ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پيٽرول اسمن ۾ واڌ ۽ لاچار عوام

Editorial-Article-Shahid Rajpar

نيٺ حڪومت آءِ ايم ايف جي شرطن آڏو گوڏا کوڙي تيل اگهن ۾ 30 رپين جي واڌ ڪري ڇڏي آھي. حڪومت پاران پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ کان پوءِ پيٽروليم اسمن جون قيمتون ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويون آهن. ملڪي تاريخ ۾ موجوده حڪومت پهرين حڪومت آهي، جنهن هڪ ئي وقت 30 رپيا في ليٽر تي پيٽروليم اسمن ۾ واڌ ڪئي آهي ۽ 30، 30 رپيا في ليٽر جي واڌ کانپوءِ پيٽروليم قيمتون آسمان تي پهچي ويون آھن ۽ ڪالهه جمعي جي ڏينهن ڏٺو ويو ته پيٽرول گاڏين ۾ ڀرايو پئي ويو پر دونهون گاڏين بدران پيٽرول ڀرائيندڙن مان نڪري رهيو آھي ۽ ڪيترن ئي پيٽرول پمپن تي اوچتو اگھه وڌڻ سان بدنظمي پڻ ٿي آھي. ٻه ڏينهن اڳ ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل پريس ڪانفرنس ڪندي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته اسان لا فيصلو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آھي ڇاڪاڻ ته اسان عوام تي مهانگائي جي بار مٿان بار وجهي رهيا آھيون. هن چيو ته مان اڳ ۾ ئي چئي چڪو آهيان ته عوام تي ڪجهه نه ڪجھه بار وجهڻ اڻٽر آهي، ڇاڪاڻ ته حڪومت کي نقصان ٿي رهيو آهي جنهن سبب هن مهيني جي پهرين 15 ڏينهن ۾ 55 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي، جيڪو حڪومت برداشت نٿي ڪري سگهي.
هڪ پاسي وفاقي وزير چئي ٿو ته حڪومت هلائڻ جو ماهوار خرچ 42 ارب آهي، جڏهن ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي مد ۾ سبسڊي 120 ارب رپيا آهي. سندس چوڻ هو ته پيٽرول، ڊيزل، گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 30 رپيا في ليٽر واڌ ٿيندي ۽ اگهن ۾ واڌ کانپوءِ پيٽرول جو في ليٽر 179 ڏهائي 86 روپيا، ڊيزل 174 ڏهائي 15 روپيا ۽ لائيٽ ڊيزل 148 ڏهائي 31 روپيا في ليٽر ٿي ويندو. هن چيو ته جنهن قيمت تي ڊيزل ملي رهيو آهي، اها عالمي منڊي کان 56 رپيا گهٽ آهي ۽ گاسليٽ 155 ڏهائي 56 روپيا في ليٽر هوندو. هن چيو ته هن مهيني جي پهرين 15 ڏينهن ۾ 55 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي، جيڪو بار هيءَ حڪومت برداشت نٿي ڪري سگهي.
مفتاح اسماعيل موجب آءِ ايم ايف به چيو آهي ته ان وقت تائين قرض نه ڏينداسين، جيستائين پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون نٿيون وڌايون وڃن. اهڙن اپائن سان مارڪيٽ ۾ استحڪام ايندو ۽ مارڪيٽ ڏسندي ته حڪومت هاڪاري قدم کنيو آهي ۽ هڪ سال ٻن مهينن جي عرصي ۾ معيشت بهتر ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون. مفتاح اسماعيل چيو ته ان سان روپئي کي استحڪام ملندو، اسٽاڪ مارڪيٽ به اڳتي وڌندي ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته معيشت ۾ توازن برقرار رهندو. مهانگائي وڌڻ جي خدشي بابت سوال تي هن چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگھه وڌڻ سان مهانگائي جي شرح وڌندي پر اسان وٽ ٻيو ڪو آپشن موجود نه هو. سندس چوڻ هو جڏهن عمران خان کي لڳو ته هن جي حڪومت وڃڻ واري آهي ته هن اگهه گهٽائي اها بارودي سرنگهه وڇائي ڇڏي هئي.
ڏٺو وڃي ته جنهن کي به حڪومت ملي ٿي، اهو هر مسئلي جو نزلو گذريل حڪومت تي اڇلي ڇڏي ٿو. حڪومتي واڳون سنڀالڻ کان اڳ وڏيون وڏيون هنبوڇيون هڻندڙ اهو ڇو وساري ٿا ڇڏين ته عوام کين موٽ ڏئي ٿو، ان آسري تي ته عوام کي رليف ملي پر لڳي ائين رهيو آھي جو سدائين علي بابا ئي مٽجي ٿو باقي چاليهه چورن وارو ٽولو ساڳيو ئي آھي، جيڪو سدائين ويس مٽي اچي ٿو جنهن سبب عوام کي رليف نه پيو ملي. هر ڏينهن روزاني استعمال جي هر شي خريد ڪندڙ پاڪستاني عوام ننڍي ٻار کان ويندي پيرسن تائين هڪ روپئي جي شي تي به ٽيڪس ڀري ٿو ته هزارن جي خريداري تي به ٽيڪس ڀري ٿو، جنهن لا سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته روزاني بنياد تي ٽيڪس ڀريندڙ عوام تي رحم ڪير کائيندو؟ ۽ اهو اربين روپين جو ٽيڪس آخر وڃي ڪيڏانهن ٿو؟ آھي ڪو اهو جواب ڏيڻ وارو ته مختلف اسمن تي ملندڙ ٽيڪس ڪهڙي کاتي ڏانهن وڃي ٿو ۽ ان مان عوام کي فائدو ڇو نه پيو ملي.
تازو وجود ۾ آيل حڪومت پيٽروليم شين تي اگھه وڌائي آبادگارن، مزدورن، ڏهاڙي دارن تي وار ڪيو آهي، جيڪي ڏهاڙي دار مزدوري لا هڪ شھر کان ٻئي شھر سفر ڪن ٿا، انهن کان ٻيڻا ڀاڙا وصوليا ويندا. آبادگارن کي پاڻي ڪونه پيو ملي، اهي بورينگون هلائي پنهنجو گذران ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آھن. انهن لا ڊيزل جي خريداري مهانگي ٿيندي ۽ انهن کي پاڻي زمينن کي ڏيڻ مشڪل ٿي ويندو. اڳ ئي يوريا ڀاڻ جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿلن مٿان ڊيزل بم ڦٽو ڪيو ويو آھي جنهن سان آبادگارن کي وڏو نقصان ٿيڻ جو انديشو آھي.
حڪومتي عملدار توڙي اتحادي اهو راڳ ڳائي پنهنجو ڏوهه ٻين جي مٿان مڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آھن ته حڪومت مجبوري ۾ پيٽروليم اسم مهانگا ڪيا آهن، جيڪو ٻڌي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن ھر شي جي ذميوار گذريل حڪومت آهي ته موجوده حڪومت پوءِ ڇا ڪندي ۽ موجوده حڪمرانن جي ڪهڙي ذميواري آھي، جنهن سان عوام کي رليف ملي. تازي مهانگائي سبب عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آھي، ڪڏهن مريم نواز شريف جلسن ۾ عوام آڏو مخاطب ٿيندي چوندي هئي ته پيٽرول جي قيمت هڪ روپيو به وڌي ٿي ته نواز شريف ۽ شھباز شريف جي دل تان قيامت گذرندي آھي پر هن وقت لاڳيتو ٽيھه روپيا پيٽرول مهانگو ڪرڻ کان پو شايد سندن اڳيان محشر جو ميدان لڳي ويو هوندو.
خدارا هاڻي غلط بيانين کان هٽي نيڪ نيتي وارا فيصلا ڪيا وڃن ۽ ماڻھن کي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي. موجوده حڪومت ۾ ڊالر 200 روپيا، کائڻ وارو تيل 550 روپيا في ليٽر، چانور 230 روپيا في ڪلو، پيٽرول 180 روپيا في ليٽر، اٽو گهٽ ۾ گهٽ 500 روپيا پنج ڪلو ٿي ويو آهي. اهڙي ريت ھر شي غريبن جي وٺڻ کان مهانگي ٿيندي پئي وڃي، جيڪا اسان لا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي ۽ آخر حڪمرانن کي اهو سمجھه ۾ ڪڏهن ايندو ته هاڻي عوام ۾ شعور اچي چڪو آھي ۽ عوام سڀ ڪجھه سمجهي ٿو. رڳو اخلاقي طور خاموش ويٺو آھي ۽ جڏهن صبر ۽ اخلاق جي حد ٽٽي ويندي ته عوامي ردعمل کي ڪير به سنڀالي نه سگهندو. ضرورت ان ڳالهھ جي آھي ته حڪومتي عملدارن سميت مڙني وس وارن کي سنجيدہ ٿي سوچڻ گهرجي ته اهڙين نازڪ حالتن ۾ ملڪ ۽ عوام کي ڪيئن خوشحال رکي سگهجي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button