ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عوام دشمن ايجنڊا

Editorial-Article-Yameen Jatoi

بجلي ۽ تيل اگهن ۾ واڌ کان پو اهو ته واضح ٿي ويو آهي ته شهباز سرڪار جا آ ايم ايف سان معاملا طئي ٿي ويا آهن پر ان سان گڏوگڏ اهو به پڌرو ٿي ويو آهي ته هن سرڪار به اڳوڻين سرڪارن جو هڪ مڪروهه تسلسل آهي. يعني اها ئي ساڳي عوام دشمن سرڪار آهي، جنهن جو اصل مقصد وڌ ۾ وڌ عوام جو رت پيئڻ آهي. هي به نيازي سرڪار جي معاشي پاليسين کي جاري رکڻ چاهين ٿا. مطلب ته عوام دشمن ايجنڊا سندن اصل ايجنڊا آهي. هاڻي وري شهباز شريف “قوم” کي خطاب دوران عوام جي ڪروڌ کي پنهنجي پر ۾ ماٺو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ڪنهن “رليف فنڊ” جو اعلان ڪيو اٿس.
شهباز شريف جي خطاب کي اخبارن ڪجهه هن ريت رپورٽ ڪيو آهي: “وزيراعظم شهباز شريف غريب عوام کي پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ اضافي جي بار کان بچائڻ لا، 28 ارب رپين جي پئڪيج جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ان پئڪيج تحت فوري طور تي پاڪستان جي هڪ ڪروڙ 40 لک غريب ڪٽنبن کي 2 هزار رپيا ماهوار ڏنا ويندا، اهو رليف ان کان علاوه آهي جيڪو بينظير ڀٽُو انڪم سپورٽ پروگرام جي صورت ۾ ڏنو پيو وڃي. جنهن ذميواري لا قوم مون کي چونڊيو اهو مون لا اعزاز آهي، وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ ڪنهن سخت امتحان کان گهٽ ناهي، مان پنهنجي سربراهه نواز شريف ۽ اتحادي پارٽين جو ٿورو مڃان ٿو جن اعتماد ڪيو. پاڪستان جي عوام مطالبو ڪيو ته ان نااهل ۽ ڪرپٽ حڪومت کان جان ڇڏائي وڃي، اپوزيشن جي سمورين پارٽين عوام جي آواز تي لبيڪ چيو. هڪ همراهه پنهنجن ڪڌن مقصدن لا سازش جي ڪهاڻي گهڙي، آمريڪا ۾ اسان جي سفير به سازش جي ڪهاڻي کي رد ڪري ڇڏيو، قومي سلامتي ڪميٽي به ٻه ڀيرا سازش جي ڪهاڻي کي رد ڪيو، پاڪستان آئين مطابق هلندو ڪنهن هڪ جي ضد جي ڪري نه. آ ايم ايف سان معاهدو اوهان ڪيو، عوام کي مهانگائي جي چڪي ۾ اوهان پيسيو اسان نه، ملڪ کي تاريخ جي بدترين قرض هيٺان دفن ڪيو، سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن اوهان جي دور ۾ ٿي. اسان حڪومت سنڀالي ته مهانگائي عروج تي هئي، ڊالر 2018ع ۾ 115 رپين تي ڇڏي وياسين، اڳوڻي حڪومت پوڻي 4 سالن ۾ ڊالر 189 رپين تائين پهچي ويو. گذريل ڏينهن دل تي پٿر رکي پيٽرول جي قيمت وڌائي پر اهو فيصلو ڇو ڪيو اهو اوهان جي سامهون آڻڻ ضروري آهي. اهو فيصلو پاڪستان کي معاشي ڏيوالپڻي کان بچائڻ لا اڻٽر هو. اسان غريب عوام کي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافي جي بار کان بچائڻ لا، 28 ارب رپيا ماهوار فنڊ کان پئڪيج شروع ڪري رهيا آهيون جنهن تحت فوري طور تي هڪ ڪروڙ 40 لک سڀ کان غريب گهراڻن کي 2 هزار رپيا ماهوار ڏنا ويندا، اهي ڪٽنب ساڍا 8 ڪروڙ ماڻهن تي ٻڌل آهي اهو رليف ان کان علاوه آهي جيڪو بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ جي صورت ۾ پهريان ئي انهن خاندانن کي ڏنو پيو وڃي. ايندڙ مالي سال لا ان رليف پئڪيج کي بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويندو. يوٽيلٽي اسٽورز کي چيو آهي ته سڄي پاڪستان ۾ اٽي جو 10 ڪلو وارو ٿيلهو 400 رپين ۾ ڏنو وڃي.”
ڪروڙين ماڻهن لا، 28 ارب رپين جي فنڊ کي رليف فنڊ” چئجي يا غليظ فنڊ؟ هي ته عوام سان سڌي مشڪري آهي. جتي رڳو 5 سئو رپيا ڪلو کاڄرو تيل ملندو هجي، اتي هڪ خاندان کي جيڪڏهن 2 هزار رپين جي خيرات ملي پئي ته ان سان سندن زندگي جي معيار ۾ ڪهڙُو ڪيفيتي ڦيرو اچي ويندو؟ ۽ ان کي حڪمران وڏو ڪارنامو قرار ڏئي رهيا آهن. بهرحال، آ ايم ايف جي مطالبي کي اکيون ٻوٽي مڃڻ مان واضح ٿي ويو آهي ته عوام هنن حڪمرانن جي ايجنڊا تي ڪونهي. هنن جي ايجنڊا به ماضي جي عوام دشمن حڪمرانن جي ايجنڊا جو ئي تسلسل آهي. چوندا آهن ته جنهن اڀرندي تا نه ڪيو اهو لهندي وري ڪهڙو تا ڪندو؟ هنن اچڻ سان ئي 30 رپيا پيٽرول اگهه ۾ واڌ ڪري پنهنجي معاشي پاليسين کي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته اهي مستقبل ۾ ڪهڙيون هونديون. هنن جي پوري پوري ڪوشش هوندي ته جيترو ممڪن ٿي سگهي عوام جي ساهه کي نپوڙجي.
اهي ته آهن معاشي اڳڀرايون، جيڪي سڌي ريت عوام خلاف آهن. ٻئي پاسي سياسي اڳڀراين ۾ اهو ٿيو آهي جو
سينيٽ ۾ نيب ترميمي ۽ اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل منظور ڪيو ويو آهي. چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران قانون واري وفاقي وزيرا اعظم نذير تارڙ نيب ترميمي بل پيش ڪيو. جڏهن ته مرتضيٰ جاويد عباسي اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل پيش ڪيو، جنهن کي ايوان “اتفاق راءِ” سان منظور ڪري ورتو. اجلاس دوران سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي سوال ڪيو ته چونڊن بابت ترميمي بل ڪميٽي حوالي ڪيان يا هاڻي ئي پاس ڪرڻو آهي، جنهن جي جواب ۾ وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته هي بل اهو ئي آهي جنهن کي سينيٽ جي ڪميٽي منظور ڪيو هو. سمنڊ پار پاڪستانين کان ووٽ جو حق واپس نه ورتو ويندو. اليڪشن ڪميشن کي چيو آهي ته سيڪريسي کي نظر ۾ رکندي ووٽ ڏيڻ واري حق کي يقيني بڻايو وڃي. سينيٽ اجلاس ۾ ٻنهي بلن جي منظوري دوران پي ٽي آئي جي ميمبرن سخت مخالفت ڪئي ۽ سينيٽ چيئرمين جي ڊائيس اڳيان احتجاج ڪيو ۽ بل جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون. ان موقعي تي پي ٽي آءِ جي شهزاد وسيم چيو ته اسان ڪنهن کي سمنڊ پار پاڪستانين جي ووٽ جي حق تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين. اسان اي وي ايم تي سوديبازي نه ڪنداسين. ان تي اعظم نذير ٻڌايو ته شبلي فراز ۽ اعظم سواتي ان ڪاميٽي ۾ هئا، جتي اهو بل منظور ٿيو.
هوڏانهن احسن اقبال پاڪستان تحريڪ انصاف سان ڳالهين جي تصديق ڪئي آهي. احسن اقبال چيو ته پي ٽي آءِ جي قيادت سان هڪ ملاقات ٿي آهي، جيڪڏهن اسان جي سر تي بندوق نه رکي وڃي ها ته شايد جلد چونڊن وارو مطالبو تسليم ڪري وٺون ها. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف سان اليڪشن ريفارمز تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون.
ٻئي طرف مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ آهي ته جيڪو انقلاب پوليس کي ڏسي ڀڄي وڃي ان کي ٻڏي مرڻ گهرجي، 20 هزار ماڻهو به گڏ نه ڪرڻ تي عمران خان جي ذهني حالت رحم جوڳي آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز تحريڪ انصاف چيئرمين کي فتنو خان سڏيندي چيو ته عمران خان جون ڳالهيون شرمندگي ۽ ناڪامي جي اعتراف کانسواءِ ڪجهه ناهن، سندس 30 لک واري دعويٰ جي ابتڙ 20 هزار ماڻهو به گڏ نه ڪرڻ تي سندس ذهني حالت رحم جوڳي ٿي وئي آهي. مريم نواز جو چوڻ هو ته عوام عمران خان کي سڃاڻي رد ڪري ڇڏيو آهي. انقلاب پنهنجو رستو پاڻ ٻڌائيندو آهي، پوليس کي روڪڻ سان ناهي بيهندو، ۽ جيڪو انقلاب پوليس کي ڏسي ڀڄي وڃي ان کي ٻڏي مرڻ گهرجي، ڪٿي 30 لک جي دعويٰ ۽ ڪٿي 10 هزار تماشائي. هن چيو ته عمران خان جنهن سپريم ڪورٽ کي ڪجهه ڏينهن اڳ تائين گاريون ڏيندو رهيو هو، اڄ ان ئي سپريم ڪورٽ جي اوٽ وٺي پنهنجي ڏڦيڙ واري ايجنڊا کي پورو ڪرڻ چاهي ٿو، سپريم ڪورٽ کي ڏسڻو پوندو ۽ هن سياسي ويڙهه مان پاڻ کي ڌار رکڻو پوندو نه ته جانبداري جو تاثر مضبوط ٿيندو جيڪو عدليه لاءِ اداري طور نقصانڪار آهي. عمران خان کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار جيڪي سندس فتني بازي جو شڪار ٿيا، سندس سڏن تي جٿن هٿان زخمين پنهنجيون حياتيون وڃايون، انهن جي گهرن ۾ وڃي سندن پونئرن سامهون پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪرڻ گهرجي ۽ کانئن معافي وٺڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button