ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

لانگ مارچ ۽ عمران جي فاشسٽ سياست

Editorial-Article- Dastgir Bhatti

=ملڪي سياسي صورتحال اھو ثابت ڇڏيو آهي ته اڳوڻو سليڪٽيڊ وزير اعظم عمران خان بدترين فاشسٽ ذھنيت رکندڙ سياست جو اھڙو اناڙي رانديگر آهي جيڪو سمجهي ٿو ته پاڪستان سندس اباڻي ڏاڏاڻي ملڪيت آهي جنهن تي ٻئي ڪنهن به جمھوري طور چونڊيل حاڪم کي حڪمراني ڪرڻ جو حق ئي نه آهي.
جمھوري سرشتي کي ھو نه سمجھي سگهيو آهي ۽ نه ئي سمجهڻ چاهي ٿو. سندس سوچ اھا آھي ته جيڪڏھن مون کي کيڏڻ نه ڏيندا ته ھن ملڪ جي ٻاويهن ڪروڙ انسانن مٿان ايٽم بم ڪيرائي سڀني کي ماري چٽ ڪري ڇڏيندس. ھي شخص ته جرمن فاشسٽ ايڊالف ھٽلر ۽ اٽليءَ جي بينيتو مسوليني کان به خطرناڪ آهي جن يورپ جي ٻين عظيم جنگ ۾ پنجن کان ست ڪروڙ انسان ماريا ۽ زخمي ڪيا.
مون کي ته اندونيشيا جو فاشسٽ ڊڪٽيٽر جنرل سوھارتو ۽ فلپائن جو جنرل مارڪوس به عمران جي ڊڪٽيٽرشپ واري بدبودار ذھنيت آڏو معصوم لڳي رھيا آھن. ڇا اھو سچ نه آهي ته 2018 وارين عام چونڊن ۾ جيڪڏهن شفاف ووٽنگ ڪرائي وڃي ھا ته پنجاب ۾ سڀني کان پاپولر ليڊر ميان نواز شريف جي جماعت مسلم ليگ Clean Sweep ڪري ھا؟ دنيا جي ميڊيا پنھنجي اکين سان ڏٺو ته اسٽيبلشمينٽ ھڪ پراڻي رٿابندي تي عمل ڪري، پنجاب مان مسلم ليگ جون سيٽون تحريڪ انصاف کي ڏياري ڇڏيون. ڪمپيوٽرائزڊ ووٽنگ واري آر ٽي ايس مشين کي پورا چار ڏينهن ۽ چار راتيون غائب ڪيو ويو ته جيئن اصل نتيجا ظاهر نه ٿي سگهن. حد اھا آھي ته سيالڪوٽ مان عثمان ڊار نالي عمران خان جي ساٿي کي کٽائڻ لاءِ خواجه آصف جي رزلٽ ۾ ڦيرڦار ڪيائون جنھن ڪاوڙ وچان حساس اداري جي سربراهه کي آڌي رات مھل فون ڪري دانھن ڏني ته جيڪڏهن مون کي صحيح ۽ سچي رزلٽ نه ڏيندا ته صبح ساڻ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست ڏيئي ٻيھر ڳڻپ ڪرائيندس. بقول خواجه آصف جي ته ان سربراهه سندس دانھن تي ڌيان ڌريو ۽ سيالڪوٽ جي چڱن مڙسن کي حڪم ڏنو ته خواجه آصف منهنجو دوست آهي، ان کي بخش ڪريو.
جي اليڪشن بابت متحده قومي موومينٽ وارا عمران خان کي ڇڏڻ بعد ھاڻي سچ پيا ڳالهائين ته پي ٽي آئي کي ڪراچيءَ مان اسان جي پڪين سيٽن تان به زوريءَ کٽايو ويو. خاطري سان چوان ٿو ته 2018 ۾ اسٽيبلشمينٽ جيڪا ڌانڌلي ڪرائي، اھڙي ته 1977 جي چونڊن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب به ڪونه ڪرائي سگهيو ھو.
عمران خان پنهنجي سڄي جواني يورپ ۽ آسٽريليا جي سڌريل جمھوري معاشرن ۾ گذاري ۽ اعليٰ تعليم به اتان ئي پرائي آيو ھو پر ايترو شاندار رڪارڊ ھوندي به ھو نفسياتي بيمارين مان جند نه ڇڏائي سگهيو. جنهن پرڏيهي ماھر ڊاڪٽر عمران جي Psycho analysis ڪري سندس نفسيات کي ويجهڙائيءَ کان پرکي، رپورٽ ڏني تنهن لکيو ته عمران خان سائيڪوپيٿ آهي يعني نفسياتي مريض! ھي رپورٽون اڄڪلھه سمورن ٽي وي چئنلز تان ڏيکاري رهيا آهن.
جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ جا واڳ ڌڻي ميان نواز شريف سان وير وجھڻ کان اڳ عمران خان جي نفسياتي بيماري بابت اڀياس ڪري وٺن ھا ته پاڪستان جي ايتري قدر سياسي، سماجي ۽ معاشي بربادي نه ٿي سگهي ھا. ھاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته وزير اعظم شھباز شريف جي سرڪار کي ھي چرياڻ امپورٽيڊ حڪومت ڪيئن ٿو چئي سگهي؟ ڇا شهباز شريف ۽ سندس وزير ۽ صلاحڪار ٻاھران ملڪن مان گھرايل آهن يا ھو پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جا ڌرتيءَ ڄاوا ڌڻي سائين آهن؟ سندس الزامن ۾ ٽڪي جيتري به سچائي ڪونھي. دنيا جي ڪنهن به ٻئي ملڪ ۾ عمران خان کليل نموني ڌانڌلي ڪري حڪومت ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري ھا ته کيس اليڪٽورل فراڊ ائڪٽ مطابق گرفتار ڪري مٿس ٺڳي ۽ ووٽن تي ڌاڙو هڻڻ جو ڪيس ھلائي نه رڳو کيس پر سندس رکوالن کي به سخت سزائون ڏنيون وڃن ھا.
ھي ته پاڪستان آهي جنهن ۾ انصاف ۽ فيئر پلي جو ورهاڱي کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جنازو ڪڍيو ويندو آهي. جيڪڏهن عمران خان بدران ڪوبه ٻيو سياسي اڳواڻ يا ڪارڪن طاقتور اداري جي سربراهه کي نيوٽرل جانور چوي ھا ته سندس جھڻ ٻچا رلائي ڇڏين ها. عمران خان اھو به ڪوڙ ٿو ڳالهائي ته سندس پارٽيءَ جي منحرف ميمبرن شھباز شريف ۽ سندس پٽ حمزه کي ووٽ ڏنا آهن. شھباز شريف ته هڪ به منحرف ميمبر کان ووٽ نه ورتو جڏهن ته حمزه واري ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان انصاف وارو فيصلو ڏيڻ تي مجبور آهي ڇاڪاڻ ته سڄي دنيا جي ميڊيا جون اکيون انھي ڪيس ۾ کتل آهن. البت شھباز شريف گھربل ووٽ کڻي وزير اعظم منتخب ٿيو آهي جنهن کي امپورٽيڊ چوڻ عمران خان جي ڪريل ذھنيت کي پڌرو ڪري ڇڏيو آهي.
انھيءَ ڳالهھ ۾ به ڪو شڪ ناهي ته پي ٽي آئي وارن کي پر امن احتجاج ڪرڻ جو حق حاصل آهي پر خود اسلام آباد ھائي ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله عمران خان جي وڪيل علي ظفر کي اڱاري تي 2014 وارو ڌرڻو ياد ڏياريندي شرمسار ڪيو ته امپائر جي آڱر کڄڻ بنا اوھان جي ڇڙواڳ ڪارڪنن پاڪستان ٽيليويزن ۽ پارليامينٽ تي حملو ڪري ڇڏيو هو. سپريم ڪورٽ ٻاهران ڪپڙا ٽنگي عدالت سان مذاق ڪيو ويو. چيف جسٽس وڪيل کي صاف صاف لفظن ۾ چيو ته ھن ڀيري لکت ۾ پڪ ڏيو ته احتجاج پر امن ھوندو ۽ ڪنھن به قسم جو وڳوڙ پيدا نه ٿيندو.
وڪيل صاحب علي ظفر ته گارنٽي ڏيڻ کان لنوائي ويو پر ان ساڳي وقت تي لاھور پوليس عمران خان جي سئوٽ منيب نيازيءَ جي گھر تي ڇاپو هڻي اھڙا ته جديد ۽ خودڪار موتمار ھٿيار پڪڙي ورتا جنهن مان صاف ظاهر ھو ته شيخ رشيد جنهن رتوڇاڻ ۽ مارا ماري جو بار بار ذڪر ڪيو ان لاءِ به تياريون مڪمل ڪري ورتائون.
لاھور جي ھائي ڪورٽ اجھو ھاڻي اعلان ڪيو آهي ته پنجاب جو تڪراري وزير اعليٰ حمزه شهباز عدالت ۾ پيش نه ٿي جواب ڏيڻ کان لنوائي ٿو، ان ڪري کيس ھڪ لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي آهي.
ھن وقت اسلام آباد جي حالت اھا آهي ته مسلم ليگ حڪومت سڄو شهر ڪنٽينر بيھاري بند ڪري ڇڏيو آهي. عمران خان جي ڪارڪنن کي لٺيون هڻي ۽ ڳوڙھا گيس جا شيل وسائي گاديءَ واري شهر کان گهڻو پرتي ڪشمير ويندڙ سري نگر شاهراهه ڏانهن ڌڪي ڇڏيو اٿن ته بيشڪ اتي ويھي واويلا ڪريو. آيا ھئا ويچارا اسلام آباد تي قبضو ڪرڻ!
نئين ٽهيءَ جي پڙھندڙن جي دلچسپيءَ ۽ ڄاڻ واسطي اھو ٻڌائڻ لازمي سمجهان ٿو ته عمران خان ھي ڪو پھريون سياسي ايڊوينچر ڪونه ڪيو آهي. آگسٽ 2014 ۾ جڏهن وزير اعظم نواز شريف جي حڪومت کي مليل پنجن سالن واري مينڊيٽ کي اڃا ھڪ سال مس ٿيو ھو ته تڏھوڪي انٽيليجنس سربراهه جنرل شجاع الدين پاشا جي اشاري تي عمران خان لاھور مان ھزارين ماڻھن جو جلوس ڪڍي، اسلام آباد تي چڙهائي ڪري ڇڏي هئي. سندس مقصد اھو ئي ساڳيو ھو ته مسلم ليگ نواز حڪومت کي ڊاهي پاڻ اقتدار جا مزا ماڻي. دنيا حيران ھئي ته 2013 ۾ ٿيل عام چونڊن جي نتيجي ۾ مسلم ليگ جي سرڪار کي اڃا سال مس ٿيو آهي ته عمران خان ڊي چوڪ تي ڌرڻو هڻي قانوني طريقي سان چونڊيل حڪومت کي آخر ڪيئن ٿو ڊاهي سگھي! عمران خان جو اھو ڌرڻو 126 ڏينهن تائين جاري رهيو جنهن ۾ هو بار بار امپائر جي آڱر کڄڻ جو ذڪر ڪندي پاڻ کي ئي بڇڙو ڪندو رهيو. جيتوڻيڪ کيس سگھاري ڌر جي پٺڀرائي حاصل هئي پر حڪومت بدلائڻ جو آئيني طريقو فقط اھو آھي ته اھا 172 ووٽن جي اڪثريت وڃائي ويٺي ھجي. عمران خان ڪڏهن به ڪو قانوني رستو اختيار نه ڪيو بلڪ پاڪستان جي گادي واري شهر اسلام آباد کي ماڻهن جي لشڪر سان سيل ڪري سرڪاري ڪم ڪار ۾ رنڊڪون وجهي، سدائين ايئن سمجهيو ته اجھو ٿا سندس رکوالا امپائر نواز شريف کي نااهل قرار ڏيئي گھر ڀيڙو ڪري، پاڪستان جي حڪومت سندس حوالي ڪري ڇڏيندا. ظاهر آهي ته سندس ڌرڻي ۾ شريڪ ھزارين مردن ۽ زالن کي ماني ٽڪي ۽ پاڻي پھچائڻ جو ڪم ساگيا ئي ادارا ڪندا هئا جن جي بڇ تي ھو اڻ مندائتي مينھن جيان اسلام آباد تي وسڪارو ڪري رهيو هو.
ھن ڀيري شھباز شريف ۽ پي ڊي ايم جي گڏيل سرڪار کي ڊاهڻ لاءِ عمران خان کي سگھارين ڌرين جي ذري به حمايت حاصل ڪونهي ان ڪري ئي ڪڏهن واڳ ڌڻين تي نيوٽرل يعني اڻ ڌريو نه ٿيڻ لاءِ زور ڀريندو آهي جڏهن ته اڄڪلھه سندس فرمائش آهي ته اسٽيبلشمينٽ کي ھاڻي نيوٽرل رهڻ گھرجي.
ھن جي ذھني حالت تي باشعور ماڻهن کي رحم ايندو آهي. ھو ھڪڙي ڏينھن جيڪا ڳالهه ڪندو آهي، ٻن چئن ڏينهن کانپوءِ ان تان ڦري ٿو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button