ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

لانگ مارچ ۽ ملڪي معيشت

Editorial

ڪالهه هڪ ڀيرو وري ملڪ ۾ پي ٽي آءِ پاران احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ پشاور کان لانگ مارچ شروع ڪيو ۽ ان جي منزل اسلام آباد آهي. پي ٽي آءِ نئين وجود ۾ آيل نواز ليگ جي حڪومت خلاف احتجاج ڪري ان کي گهرو ڀيڙو ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لٿل آهي. پر هن ڀيري هاڻوڪي ڌرڻي ۽ احتجاج ۾ سپريم ڪورٽ به پنهنجن خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي ڪري پي ٽي لاءِ هن ڀيري ڌرڻو هڻڻ آسان نه هوندو، ڇاڪاڻ ته ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ڪنهن به ريت ڪنهن ڏڦُيڙ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. سپريم ڪورٽ اهو ضرور چيو آهي ته حڪومت پاران رڪاوٽ نه وڌي وڃي ته اها ضمانت پڻ گهري آهي ته قانون کي هٿ ۾ نه کنيو ويندو ۽ نه ئي ڊي چوڪ تي جلسو ڪيو ويندو. ان ڪري سپريم ڪورٽ پاران مخصوص جاءِ تي جلسو ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. جنهن جي ڪري اهو لازمي ٿي پيو آهي ته پي ٽي آءِ ان احتجاج کي پرامن رکي ۽ ڪنهن به قسم جي بدامني واري صورتحال پيدا نه ڪري، ڇاڪاڻ ته ان سان سڀني جو گهڻو نقصان ٿي سگهي ٿو.

ان حوالي سان ڪالهه عمران خان چيو تھ حڪومت پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ قلم 144 پڻ لاڳو ڪيو آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ موجب سندس 400 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پنجاب ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن تي ڪريڪ ڊائون کانپوءِ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪارڪنن کي هر صورت ۾ اسلام آباد پهچڻ گهرجي.اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ خلاف ڪريڪ ڊائون حڪومت جي ڪريل حربن تي سنگين سوال اُٿي رهيا آهن. ٻئي پاسي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته سپريم ڪورٽ آئين جي محافظ آهي، هر ادارو آئين جي حفاظت جو ذميوار آهي، سپريم ڪورٽ جيڪو به حڪم ڏنو ان تي عمل ڪنداسين.راڻا ثناءُ الله چيو ته پي ٽي آءِ جي درخواست تي سپريم ڪورٽ جي بينچ جوڙي وئي آهي، پي ٽي آءِ بابر اعواڻ جي سربراهيءَ ۾ 4 رڪني ڪميٽي جوڙي آهي ۽ هاڻي وزيراعظم شهباز شريف به عدالتي حڪم تي ڳالهين لاءِ ڪميٽي جوڙيندو.راڻا ثناءُ الله چيو ته انتظامن جي ڪري عوام کي پهتل تڪليف تي معذرت خواهه آهيان، اسان کي ٻڌايو ويو ته 20 لک ماڻهن جو وڏو سيلاب ايندو، جڏهن ته گرفتارين بابت به هٿ ٺوڪيون خبرون پکيڙيون ويون. گهرو وزير چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ هن وقت ڪجهه سرگرميون جاري آهن، ان جو سبب اهو آهي ته اتي سرڪاري وسيلا استعمال ٿي رهيا آهن، عمران خان پنج کان ست هزار ماڻهن سان گڏ هليو آهي، هي سڀ حڪومت جي سرپرستي ۾ وفاق تي حملي جي نيت سان آيا آهن. ان کان سواءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جي وڪيل بابر اعواڻ سپريم ڪورٽ کي ٻڌايو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان حڪومت سان ڳالهين لاءِ ٽيم جوڙي آهي. بابر اعواڻ موجب عامر ڪياني، وڪيل فيصل چوڌري، علي نواز اعواڻ ۽ مون کي ڳالهين واري ٽيم ۾ نامزد ڪيو ويو آهي. اٽارني جنرل چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف کي به ٽيم جوڙڻ جو چيو اٿئون، حڪومت کان هدايت وٺي عدالت کي ٽيم جي حوالي سان آگاهه ڪندس.عدالت پي ٽي آءِ جي وڪيل بابر اعواڻ کان پڇاڻو ڪيو ته احتجاج ڪيترو وقت هلندو؟ بابر اعواڻ عدالت کي ٻڌايو ته اسان نئين اليڪشن جو مطالبو ڪريون ٿا، ان کان پوئتي نه هٽنداسين. ملڪ جي معاشي حالت بنهه خراب لڳي پئي آهي، ههڙي معاشي بدحاليءَ ۾ جيڪڏهن وري به ڌرڻن جي سياست ڪئي ويندي، روڊ رستا بند ڪيا ويندا ۽ ان کان سواءِ زندگيءَ جو چرخو هلڻ کان روڪيو ويندو ته نه ملڪ جي معيشت بهتر ٿي سگهندي ۽ نه ئي نئين سرمائيڪاري ملڪ ۾ اچي سگهندي. تنهنڪري عمران خان کي گهرجي ته هو جنهن تبديليءَ جي ڳالهه ڪري ٿو ان کي روڊ وسيلي آڻڻ بدران اقتداري ايوانن وسيلي آڻڻ جي ڪوشش ڪري.
اسين سمجهون ٿا ته نئين آيل حڪومت هڪ جمهوري طريقي سان عمل ۾ آئي آهي، تنهنڪري ان کي مدو پورو ڏنو وڃي ته جيئن اها چونڊ ۽ معاشي سڌارا ڪري سگهي. ڇاڪاڻ ته هن وقت تائين جيڪو معاشي نقصان پي ٽي آءِ ملڪ کي پهچايو آهي، ان جو ازالو ايترو جلدي نٿو ٿي سگهي، تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪ کي وڌيڪ غيرمستحڪم نه ڪيو وڃي ۽ ڪنهن نئين ايڊوينچر ڪرڻ بدران ڳالهين وسيلي معاملا حل ڪيا وڃن. عمران خان کي به گهرجي ته هو ڌرڻن وسيلي ملڪ کي نقصان نه پهچائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button