماڻهن جا فصل ۽ ڳوٺ ٻڏندا رهندا آهن.
اسين سمجهون ٿا ته هن وقت پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو به سنڌ لاءِ قيمتي آهي، تنهنڪري هن واقعي جي مڪمل جاچ ڪرائي وڃي ۽ جيڪي به ماڻهو ان ڪوتاهي جا ذميوار آهن، انهن خلاف ترت ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن انهن کي وائکو ڪيو وڃي ۽ ان کان سواءِ مستقبل ۾ گهارن کان بچڻ لاءِ اهڙو لائحه عمل جوڙيو وڃي جنهن سان ماڻهن جو نقصان نه ٿي سگهي.

ڪارونجهر جي ڪٽائي

ڪجهه وقت اڳ ڪارونجهر جبل جي ڪٽائيءَ جي حوالي سان ٿر سوڌو سڄي سنڌ ۾ احتجاج شروع ڪيو ويو هو، اتان جي مقامي ماڻهن ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف آواز اٿاريو هو، جنهن کان پوءِ اهو سلسلو اڃا به وڌي ويو ۽ سنڌ ۾ وڏي پئماني تي احتجاجن جو سلسلو شروع ٿي ويو. جنهن کان پوءِ عدالت ڪارونجهر جي ڪٽائي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. پر هڪ ڀيرو وري اهو ڪم شروع ٿي ويو آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته ڪارونجهر کي ڪوريندڙ ڪنهن به حڪم جا پابند نه آهن ۽ اهي عدالت جي حڪم کي مڃڻ لاءِ تيار نه آهن. جيڪڏهن اهو سلسلو اڃا به هلندو رهيو ته پوءِ ڪارونجهر کي ڪنهن به ريت بچائي نٿو سگهجي.
ڪالهوڪي آيل خبر موجب کارسر جبل تان ڳري مشينري ذريعي گرينائيٽ پٿر کڻڻ جون تصويرون وائرل ٿي ويون آهن. ان حوالي سان ٿرپارڪر جي سڄاڻ ڌُرين چيو آهي ته بااثرن طرفان جبل تي ڪٽائي جا اطلاع ملڻ باوجود انتظاميا ڪارروائي لاءِ تيار ناهي، سرِعام عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي. هنن حڪومت کان نوٽيس وٺي ڪارونجهر جي سونهن بچائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪارونجهر تي ڪٽائي کي غيرقانوني قرار ڏنو هو، جڏهن ته مقامي عدالت به ڪارونجهر جي ڪٽائي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر ان باوجود به ڪٽائي شروع ڪئي وئي آهي. ڪارونجهر رڳو جبل ناهي پر اهو پورو ايڪو سسٽم آهي، جنهن جي ڪري اتي موجود جيوت پلجي ٿي ۽ ان کان سواءِ انساني آبادي لاءِ به ڪارونجهر جو هجڻ لازمي آهي. تنهنڪري ڪارونجهر جي ڪٽائيءَ سان اتان جو سڄو ماحول تباهه ٿي رهيو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته عدالتي حڪومت جي ڀڃڪڙي ڪندڙ سزا جا حقدار آهن. ڇاڪاڻ ته اهو هڪ هاءِ پروفائيل ڪيس آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عدالتي حڪم جي روشنيءَ ۾ ڪارونجهر جي ڪٽائي ڪندڙ ڪمپني خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button