عمران خان جو بني گالا مان نڪري پشاور پهچڻ جو هڪ سبب اهو به هو ته شيرين مزاريءَ جي گرفتاريءَ کان پوءِ هن کي اندازو ٿي ويو هو ته حڪومت هن جي خلاف به حرڪت ۾ اچي سگهي ٿي. هن مهل اهو ئي ٿي رهيو آهي. شهباز شريف توڙي هن جي فرزند جي حڪومت عمران خان جي حامين پويان هٿ ڌوئي لڳي آهي. پنجاب ۾ سخت ڪريڪ ڊائون جاري آهي. تحريڪ انصاف چيو آهي ته هن جي 700 اڳواڻن کي گرفتار ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي. جيڪڏهن اهو ڪجهه آهي ته ڇا ان جو ڪو قانوني جواز به آهي؟ ڇا حڪومت کي اهو حق حاصل آهي ته جنهن کي وڻي، تنهن کي ٻڌي؟ ڇا آمريت ۽ جمهوريت ۾ ڪو فرق ناهي؟ جيڪڏهن اهو ڪجهه آهي ته پوءِ حڪومت کي ان شيءَ جو علم به هجڻ گهرجي ته حڪومت خلاف ڪنهن به وقت تمام گهڻي عوامي ردعمل جي لهر اڀري سگهي ٿي. ڇو ته پرامن احتجاج کي طاقت جو استعمال جيڪڏهن پرتشدد بڻائيندو ته ان ۾ ڪنهن جو ڏوهه ڳڻيو ويندو؟
اهو هڪ سنجيده سوال آهي. ان سوال مان ٻيا سوال به ڦٽن ٿا. پهريون سوال اهو آهي ته پاڪستان ۾ عدليا سوئوموٽو وٺڻ جي سلسلي ۾ تمام سرگرم نظر آئي آهي. جيڪڏهن عدليا آئين جي پائماليءَ جي امڪان تي سوئو موٽو وٺي سگهي ٿي ۽ جيڪڏهن ملڪ کي قانون جي راهه تي هلائڻ جي سلسلي ۾ جيڪڏهن اڌ رات جو به عدالت جا دروازا کلي سگهن ٿا ته پوءِ عدليا عوام جي احتجاج واري حق کي ڪچلڻ جو به نوٽيس ڇو نه ٿي وٺي سگهي؟ جڏهن ته تحريڪ انصاف وارن اهڙي عمل جي امڪان کي نظر ۾ رکندي اسلام آباد هاڪورٽ ۾ اها درخواست به ڏني آهي ته انهن جي احتجاج مٿان ڪنهن قسم جو تشدد نه ڪيو وڃي. جيڪڏهن حڪومتون تحريڪ لبيڪ کي احتجاج جو حق ڏئي سگهن ٿيون ته تحريڪ انصاف کي ڇو نه؟ جڏهن ته تحريڪ انصاف پوري پاڪستان ۾ وجود رکندڙ هڪ اهڙي پارلياماني پارٽي آهي، جنهن جي اڄ به هڪ صوبي ۾ حڪومت آهي ۽ جيڪا چار سال ملڪي سرڪار جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ رکي ملڪ هلائيندي رهي آهي. عمران خان سان ڪنهن به سلسلي ۾ ڪي به اختلاف رکي سگهجن ٿا. پر هن جي اها ڳالهه مڃڻ جوڳي آهي ته هو هن مهل به عوام ۾ ڀرپور حمايت رکي ٿو. جيڪڏهن عمران خان جي حمايت گهٽجي ها ته هو اهڙي قهر جي گرميءَ ۾ اسلام آباد جهڙي شهر ۾ ايڏو وڏو احتجاج ڪرڻ جو علان ڇو ڪري ها؟
مسلم ليگ ن جي وزيرن جو اهو خيال هو ته عمران خان جي احتجاج آڏو سڀ کان وڏي رڪاوٽ موسم جي آهي. موسم جو هڪ تمام وڏو اثر ٿئي ٿو. آخر احتجاج ڪرڻ وارا به ته انسان آهن. جڏهن ته اسان کي اها ڳالهه به فراموش نه ڪرڻ گهرجي ته عمران خان جي احتجاج ۾ ڪيتريون ئي فيمليز پنهنجا ٻار ٻچا وٺي اينديون آهن. ان کان سواءِ عمران خان جنهن ڪلاس جي لاءِ ڪشش جو سبب رهيو آهي، اهو ڪلاس سک ۽ آرام وارو رهيو آهي. ان ڪلاس جي ماڻهن لاءِ اسلام آباد جي سخت گرميءَ ۾ ڌرڻو هڻي ويهي رهڻ ڪو آسان عمل ته نه هوندو. ان ڪري حڪومت کي ان باري ۾ خيال رکڻ کپندو هو ته ان کي پنهنجي طاقت جو استعمال ڪندي اهو ڪجهه نه ڪرڻ گهرجي، جنهن جا نتيجا خراب نڪرن. ڇو ته احتجاج کي طاقت سان ڪچلڻ جو مطلب اهو آهي ته اوهان شعلن کي وڌيڪ هوا ڏيو ٿا. جيڪڏهن باهه کي گهڻو ڀڙڪائبو ته ان سان حڪومت کي تڪليف ٿي سگهي ٿي. ڇو ته آخر ملڪ جو انتظام سنڀالڻ به حڪومت جي فرضن ۾ شامل آهي. جيڪڏهن حڪومت طاقت جي نشي ۾ اچي عوام جي مٿان تشدد ڪيو ته ان جا نتيجا تمام گهڻا اگرا نڪرندا. هن مهل اهو ڪجهه ٿيڻ طرف وڃي رهيو آهي، جنهن جو نتيجو ڪنهن به صورت ۾ سٺو نه نڪرندو. ڇو ته هن وقت ماڻهن ۾ سخت تاءُ آهي. ماڻهو ڪنهن به طرح سان حڪومت جي خلاف احتجاج ڪرڻ جي موڊ ۾ آيل آهن. جيڪڏهن انهن کي روڪيو ويو ته ان جي ردعمل ۾ جيڪو ڪجهه به ٿيندو، اهو جمهوريت ۽ ملڪ جي حق ۾ نه هوندو. آخر اهم ڳالهه ته هي ملڪ آهي. سياسي پارٽيون به ته ملڪ لاءِ آهن. جڏهن ته ان حقيقت کي هر ڪوئي تسليم ڪري ٿو ته ڪنهن به ملڪ جي اصل مڻيا ان ملڪ جو عوام هوندو آهي. جيڪڏهن عوام نه ته ڪجهه به نه. عوام سان ملڪ به آهن ۽ عوام سان نظام به آهن، اهو عوام ئي آهي، جيڪو ملڪن کي هلائي ٿو. اسان جي وڏي بدقسمتي اها رهي آهي ته اسان ڪڏهن به پنهنجي عوام کي اها اهميت نه ڏني آهي، جيڪا پوري دنيا جي مهذب ملڪن ۾ عوام کي حاصل آهي. عوام جو رتبو ۽ عوام جي عزت جو شاهد ته جمهوريت جو نظريو آهي. جيڪڏهن جمهوريت جي نظرئي جي آڏو به طاقت جي ديوار کڙي ڪئي وئي ته ان نتيجا جمهوريت جي حق ۾ ڪيئن نڪرندا؟
اسان جي ملڪ جو هڪ اهم الميو اهو به آهي ته اسان وٽ اڪثر سياسي اڳواڻن جو مزاج جمهوري ناهي. انهن کي جمهوريت جي صرف اها ڄاڻ آهي ته عوام کان ڪهڙي نه ڪهڙي طرح سان ووٽ وٺي عوام جي مٿان حڪومت ڪيئن ڪجي؟ اسان جي پارٽين پنهنجن ماڻهن جي تعليم ۽ تربيت اهڙي نه ڪئي آهي، جنهن سان انهن جي مٿان جمهوري ڪلچر جو اثر ٿي سگهي، ان جي نيتجي ۾ اسان جون پارٽين ۾ اهڙن ماڻهن جو به عمل دخل آهي، جن جي مزاج ۾ جمهوريت جو ذرو به ناهي. ٻيو ته کڻي ڇڏي به ڏجي پر جيڪڏهن اهو ڏسجي ته هن مهل وفاقي حڪومت ۾ گهرو وزارت ڪنهن وٽ آهي ته معاملو سمجهڻ بنهه آسان ٿي ويندو. ملڪ جو گهرو وزير اهو رانا ثناءُالله آهي، جنهن جي باري ۾ عام خيال اهو آهي ته هو طاقت جي استعمال کي ئي مسئلا حل ڪرڻ جو سبب سمجهندو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي ته جڏهن عمران خان جي اسلام آباد مارچ ڪرڻ جو اعلان ئي ڪيو ته ان وقت کان وٺي رانا ثناءُالله بار بار اهو بيان ڏئي رهيو هو ته جيڪڏهن حڪومت اهو فيصلو ڪيو ته احتجاج ڪرڻ نه ڏنو ويندو ته اسان احتجاج ڪرڻ وارن کي گهر مان نڪرڻ ئي نه ڏينداسين. ڇا هن مهل عين اهو ڪجهه نه ٿي رهيو آهي؟ پنجاب ۾ جهڙي طرح ڪريڪ ڊائون عمل ۾ اچي رهيو آهي ۽ جهڙي طرح ڇاپا لڳي رهيا آهن ۽ جهڙي ريت تحريڪ انصاف جا اڳواڻ روپوش ٿي ويا آهن. ان سان احتجاج جي شدت به وڌي رهي آهي. جڏهن ته ٻيو ته ٺهيو پر ملڪ جو اڳوڻو گهرو وزير شيخ رشيد اهو بيان وڊيو تي جاري ڪري رهيو آهي ته هن جي گهر آڏو پوليس جون گاڏيون پهچي ويون آهن ۽ هن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي ته ان صورت ۾ ٻيو ڪير هوندو، جنهن جي جان بچي ويندي؟
عمران خان ته هن مهل پنهنجي پارٽيءَ جي حڪومت واري صوبي ۾ محفوظ آهي ۽ هن کي ڪو به هٿ لڳائي نه ٿو سگهي. پر عمران خان جڏهن اسلام آباد جي طرف نڪرندو ۽ هن جي راهه ۾ جيڪڏهن رڪاوٽون وڌيون ويون ۽ هن کي جيڪڏهن مشڪل پيش آئي ته ڇا عمران خان سان گڏ هزارين ماڻهو ان جي خلاف ردعمل نه ڏيکاريندا؟ عمران خان جي گرفتاريءَ جي سلسلي ۾ ڪي خيال پيش به ٿيا آهن. جيڪڏهن فرض ڪجي ته عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ٿئي ٿي، جيڪڏهن حڪومت اهڙي حماقت ڪرڻ کان باز نه ٿي اچي ته ان صورت ۾ پوري ملڪ جي اندر جيڪو ردعمل پيدا ٿيندو، ان جو حڪومت کي اندازو به آهي؟ اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته هيءَ حڪومت ڪنهن به حوالي سان گهڻي دير رهڻ نه آئي آهي. هيءَ حڪومت هڪ عارضي شيءَ آهي. هيءَ حڪومت ڪنهن به وقت وڃي سگهي ٿي. اصل ڳالهه هيءَ آهي ته هن حڪومت ۾ شامل اهم ترين ڌر يعني مسلم ليگ ن جو به اهو خيال آهي ته گهڻو وقت هلڻ بدران ماحول کي ڏسي نئين چونڊ طرف هلجي. پر عام تاثر اهو آهي ته جيڪڏهن حڪومت کان ڪوئي هٿ نه ٿو ڪڍي ته اهو آصف زرداري آهي. آصف زرداريءَ جو ضد آهي ته حڪومت ۾ رهجي. ان ڪري حڪومت موجود آهي. جيڪڏهن آصف زرداري اڄ پنهنجي ضد تان هٽي وڃي ته ملڪ ۾ نئين چونڊ جا اعلان ٿي وڃن. پر آصف زرداريءَ جي ڪري مسلم ليگ ن خاموش آهي ۽ هن مهل اهو به محسوس ٿي رهيو آهي ته ڄڻ آصف زرداري نه صرف شهباز شريف پر ميان نواز شريف کي به راضي ڪري ويو آهي ته حڪومت مان هٿ نه ڪڍجن. جڏهن ته اها راند مسلم ليگ ن جي قيادت کي سمجهه ۾ به اچي رهي آهي ته جيڪڏهن حڪومت وڌيڪ وقت رهي ته مهانگائيءَ سبب ماڻهن جو مسلم ليگ ن طرف جيڪو به ردعمل هوندو، ان جو اظهار ووٽن جي صورت ۾ جيڪو به ٿيندو، اهو گهٽ ۾ گهٽ مسلم ليگ ن جي حق ۾ ته هرگز نه هوندو.
مسلم ليگ ن جي قيادت کي جيڪڏهن عمران خان جي احتجاج کي طاقت سان روڪڻ جي سلسلي ۾ ڪا ڳالهه اتساهي رهي آهي ته اها هيءَ آهي ته جهڙي طرح عمران خان ۽ هن جي حامين ميان نواز شريف ۽ ميان شهباز شريف کي گهٽ وڌ ڳالهايو آهي ۽ جهڙي طرح انهن جي خلاف نعرا لڳا آهن ۽ جهڙي ريت انهن جي مٿان چٿرون ٿيون آهن ۽ جهڙي ريت انهن جي شان ۾ گستاخي ٿي آهي، ان سان ان پارٽيءَ جي دل ۾ عمران خان ۽ هن جي حامين جي خلاف هڪ طرح جي ڪاوڙ به موجود آهي. جيڪڏهن هن ڀيري تحريڪ انصاف جي خلاف ڪريڪ ڊائون عمل ۾ اچي رهيو آهي ته ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته مسلم ليگ ن جي قيادت جي دل ۾ عمران خان خلاف جيڪو غصو آهي، اهو به پنهنجو عمل دخل ڏيکاري رهيو آهي ۽ اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته ڄڻ حڪومت عمران خان ۽ هن جي حامين کي سزا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هجي. جڏهن ان قسم جو خيال به جمهوريت ته ڇا پر ملڪ جي لاءِ به خراب آهي.