سنڌ ۾ استادن جي ڀرتين جو سلسلو جاري آهي، ڪن ضلعن ۾ آفر ملي ويا آهن ته ڪن ۾ اڃا ملڻا آهن. استادن جي ڀرتي واري ٽيسٽ ۾ سنڌ جي بيروزگار نوجوانن وڏي انگ ۾ حصو ورتو ۽ اهي سڀ نوجوان ميرٽ تي پاس تي تعليم کاتي ۾ نوڪرين کي لڳڻ وارا آهن. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي تعليم کاتي به هن وقت به وڏي انگ ۾ استادن جي ضرورت آهي. ان کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت هي وقتائتو فيصلو ڪيو آهي. تازو ئي جڏهن سنڌ حڪومت اهو اعلان ڪيو ته 40 سيڪڙُو مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي پاس ڪيو ويندو ته انهن جي سرهائي ڏسڻ وٽان هئي. پر تنهن هوندي به اڃا ڪي مسئلا آهن، جيڪي حل ٿيڻ گهرجن.
حقيقت ۾ سنڌ حڪومت طرفان 40 سيڪڙو مارڪن تي پاس ڪرڻ واري اها رعايت غير فعال اسڪولن کي فعال بڻائڻ ۽ صوبي ۾ شاگردن جي استادن جي تناسب سان استادن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ ڏني وئي آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ 35870 استادن جون جايون خالي آهن، جن مان ڪل 24617 اميدوار پاس ٿيا آهن.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي پريس ڪانفرنس موجب ته، هڪ استاد کي 30 شاگردن کي پڙهائڻ جي حساب سان سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ کوٽ آهي. جنهن سبب هنن پاسنگ مارڪون گهٽائي 40 ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جڏهن ته 40 کان گهٽ مارڪون حاصل ڪندڙ اميدوارن جي ٽريننگ ڪري هڪ مهيني کان پوءِ انهن کان ٻيهر ٽيسٽ ورتي ويندي.
سنڌ جي وڏي وزير جي چوڻ موجب جيڪڏهن هارڊ ايريا ۾ 40 مارڪن وارو استاد مقرر ڪري سگهجي ٿو ته پوءِ جن تعلقن ۾ استاد گهٽ پاس ٿيا آهن ته انهن کي 40 مارڪن تي پاس ڇو نٿو ڪري سگهجي. اهڙيءَ ريت هن حڪمت عملي ۾ اهو پڻ واضح ڄاڻايو ويو آهي ته استادن جون مقرريون تعلقي سطح تي ڪري استادن کي آرڊر ڏنا ويندا ۽ تعلقن ۾ جتي هارڊ ايرياز (سخت علائقا) آهن، اتي ٻه الڳ لسٽون هونديون: هڪ سافٽ ايرياز (نرم علائقن) لاءِ ۽ ٻي سخت علائقن لاءِ. تنهن کان پوءِ سخت علائقن جا اميدوار نرم علائقن ۾ پوسٽ نه ٿي سگهندا.
سنڌ جي وڏي وزير جو اهو فيصلو حقيقت ۾ هڪ تمام ساراهه جوڳو عمل آهي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ فيصلي سان سنڌ جي هزارين بيروزگار نوجوانن کي روزگار جو موقعو ملندو ۽ ڪافي حد تائين مهانگائيءَ تي پڻ ضابطو ايندو.
انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي هر دور ۾ سنڌ جي پرگهور لهي سدائين غريب ۽ محنتي نوجوانن لاءِ روزگار جا وسيلا مهيا ڪيا آهن ۽ هزارين نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون آهن. هاڻِ جيڪڏهن سنڌ حڪومت بيروزگار نوجوانن تي ايتري مهرباني ڪئي آهي ته پوءِ سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتي کي گهرجي ته استادن جون مقرريون/ڀرتيون يونين ڪائونسل )يو سي) سطح تي ڪيون وڃن، جن جي لسٽ top to bottom پاليسي يعني وڌيڪ اسڪور کان گهٽ اسڪور تحت ميرٽ جي بنياد تي ٺهڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته تعلقي سطح تي تيار ٿيندڙ ميرٽ لسٽ ۾ ڪيترائي جعلي ۽ پئسن عيوض اميدوار ڀرتي ٿي سگهن ٿا، جنهن سبب ڪيترن ئي غريب ۽ مستحق اميدوارن جي حقن تي هڪ ڀيرو ٻيهر داڙو لڳي سگهي ٿو.
آئون سمجهان ٿو ته ڪيترائي اميدوار تعلقي سطح تي ٿيندڙ ڀرتين جي حمايت ڪندا هوندا ۽ ڪيترائي اميدوار يونين ڪائونسل )يو سي( سطح تي ٿيندڙ ڀرتين جي حمايت ۾ هوندا. پر حقيقت اها آهي ته تعلقي سطح تي ٿيندڙ ڀرتين ۾ هير ڦير ٿيڻ آسان ۽ ممڪن بڻجي سگهي ٿي، ڇو ته سنڌ ۾ هزارين يونين ڪائونسليون آهن، جيڪڏهن اهي سڀ ٻين ۾ سمائجي وينديون يعني merge ٿينديون ته پوءِ مستحق ۽ من پسند ماڻهن جي سڃاڻڻ ڪرڻ اوهان لاءِ هڪ انتهائي ڏکيو عمل بڻجي ويندو. ان کان سواءِ ڪيترائي ڪوڙا ۽ من پسند ماڻهو پڻ لسٽ ۾ درج ٿي ويندا، جنھن کان پوءِ ميرٽ جي لتاڙ ٿيڻ ممڪن آهي.
تنهنڪري، استادن جون ڀرتيون يونين ڪائونسل سطح تي ٿيڻ وڌيڪ بهتر هوندو. ڇاڪاڻ ته انهيءَ حڪمت عمليءَ تحت گهٽ ۾ گهٽ جعلي اميدوارن يا ڏورانهين علائقن مان ايندڙ ماڻهن کي ته سڃاڻڻ آسان هوندو.
پر جيڪڏهن يونين ڪائونسل ۾ پاس ٿيندڙ اميدوارن جو انگ خالي پيل جاين کان وڌي وڃي ٿو ته پوءِ گورنمينٽ کي گهرجي ته انهن اميدوارن کي تعلقي وائيز سطح تي ڀرتيءَ کي ترجيح ڏئي استادن جي کوٽ کي پورو ڪجي. يعني پهرين ترجيح يونين ڪائونسل سطح تي ڏيڻ کان پوءِ تعلقي وائيز سطح تي استادن جون ڀرتيون ڪيون وڃن.
ان جو هڪڙو فائدو اهو به آهي ته مڪاني استاد موسمن جي تبديلين کي آسانيءَ سان فين ڪري سگهن ٿا. اهڙيءَ ريت استاد پنهنجا فرض دلچسپي ۽ پابنديءَ سان سر انجام ڏيندا، جنهن سبب ڀرتي ٿيندڙ استاد پنهنجي UCs جي اسڪولن ۾ هميشه رهي سگهن ٿا، اهڙيءَ طرح ٻارڙن جي به تعليم متاثر نه ٿيندي.
جيتوڻيڪ سنڌ حڪومت طرفان 40 سيڪڙو مارڪن تي پاس ٿيڻ واري اعلان کان پوءِ ڪيترن ئي بيروزگار نوجوانن جي چهرن تي مرڪون ڇائنجي ويون هونديون، ڪجھه وقت لاءِ انهن پنهنجا خواب ساڀيان ٿيندي ڏٺا هوندا ۽ ڪيترن ئي ته مستقبل جون نيون حڪمت عمليون به جوڙيون هونديون. پر جڏهن انهن غريب ۽ بيروزگار نوجوانن تعلقي سطح تي ٿيندڙ ڀرتين جو اعلان ٻڌو هوندو ته کين پنهنجا خواب، اميدون ۽ حوصلا هڪ ڀيرو ٻيهر ضرور ٽٽندي نظر آيا هوندا.
تنهن ڪري، اسين سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، تعليم جي صوبائي وزير سيد سردار شاهه، تعليم کاتي جي سيڪريٽري اڪبر لغاري ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جن کي نهايت ادب سان عرض ڪريون ٿا ته استادن جون ڀرتيون يونين ڪائونسل سطح تي ڪيون وڃن. ڇاڪاڻ ته پھريون حق اتان جي رهواسين جو آهي، جيڪي هر وقت ۽ هر حالت ۾ پنهنجن ٻارن کي تعليم ڏيڻ لاءِ تيار آهن. جيڪڏهن اتي ٻين علائقن جا ماڻهو ڀرتي ٿيندا ته اهي موسم جي تبديلين سبب پابنديءَ سان پنهنجا فرض به سرانجام ڏئي نه سگهندا ۽ ساڳيو ئي اهي استاد بدليون ڪرائي اتان هليا ويندا ته پوءِ انهن يونين ڪائونسلن ۾ استادن جي کوٽ ٿيندي، جنهن سبب اسان جي غريب ۽ مسڪين ٻارڙن جي تعليم تمام گهڻي متاثر ٿيندي.