پاڪستان ۾ عوام هاڻ سياسي حڪمرانن جو تماشو ڏسڻ جو عادي ٿي چڪو آهي. ٻه کان ٽي نسل جوان ٿي حڪمران جي ويڙهه جو ميدان سجيل ڏسندا آيا آهن. 1987ع کان 2018ع ۽ وري هن وقت 2022ع جو دور عوام لا وڏا سبق به کڻي آيو آهي پر عوام اڃا پنهنجو وارو نه ورتو آهي. 2013ع ۾ طاهر القادري ۽ 2014ع ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڌرڻن کانپو ملڪ ۾ لانگ مارچ جو رواج پئجي ويو آهي. جيتوڻيڪ ملڪ ۾ لانگ مارچ جو بنياد وجهندڙ بينظير ڀٽو آهي. جنهن 1992ع ۾ نواز شريف جي حڪومت خلاف لانگ مارچ شروع ڪيو هو. جيڪو ڪامياب نه ويو. وري 1993ع ۾ شروع ڪيو ويو، پهرين لانگ مارچ ۾ بينظير ڀٽو جي گرفتاريءَ لا پوليس پوري پنجاب کي پنهنجي گهري ۾ آڻي ڇڏيو هو. ان وقت بينظير لا لانگ مارچ مان نڪري محفوظ هنڌ تي پهچڻ ڏکيو عمل هو. مون پڙهيو آهي ته ان وقت لاهور مان نڪرڻ بينظير لا مشڪل بڻجي ويو هو. جتي پوليس جي سيڪيورٽي نه هجي. اهي رستا به جيالن کي ياد نه هئا. بينظير کي پوليس جي سيڪيورٽي وارن هنڌن بدران محفوظ رستن تان راولپنڊي تائين پهچائڻ جي ذميواري لاهور جي هڪ صحافي کنئي هئي. اهو صحافي موٽر سائيڪل تي اڳيان هلندي بينظير ڀٽو کي راولپنڊي تائين پهچائي آيو هو.
1993ع ۾ بينظير ڀٽو، نواز شريف جي حڪومت ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي هئي، جڏهن ته بينظير ڀٽو جي حڪومت وري جماعت اسلامي جي قاضي حسين احمد ڪرائي ڇڏي هئي. نواز شريف وري اقتدار ۾ اچي ويو. جنهن کي وري مشرف لاهي مارشل لا لڳائي ڇڏي هئي. جنهن کانپو وري عدليه جي بحاليءَ جي تحريڪ به مارچ ۾ بدلجي وئي هئي، جنهن جي قيادت وري نواز شريف ڪئي هئي. پاڪستان ۾ سياسي حڪمران ڀلي حڪومتن خلاف لانگ مارچ ۽ ڌرڻا هڻندا رهن پر صحافين جي لکيل هڪ ڏينهن جي تاريخ کي کين سدائين عوام جي اڳيان پئي پڌرو ڪندي آهي. ماضي ۾ 1953ع ۾ پاڪستان ۾ تحريڪ ختم نبوت جي سياسي تحريڪ ايترو تي زوردار هلي هئي جو لاهور کان ماڻهو ان وقت جي گادي واري شهر ڪراچي پهچڻ شروع ٿيا هئا. “زميندار” اخبار پنهنجي ليڊ ۾ لکيو هو ته حڪومت حڪمرانن جي تحفظ لا سندن گهرن تي توپون لڳائي ڇڏيون آهن. ان کانپو اسان ڏٺو ته 1956ع ۾ مارشل لا لڳائڻ جو تجربو ڪرڻ کانپوءِ به ڪنهن وقت به مارشل لا لڳائڻ جو ڄڻ تي رواج وڌو ويو هو. ايوب خان جي دور ۾ به عوام جي تحريڪ جو هڪ دور ملي ٿو. جنهن کي پاڪستان ۾ تاريخ ۾ سدائين نظرانداز به ڪيو ويو آهي. پاڪستان ۾ 2013ع ۾ طاهر القادري لانگ مارچ شروع ڪيو، جنهن ڌمڪي ڏني ته مارچ ۾ 50 لک ماڻهو جمع ٿيندا. جيڪي ماڻهو هزارن ۾ ئي گڏ ٿي سگهيا هئا. ان کانپو وري عمران خان 2014ع ۾ ڊي چوڪ اسلام آباد تي حڪومت ڌرڻو هنيو هو. جيڪو ڌرڻو 126 ڏينهن جاري رهيو. ان 126 ڏينهن جي لکيل تاريخ اڄ به عمران خان جو پيڇو ڪري رهي آهي. اها تاريخ ان وقت جي تاريخدانن ۽ دانشورن ڀلي ڪتابن جي صورت ۾ لکي هجي پر صحافي روز جي بنياد تي مارچ کي رپورٽ ڪندا هئا، جيڪو مارچ لاهور کان شروع ٿي اسلام آباد پهتو هو. ان وقت جي صحافين ئي رپورٽ پئي ڪيو ته عمران خان جي لانگ مارچ تي روزانو ڪيترو خرچ اچي رهيو آهي. ان وقت مانيءَ جي ڊيوٽي تي لڳل ماڻهن ميڊيا کي ٻڌايو پئي ته 35 هزار ماڻهن تي روزانو 20 لک خرچ اچي رهيو هو، جيڪو بعد ۾ گهٽجي 5 لک ٿي ويو هو. هن وقت رپورٽ ڪيو ويو آهي ته 50 هزار ماڻهو ڌرڻي ۾ پهچن ٿا ته 5 ڏينهن ۾ 20 ڪروڙ خرچ اچي سگهي ٿو. پي ٽي آ زور ڏيندي پئي اچي ته اهو سڄو خرچ سندس پارٽي ادا ڪري ٿي. 2014ع واري ڌرڻي ۾ 126 ڏينهن تائين ايڪو سائونڊ لاڳائيندڙ ڊي جي بٽ رڙيون پئي ڪيون ته سندن ايڪو سائونڊ جون رهتون 14 ڪروڙ تائين پهچي چڪيون آهن. جڏهن روزانو ايڪو سائونڊ جي خرچو به هڪ ڪروڙ کان مٿي ٻڌايو ويو آهي.
هاڻ 2014ع کانپو پوڻا 4 سال اقتدار ۾ اچي وري عمران خان ڪارڪنن سميت ڪنٽينر تي چڙهي ويو آهي. اهي ڪنٽينر جنهن به روڊ تان گذرن ٿا ته عوام کين نفرت جي نگاهه سان ئي ڏسي ٿو. اهي ڪنٽينر انسان کان حادثن جي صورت ۾ زندگيون به کسيندا رهيا آهن، جن تي اڄڪلهه عمران خان سندن ڪارڪن چڙهي وري الڪيشن ڪرائڻ ۽ اسيمبليون ٽوڙڻ لا ڪالهه 25 مئي کان لانگ مارچ شروع ڪري ڇڏيو آهي. 1953 کان پو وري هاڻ عمران خان به مارچ ۾ لٺيون، هٿيار ۽ پوليس کي منهن ڏيڻ لا شيلنگ ۽ ڳوڙها گئس جو پڻ بندوبست اڳ ۾ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. حڪومت وري سرزمين تان پي ٽي آ جي زور ٽوڙڻ کانپو انٽرنيٽ سروس به بند رکڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. سنڌ ۾ پي ٽي آ جي ڌرڻي جي سلسلي ۾ گرفتارين جو عمل به شروع ٿي ويو آهي. حيدرآباد سميت مک شهرن ۾ اعلانيل ڌرڻي واري هنڌ تي پوليس اهلڪار الرٽ بيٺل هئا. ماتلي، نوابشاهه، ٽنڊو الهيار سميت ٻين شهرن مان اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو گرفتاريون شروع ٿي ويون هيون. جڏهن ته حيدرآباد ۾ رات جو دير تائين ڪارڪنن پنهنجو احتجاج ختم به ڪري ڇڏيو آهي. گذريل 4 سالن دوران عمران خان جي حڪومت ۽ ان جي پاليسين کان عوام ۽ وچولو طبقو جتي تنگ ٿيو آهي، ان جي چڙ به عمران خان سمجهڻ کان قاصر آهي. عدم اعتماد جي تحريڪ سان گهر ڀيڙو ٿيڻ به عمران خان لا وڏو سبق هو. جنهن مان هو سکڻ بدران وري ڪنٽينر تي چڙهي ويو آهي. هو وري ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ جا دلاسا ڏيندو پر برک صحافين ۽ تجزيي نگارن جي عمران خان تي ڪڙي نظر آهي. جيڪي سندس قولن ۽ فعلن کي روز پيا عوام تائين سماچار پهچائيندا.
هاڻ ماضي جي رڳو زميندار اخبار ناهي پر آواز ۽ قلم جو ڪوبه انت ناهي. اها ئي لکجندڙ تاريخ ملڪ ۾ ٿيندڙ لقائن جو فيصلو ڪندي. پو عوام ئي چونڊ ڪندو ته ڪهڙي حڪومت سندس لا بهتر آهي. جيڪا سندس تڪليف ۽ سور کي گهٽائي سگهي. هن وقت روزانو سوين خودڪشين، بيمار جسم، اڃايل زندگي ۽ بکايل جيون جا ذميوار به رياست ۽ حڪمران ئي آهن. اهي بکايل اڃا لانگ مارچ ۾ نه ويا آهن. هنن جي لانگ مارچ کي شروع ڪرڻ لا ڪو انقلابي شاعر فيض احمد فيض ئي گهرجي، جنهن لکيو هو ته
يي گليون ڪي آواره بيڪار ڪتي
ڪه بخشا گيا، جن ڪي ذوق گدائي
زماني ڪي ڦٽڪار سرمايه ان ڪا
جهان ڀر ڪي ڌتڪار ان ڪي ڪمائي
نه آرام شب ڪو نه راحت سويري
غلاظت ۾ گهر ناليون ۾ بسيري
جو بگڙين تو اڪ دوسري سي لڙادو
ذرا ايڪ روٽي ڪا ٽڪڙا دکا دو
يي هر ايڪ ڪي ٺوڪرين کاني والي
يي فاقون سي اڪتاڪي مرجاني والي
يي مظلوم مخلوق گر سر اٺائي
تو انسان سب سرڪشي ڀول جائي
يي چاهين تو دنيا ڪو اپنا بنا ليڻ
يي آقائون ڪي هڊيان تڪ چبا لين
ڪوئي ان ڪو احساس ذلت دلا دي
ڪوئي ان ڪي سوئي هوئي دم هلا دي