اڄوڪا ڏينهن ملڪ ۾ هر پاسي ٻرندڙ باھه جا ڏينهن آهن. مارگلا هِلز کان ويندي بلوچستان جي ٻيلن تائين باھيون ڀڙڪي رهيون آهن پر ڪنهن به اوچتي آفت کي مُنهن ڏيئي سگهڻ واري صلاحيت ۽ سگهه کان محروم هي رياست، متاثر عوام جي واهُر ڪرڻ کان لاتعلق بڻيل آهي. هونئن به ڪڏهن ڪڏهن ڪن لفظن ڏانهن پوري ڄمار گذري وڃڻ باوجود به گهربل ڌيان نه ويندو آهي. ايئن “ڀونچال” به هڪ اهڙو ئي لفظ آهي، جيڪو پنهنجي ڪنن تي ٻالڪپڻ ۾ پوندڙ انهن پهرين پهرين لفظن مان هڪ آهي، جن ۾ والدين ڪنهن وڏي مونجهاري يا طوفان مٿان چڙهي اچڻ کانپوءِ واري صورتحال جو دستور سيکاريو ٿي. ايستائين ڀونچال کي پاڻ ايئن پئي سمجهيو ته اهو پهر اهو آهي، جنهن ۾ مونجهارو پنهنجي عروج تي هجي پر اصل ۾ اها ڳالھه اڄ سَمجها ۾ آئي آهي ته ان لفظ جو تعلق رڳو مونجهاري سان ناهي. مونجهاري سان جيترو هوندو سو هوندو پر آئون سمجهان ٿو ته ان لفظ جو مجموعي طور ان سڄي وايومنڊل سان به لاڳاپو آهي، جنهن ۾ ڪوئي معاشرو وڏي ڀڃ ڊاھه مان گذرندي، پنهنجو نئون پنڌ طئي ڪرڻ لڳندو آهي. پوءِ سرديون هجن يا گرميون، سانوڻ هجن يا سرءُ.
بهرحال ان لفظ جو سِڌو مفھوم کڻي رکون ته مطلب هيئن وڃي بيهندو جو انسان ته هونئن ئي ڌرتي تي پنڌ پيا ڪندا آهن پر جڏهن ڌرتي پاڻ ڪنهن جبر خلاف پنڌ ڪرڻ شروع ڪندي آهي ته پوءِ هر پاسي ڀونچال يعني “ڀُونءِ – چال” شروع ٿيو وڃي.
اهو هو آشرم ۾ ڪالهوڪي رهاڻ جي سمورين ڳالهين مان ان ڳالھه جو ڳر، جيڪا ڳالهه ساڌو آخر ۾ سهيڙي هئي.
دراصل ڪالھه پاڻ جيئن ئي آشرم پهتاسون ته اها ڳالهھ اڳواٽ ئي اتي پهتل هئي، جيڪا پاڻ کي اندازو هو ته اڃا ڪانه پهتي هوندي. ڳالهه اها هئي ته هي ڌرتي حڪمران طبقن جون نااهليون ۽ جبر برداشت ڪندي ڪندي لڳي ٿو ته هاڻ وري ڪَر ڀڃي اٿڻ لڳي آهي. هي جيڪا هر طرف عوامي هُوڪار ۽ وڙول شروع ٿي آهي، تنهن جي اڳواڻي جهڙي ريت نياڻيون ڪرڻ لڳيون آهن، سا ڪنهن به ريت معمولي ڳالهه ناهي.
“جيئن تازو ڪراچي پريس ڪلب وٽ نظر آيو”
ايئن به ناهي جو دنيا ۾ عورت ڪڏهن اڳواڻي ڪئي ناهي، دنيا اندر آيل سموري عوامي، انقلابي اٿل پٿل ۾ عورت جو برابر جو ڪردار رهيو آهي پر اسان جي زمين اها سرزمين آهي، جنهن جي تاريخ ۾ وڃي ڏسبو ته عورت تڏهن ئي اڳيان ايندي آهي، جڏهن گهر ۾ ڪو مرد ناهي هوندو. پر هن ڀيري ڪجھه مختلف آهي. ايئن به ناهي جو هن ديس جا مرد سڀ جا سڀ مري کپي ويا آهن، هتي مرد به آهن ته عورتون پڻ، پر هي جيڪو مخصوص حالتن اندر عورت جي اڳواڻي جو دور شروع ٿيڻ لڳو آهي، تنهن مان محسوس ٿئي ٿو ته هي ديس پنهنجي اتهاس جي ان نئين مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي، جنهن جي هڪ زماني کان شدت سان ضرورت محسوس ڪئي پئي ويئي.
دراصل ضرورت اها هئي ته عورت کي نٻل ۽ ڪمزور سمجهڻ بدران هڪجهڙو يا ڪن حالتن ۾ مرد کان به وڌيڪ سگهارو سمجهڻ. ڇاڪاڻ ته جنگين جي تاريخ ۾ اهو ڏٺو ويو آهي ته جڏهن مرد سپاهي جنگ جي ميدان ۾ مارجي ويندا آهن تڏهن انهن جون عورتون سندن وڇوڙي جا گهاءَ سنڀالڻ سان گڏ، انهن يتيم ٻارن کي به پالينديون آهن، جيڪي ٻار پويان اڪيلا رهجي ويندا آهن. ۽ هي ديس به هاڻ ان مرحلي ۾ داخل ٿيڻ وڃي رهيو آهي، جتي عورت پاڻ ملهائي اهو ثابت ڪندي ته لطيف جيڪڏهن عورتن کي سورمين جي صورت ۾ بيان ڪيو آهي ته آخر ڇو؟
ها لطيف!! جنهن جي سسئي ته آهي ئي لڳاتار لڳن ۽ جُهد جو اهڃاڻ. ها سسئي، جنهن کي وچ تي ويهڻ جو امُر ئي ناهي. هُوءَ پنهنجي پُنهون جا پيرا کڻڻ واري جيڪا پهرين وک کڻي ٿي، ان وک کان اڳيان پوءِ جيڪي به لڪ لانگها ۽ جهولا لڳن ٿا، پارا پون ٿا، تن جو سسئي جي پنڌ تي ٽڪي جو به اثر نٿو پوي. ۽ هن ديس جي عورت هن ڀيري سسئي جو روپ ڌاري جيئن ميدان ۾ لٿي آهي، سا ڪا معمولي ڳالهھ نه سمجهڻ گهرجي. اهو ان ڪري جو گهڻا سال اڳ سنڌ وطن جي هڪ ڪوي لکيو هو ته:
“سنڌ هيستائين جيڪا به جدوجهد ڪئي آهي، سا گهڻي ڀاڱي مارئي جي روپ ۾ ڪئي آهي. اها مارئي جيڪا وطن سان حب جي بي مثال سڃاڻپ آهي، جيڪا سون تي سيڻ نٿي مٽائي، جيڪا سِيل پچائي سانگين سان سڱ کي سچو رکي ٿي ۽ جڏهن به آسمان تي کنوڻ ڏسي ٿي تڏھن ان کي اهو يقين ٿئي ٿو ته هي ڪوٽ ضرور ڪرندو ۽ هو هڪ ڏينهن پنهنجن ماروئن سان گڏ ملير ۾ هوندي. پر اها مارئي عمر جي ڪوٽ کي تيشو کڻي کوٽي نٿي.
جڏهن ته سسئي جو معاملو اهو آهي جو اها جيئن ئي صبح جو سيج تي پنهون نٿي ڏسي ته ان کان پوءِ گهر ۾ ويهي روڄ ڪرڻ بدران، سَندرو ٻڌي ان واٽ تي نڪري پوي ٿي، جتان پُنهون جا پيرا وڃن ٿا. ۽ هو جيئن ئي وک کڻي ٿي ته سندس سرتيون کيس وڏا خوف ڏين ٿيون ته: ڇوري!! اڳيان رڳو روهه آهي، رُڃ آهي ۽ تون اڪيلي عورت آخر ڪيئن ويندڙن کي رَسندينءَ. “
پر سسئي ڪنهن جي به نٿي ٻُڌي. سسئي ٻُڌي ٿي ته پنهنجي اندر جي ان آواز کي ٻُڌي ٿي، جنهن جي ترجماني سنڌ جي سدا حيات رهبر و راهنما مرشد لطيف هيئن ڪئي آهي ته:
ڪَرِڪو واڪو وَسُ، وِہُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾
چَڙهي ڏاڍين ڏُونگَرين، پيرُ پُنهونءَ جو پَسُ
ڏورَڻَ مَنجھان ڏَسُ، پَوَندُءِ هوتَ پُنهونءَ جو.
۽ پوءِ ايئن ئي ٿئي ٿو ته سسئي ڪيچ ڏانهن ڪاهي هلي ٿي ۽ سدائين لاءِ سڪ وندين جي راهنما رهبر بڻجي وڃي ٿي.
هاڻ هن ديس جي مظلومن ۽ محڪومن کي به پنهنجي اندر جو اهو آواز ٻُڌڻو آهي، جنهن ۾ “ڀُونءِ – چال” جا پڙاڏا گونجن ٿا.
جيڪڏهن توهان جو اندر توهان کي اهو چئي ٿو ته هي سڀ انڌير آهي، ناانصافي آهي ته پوءِ اٿي کڙا ٿيو. هن ڀُونءِ – چال جي آخري منزل ڪهڙي هوندي؟ ان کان اول پنهنجي وک جو تعين ته ڪريو. پوءِ ڏسو ته سسئي کي مرشد طرفان ڏنل اها ساڳي آٿت ۽ اميد اوهان لاءِ به رنگ ڏيکاري ٿي يا نه!؟ اها آٿت ۽ اميد، جنهن ۾ لطيف سائين فرمايو آهي ته:
هِتان کَڻِي هُتِ، جن رَکِيو، سي رَسِيُون
ساجَنُ سُونهن سُرتِ، وِکان ئِي ويجھو گھڻو
بس ڳالهھ قدم کڻڻ جي آهي ۽ اهو قدم کڄي چڪو آهي. هاڻ بس ان “ڀُونءِ – چال” ۾ پير سنڀالي هلڻو آهي.