اسلام آباد ۾ پرتشدد احتجاج کان پوءِ هن مهل تائين رستن تي گذريل رات جي باهه واري رک اڏامي رهي آهي. ڪنهن ٿي ڄاتو ته ملڪ جي گاديءَ واري شهر جي مقدر ۾ هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو، جڏهن ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ محفوظ شهر غيرمحفوظ بڻجي ويندو.
پرتشدد احتجاج واري رات جو جيڪڏهن ملڪ جي عدالت مداخلت نه ڪري ها ته هن شهر جو حشر ڪهڙو هجي ها؟ ان باري ۾ خرابيءَ ڀريا خدشا ته تمام گهڻا هئا پر ماڻهن جي موڊ کان پاڻ ڪپتان به ڪنبي ويو. هن کي عدليا کان وڌيڪ ان عوام جي غصي جو خوف وڪوڙي ويو، جيڪو عوام پوري طاقت سان اڳتي وڌي، رياست سان ٽڪراءُ ۾ اچي رهيو هو. اسلام آباد ۾ وڳوڙي احتجاج جا منظر ڏسي ڪير ٿو چئي سگهي ته اهو احتجاج ان تحريڪ انصاف پاران هو، جنهن جي اها دعويٰ رهي آهي ته هن هميشه پرامن احتجاج ڪيو آهي ۽ هن ڪڏهن به ڪنهن شيءِ کي نقصان نه پهچايو آهي پر گذريل رات جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو هو، جهڙي ريت پورو ريڊزون ڪاري دونهين ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس سان ڀرجي ويو. جهڙي ريت شيل، شعلا ۽ هوائي فائرنگ جا منظر ميڊيا تي پيش ٿي رهيا هئا ۽ جهڙي ريت صحافي هٿن ۾ مائيڪون جهلي زور زور سان کنگهي رهيا هئا ۽ جهڙي ريت انهن جي اکين مان ڳوڙها ٽمي رهيا هئا، اهو سڀ ڪجهه پاڪستان ۾ صرف ۽ صرف اهي انتهاپسند جماعتون ڪنديون آهن، جن کي رياست جي ٽيڪ هوندي آهي. اهو ڪجهه اسلام آباد جي سرحد تي ڪڏهن تحريڪ لبيڪ ته ڪيو هو، پر اهو ڪجهه ته ڪڏهن جماعت اسلاميءَ يا جميعت اسلام به نه ڪيو آهي. ايتري شدت سان شعلن کي هوا ڏيندڙ احتجاج عمران خان جي سياسي زندگيءَ ۾ اڳ ڪڏهن به نه ڏٺو ويو هو.
عمران خان ان احتجاج ذريعي اسٽيبلشمينٽ کي اهو پيغام ڏنو آهي ته هو ڪجهه به ڪري سگهي ٿو، اقتدار لاءِ هو شهر اقتدار کي شمشمان گهاٽ بڻائڻ کان به نه مڙندو. عمران خان اهو به پيغام ڏنو آهي ته هن مهل هو پاڪستان جي اهڙي پارٽيءَ جو سربراهه آهي، جنهن وٽ باهه سان کيڏندڙ ۽ پوليس کي گولين سان چٽيندڙ اهي چيتا به آهن، جن کي سياست جي ٻوليءَ ۾ شدت پسند اسٽريٽ پاور ڪوٺيو ويندو آهي.
ڇا پاڪستان جهڙي رياست ان قسم جي جماعت کي افورڊ ڪري سگهي ٿي؟ اها رياست جنهن جي سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت هڪ اهڙو سچ هجي، جنهن کان ڪو ڪوڙو به انڪار ڪري نه ٿو سگهي. اها رياست جنهن جي مٿان اسٽيبلشمينٽ جو تمام گهڻو ۽ گهاٽو پاڇو رهيو آهي. ڇا اها اسٽيبلشمينٽ ان قسم جي سياسي پارٽيءَ کي برداشت ڪري سگهي ٿي، جيڪا رياست جي ادارن سان سڌو ٽڪر ۾ اچي؟ عمران خان ڪو نادان ته ناهي. هو نه صرف 26 سال تمام گهڻي سرگرم سياست ۾ رهيو آهي پر هو چار سال حڪومت به ڪندو رهيو آهي. هن کي ڪيتريون ئي بااعتماد بريفنگس مليون آهن. هن سان آءِ ايس آءِ سميت ملڪ جي حساس ادارن جون ڊگهيون ميٽنگس ٿيون آهن. هن کي معلوم آهي ته ملڪ ۾ اسٽيبلشمينٽ جو مائينڊ سيٽ ڪهڙو آهي؟
اهو سڀ ڪجهه سمجهندي به جيڪڏهن هن ان راهه تي پير رکيو آهي، جنهن راهه تي پاڪستان جي اقتداري سياست جو حساس وجود موجود آهي ته ان جو مطلب ان کان سواءِ ٻيو ڇا ٿي سگهي ٿو ته هو عوامي حمايت جي ان خطرناڪ خمار ۾ اچي ويو آهي، جيڪا چڱي ڀلي ماڻهوءَ جا هوش اڏاري ڇڏيندي آهي. جيتوڻيڪ هميشه اسٽيبلشمينٽ جي هنج ۾ ويهي اقتدار جا مزا ماڻيندڙ شيخ رشيد هن سان گڏ آهي ۽ هن کي هر وقت سمجهائيندو به آهي ته ملڪ ۾ اقتداري راند ڪرڪيٽ وانگر نه هوندي آهي. ڪرڪيٽ جو ڪپتان ٿيڻ الڳ آهي ۽ پاڪستان جو ڪپتان ٿيڻ الڳ آهي. پر عمران خان اهڙي ضد جي گهوڙي تي سوار ٿي ويو آهي، جنهن ۾ هاڻي اقتدار جي تڙپ سان گڏ اها خار به اچي وئي آهي، جيڪا سياستدان کي فاشزم طرف ڌڪيندي آهي. جيڪا ماڻهوءَ کان صبر کسي وٺندي آهي. جيڪا انسان کان هوش ڦري وٺندي آهي.
عمران خان پنهنجي نفسياتي ڪيفيت هٿان پاڻ يرغمال ٿيل آهي. هن کي جنهن طاقت جو غرور آهي، اهو هن لاءِ ڪيترو خطرناڪ آهي؟ ان جو اندازو هوندي به هو ان کان مڙي وڃڻ لاءِ تيار ناهي. ان نشي جو مثال ان مواليءَ جهڙو آهي، جنهن کي معلوم به هوندو آهي ته هو جيڪو نشو واپرائي رهيو آهي، اهو هن جي صحت لاءِ سٺو ناهي پر ان جي باوجود هو ان کان مڙندو ناهي. شراب کان وٺي هيروئن ۽ ڪوڪين تائين ڪو به نشو ماڻهوءَ جي لاءِ خطرناڪ نتيجن جو ڪارڻ بڻبو آهي پر ان جي باوجود به ان نشي کي واپرائڻ وارو ان نه ڇڏيندو آهي. ٻيو ته ٺهيو پر نشي ۾ اها لست هوندي آهي جو ان جي لت صحت جي شعبي سان واسطو رکندڙن کي به وڪوڙي ويندي آهي. جڏهن ته اها ڳالهه دنيا ۾ هرڪوئي تسليم ڪري ٿو ته جهڙو خطرناڪ نشو پاور ۾ آهي، اهڙو ٻيو ڪنهن ۾ ناهي.
عمران خان جي مٿان عام نشي جا الزام لڳندا رهيا آهن پر ان جا ثبوت هن مهل تائين ڪو به منظرعام تي آڻي نه سگهيو آهي. پر هن مهل هو جيڪو پاور جو نشو ڪري رهيو آهي، ان جا منظر ته هر ڏينهن ميڊيا جي زينت بڻجي رهيا آهن. هو جهڙي ريت پنهنجن مخالفن کي نفرت ڀريل نالا ڏئي، انهن جو مذاق اڏاري، عوام معرفت انهن کي گاريون کارائي ٿو، ان جو فطري نتيجو اهو ئي نڪرڻو هو، جيڪو هن مهل نڪري رهيو آهي. هن مهل عمران خان هڪ خطرناڪ سياستدان بڻجي ويو آهي. هن جي سياست کان هن جا سياسي مخالف ته ڇا پر هاڻي اسٽيبلشمينٽ به پريشان ٿي رهي آهي ته هو ڪهڙي طرف وڌندو وڃي ٿو؟
عمران خان پنهنجي سياسي سفر ۾ هن مهل ان رستي جو راهي آهي، جنهن تي هن جا قدم سرخ لڪيرن کي به لتاڙي رهيا آهن. اهي سرخ لائينون جن جي باري ۾ چيو ويندو آهي ته پاڪستان جي سياست ۾ انهن کي اورانگهڻ خطري کان خالي نه هوندو آهي. ڇو ته هو هن مهل جهڙي ريت آمريڪا مخالف نعرن جي گونج ۾ پاڪستان جي رياستي پاليسيءَ جون ڌڄيون اڏاري رهيو آهي، ان سان هو ملڪ جو وڏو ليڊر به ٿي سگهي ٿو ۽ ان سان هڪ سياسي گيم مان سدائين لاءِ آئوٽ به ٿي سگهي ٿو. آخر عمران خان نه صرف ڪرڪيٽ جو کلاڙي رهيو آهي پر هو ان راند جو ڪپتان به رهيو آهي. هن کي خبر آهي ته ڪرڪيث ۾ ڪجهه ڏوهه اهڙا هوندا آهن، جيڪي ڪرڻ جي صورت ۾ رانديگرن جي مٿان ڪيترو ئي وقت ڪرڪيٽ نه کيڏڻ جي سزا عائد ڪئي ويندي آهي. عمران خان جيڪو پاڻ کي سياسي ڪپتان سمجهي ٿو، جيڪڏهن هن جي سياست اهڙو روپ اختيار ڪيو، جيڪو اسٽيبلشمينٽ کي نه وڻيو ته پوءِ هن کي سياست نه ڪرڻ جي سزا به ملي سگهي ٿي.
عمران خان جي پرخطر سياست جو هن وقت وڏو مثال اهو آهي ته هو ساڳي وقت عالمي اسٽيبلشمينٽ سان به اٽڪي پيو آهي ۽ هو ملڪي اسٽيبلشمينٽ کي به دٻاءُ هيٺ آڻي رهيو آهي. ڇا عمران خان کي احساس ناهي ته هو پاڪستان ۾ لکن ماڻهن کان آمريڪا مخالف نعرا هڻائي ڇا ڪري رهيو آهي؟ ڇا عمران خان نه ٿو ڄاڻي ته پاڪستان جي ڪروڙن ماڻهن کي آمريڪا مخالف بڻائڻ جو عمل ڪيترو خطرناڪ آهي؟ جيڪڏهن آمريڪا جهڙو اڪيلو سپر پاور ملڪ ڪروڙين ڊالر عام خرچ ڪري پاڪستان جي عام بهبود وارن ڪمن ۾ حصو وٺي ٿو ته ان جو سبب اهو ئي آهي ته آمريڪا چاهي ٿو ته پاڪستان جي عوام ۾ هن جي ساک سٺي هجي. جيڪڏهن ڪو سياستدان هن جي سموري ڪئي ڪرائي ٿي پاڻي ڦيري پاڪستان جي عوام کي هن جو مخالف ڪندو ته ڇا آمريڪا هن کي دل سان دعائون ڏيندو؟ ڇا آمريڪا کي ڪاوڙ نه ايندي؟ ساڳي ريت جڏهن خلق جو دٻاءُ وجهي عمران خان ملڪي اسٽيبشلمينٽ کان پنهنجا مطالبا مڃرائي ٿو ته ان جا به تمام گهڻا تلخ اثر پون ٿا، ان اداري جي مٿان جنهن جي خوشنودي ماڻڻ کان پوءِ ئي پاڪستان ۾ اقتدار حاصل ٿيندو آهي. اهڙي اداري کي خلق ۾ خوار ڪرڻ جو مطلب ڇا هوندو؟ اهڙي اداري کي بليڪ ميل ڪرڻ جي قيمت ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ جيڪڏهن عمران خان اها بازي کٽي ويو، يعني جيڪڏهن هو ملڪي اسٽيبلشمينٽ کي عوامي طاقت سان مجبور بڻائي ويو ته اهو هڪ ايڏو وڏو رڪارڊ قائم ڪرڻ وارو عمل هوندو، جيڪو هن مهل تائين پاڪستان جو ڪو به سياستدان نه ڪري سگهيو آهي. عمران خان کي پنهنجي مٿان اهو ناز رهيو آهي ته هن سدائين نوان رڪارڊ قائم ڪيا آهن ۽ هن مهل هن جي چهري جي مٿان جيڪو تڪبر ۽ غرور لهرائي رهيو آهي، اهو تمام گهڻو خطري وارو آهي ۽ ان جي وڏي قيمت به آهي.
پاڪستان جي اقتدار تي عوامي طاقت سان قبضو ڪرڻ جي سياست تمام خطرناڪ آهي. عمران خان اها سياست آزمائڻ لاءِ اڳتي وڌيو آهي ۽ هو هن مهل تائين جيڪو ڪجهه به ڪري رهيو آهي، ان جو هن کي افسوس ته ڇا پر ذري جيترو پڇتاءُ به ناهي. هو هڪ عياش سياستدان وانگر عوامي طاقت سان کيڏي رهيو آهي. هو جيڪو ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ بالر رهيو آهي، هن مهل هن جي هٿ ۾ سياست جو پاور بال آهي ۽ ان بال سان هو رياست جي رانديگرن کي بائونس هڻي رهيو آهي. هن جي اهڙي جارحانا بالنگ کان هن مهل پاڪستان جون سياسي پارٽيون ڊڄي ويون آهن. هن جا ماڻهو جنهن ڪاوڙ ۽ جنهن اڳرائيءَ واري راهه تي هلڻ لڳا آهن، ان کان گهٻرائڻ فطري عمل آهي. ڇو ته هو جهڙي قسم جي سياست ڪري رهيو آهي، اهڙي سياست ڪرڻ جي پاڪستان ۾ هن مهل تائين ڪا روايت ناهي. هو پنهنجي مرضي هلائي نه رهيو آهي پر پنهنجن مخالفن جي مٿان پنهنجي مرضي مڙهي رهيو آهي. هن جي ان عمل تي هن جا پنهنجا حامي پريشان ۽ هن جا سياسي مخالف حيران آهن.