ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

چھرا مٽائڻ سان ڏک سور مٽجي نه سگهندا

Editorial-Article- Dastgir Bhatti

گذريل اڍائي ٽن مھينن اندر پاڪستان جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ جيترو سياسي گند جمع ٿيو ان سان ملڪي معيشت کي اربين ڊالرن جو جيڪو نقصان پهتو، غير يقيني صورتحال جي ڪري سڄي ملڪ ۾ ڪاروبار بيھجي ويو، روپئي جو قدر پرڏيهي ڪرنسي جي ڀيٽ ۾ ڪافي حد تائين ڪري پيو، اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ سيڙپ ڪندڙ لکين ماڻهن جي جيڪا اصل موڙي ھئي سا به ٻڏي غرق ٿي ويئي، ڪيترائي ماڻهو پنهنجي موڙي وڃائي چريا ٿي ويا ۽ بيروزگارن جو انگ وڌي ٻيڻو ٿي ويو. انھيءَ سياسي توڙي نفسياتي جنگ ۽ نتيجي طور ٿيل اقتصادي، سماجي ۽ اخلاقي تباهيءَ لاءِ ڪوبه ھڪ فرد يا ھڪ پارٽي نه پر سمورا اسٽيڪ هولڊر تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ جوابدار ٿيندا جيئن ون يونٽ جھڙي ظالماڻي نظام قائم ڪرڻ کان وٺي بنگلاديش ۾ فوجي آپريشن جي برپا ڪيل ڪاري قيام واسطي نه رڳو تڏھوڪي عسڪري قيادت، سياسي اڳواڻ ۽ سول بيوروڪريسي کي تاريخ ڏوھاري قرار ڏيئي ڇڏيو.
جيتوڻيڪ شھباز شريف سرڪار پاران اسلام آباد جي مرڪزي ڊي چوڪ کي وڳوڙ ۽ جھيڙن جھٽن کان محفوظ رکڻ خاطر زبردست ۽ تمام سخت انتظام ڪيل هئا پر عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪري عمران خان پنهنجن ڪجھه ساٿين سان گڏجي ڊي چوڪ تي پهچي ويو ۽ اتي بيٺل ڪنٽينر تي چڙهي ھوا ۾ ھٿ اڀا ڪري، ھن اھو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته سموريون رنڊڪون ۽ رڪاوٽون اورانگهي ڊي چوڪ تي پهچي ڏيکارڻ ئي سندس سوڀ آهي. اھا ته سندس ڀورائيءَ جي ڀل آهي. دعا ڪري اعليٰ عدالت کي جنھن حڪومت کي حڪم ڏنو ته سري نگر شاهراهه تي ڌرڻو هڻي ويٺل اڳوڻي وزير اعظم کي لنگھه ڏيو ته جيئن ھو پنھنجي مڙھه مقام بني گالا تائين پهچي سگهي. انھيءَ رعايت جو عمران خان ناجائز فائدو ورتو ۽ ڪنٽينر کي تقرير لاءِ استعمال ڪري، ھو حڪومت خلاف گھٽ وڌ ڳالهائيندو رهيو ۽ تڙ تڪڙ ۾ ھڪ ھفتي اندر عام چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪرڻ سان گڏ وگڏ اھا ڌمڪي ڏيئي روانو ٿيو ته ڇھن ڏينھن کان پوءِ لکين ساٿارين ۽ پوئلڳن کي گڏ ڪري اسلام آباد تي وري به چڙهائي ڪندو. مطلب ته ايندڙ جمعي ڏينهن تائين جيڪڏهن شهباز شريف حڪومت عام چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو نه مڃيندو ته عمران خان ٻيھر ساڳي ڌماچوڪڙي ڪندو. سندس ان مطالبي جو بروقت جواب ڏيندي وزيراعظم شھباز شريف بيان جاري ڪري چيو ته، سندس سرڪار جا سمورا اتحادي گڏيل اتفاق راءِ سان اھو فيصلو ڪري چڪا آهن ته عمران خان جي بليڪ ميلنگ جو شڪار نه ٿيندا ۽ پي ڊي ايم جي حڪومت پنھنجا بچيل سورھن مھينا حڪومت ڪندي رهندي. اسان ڏسي ورتي آهي عمران خان جي ڪوڙي لٻاڙ ته اسلام آباد ۾ 25 مئي تي ويھه لک ماڻهو گڏ ٿيندا. حقيقت ۾ ھو ويھه هزار ڄڻا به نه آڻي سگهيو.
اھا حقيقت آھي ته عمران خان جي اسلام آباد واري ھاڻوڪي ڌرڻي ۾ ھر ھڪ شھر جي جدا جدا فوٽيج ڏسي پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته ڪنهن ھنڌ ٻه ھزار، ڪٿي ٽي چار ھزار، پشاور ۾ پنج ھزار، سيالڪوٽ ۾ پنج ست سئو ۽ ڪراچيءَ جي نمائش چورنگي تي گڏ ٿيل مردن ۽ عورتن جو تعداد ٽن ھزارن کان مٿي ڪونه هو. رڳو ھڪڙي لحاظ سان عمران خان حڪومت کي ملھه ماري ويو جو عدالت پاران روڪڻ باوجود ھو ڊي چوڪ تي پهچي ويو ۽ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن پوئلڳن سان ڪنٽينر تي چڙهي مختصر تقرير ڪري ورتائين. جنهن رتوڇاڻ ۽ بقول شيخ رشيد جي ته خوني انقلاب آڻينداسين، اھا ٺلهي لفاظي ۽ لٻاڙ ھئي. عمران خان ڊي چوڪ تي قبضو ڄمائڻ بدران تڙ تڪڙ ۾ ان ڪري ڀڄي ويو جو ڪنٽينر تي چڙهڻ کان پوءِ کيس پارليامينٽ، سپريم ڪورٽ، پاڪستان ٽيليويزن اسٽيشن، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، سيڪريٽريٽ ۽ پرائيم منسٽر هائوس ۽ آفيس ٻاهران بيٺل فوجي ڪمانڊوز نظر اچي ويا. ھو سمجھي ويو ته وزير اعظم شھباز شريف جي حڪم تي گاديءَ واري شهر جي حساس عمارتن جو ڪنٽرول فوج پاڻ سنڀالي ورتو آهي. سو جتي پڄڻ ناھي ڪم، اتان ڀڄڻ ڪم وريام جو.
ھاڻي ڏسڻو اهو آهي ته عمران خان جي ھن تازي ناڪامي بعد مخالف ڌر جو اتحاد (پي ڊي ايم) ڪيترو جٽاءُ ڪري ٿو. سندن ٻڌيءَ جو ڪارڻ ته عمران خان ھو جيڪو في الحال ته شھباز شريف حڪومت کي ڊاهڻ جي قابل ئي نه رهيو آهي. ھاڻي جڏھن وڏن عهدن خاص ڪري نئين صدر، سينيٽ جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين، اھم کاتن جي مختلف پارٽين ۾ ورڇ وارا تڪراري سوال ڪر کڻندا ته ايم ڪيو ايم کي ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص ۽ ٻين شهرن جو بلدياتي نظام سندن مرضيءَ مطابق ٿيندو يا آصف علي زرداري ھڪ دفعو وري به پراڻو نسخو استعمال ڪري کين چوندو ته، سياسي معاھدا ڪي آسماني صحيفا ٿورو ئي ھوندا آھن. ٻئي پاسي مولانا فضل الرحمان سان ميان نواز شريف واعدو ڪيو آهي ته عمران حڪومت جي خاتمي کان پوءِ جڏهن وزير اعظم اسان جي جماعت مسلم ليگ مان ٿيندو ته صدر جو عهدو اوھان جي حوالي ڪنداسون، ان واعدي تي زرداري رضامندي نه ڏيکاري ۽ چوي ته، مين ھون نا، ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ مولانا فضل الرحمان اڳ ۾ ئي هن ساڳئي سوراخ مان ڏنگيل آهي، سو ته بلڪل چڙي پوندو. بلوچن سان انياءُ ختم ڪرڻ ۽ مڪمل صوبائي خودمختياريءَ جي سوال تي سردار اختر مينگل سان جيڪي قول قرار مسلم ليگ جي اڳواڻن ڪيا آهن، ڇا انھن تي حڪومت کي عمل ڪرڻ جي اسٽيبلشمينٽ پاران اجازت ملي سگهندي؟ ان کان علاوه بلوچستان عوامي پارٽي (باپ) ۾ گڏ ڪيل وڻ وڻ ڪاٺي کي يڪجا ۽ مطمئن ڪري سگهبو؟ اڃا به گھڻا سوال ذهن جي اسڪرين تي اچن ٿا پيا پر انهن کي نظر انداز ڪري رڳو ايترو سوچيو ته پي ڊي ايم جي يارھن سياسي جماعتن مان ڇا ھڪڙي پارٽي به ٻاويهن ڪروڙ انسانن جي ڏکن ۽ ڏولاون کي ڏور ڪرڻ لاءِ ڪو سنجيده پروگرام ٺاهيو آهي يا فقط اقتدار جا مزا ماڻڻ خاطر ھنن ھي ڪشالا ڪڍيا آهن؟
جيئن سابق وزير اعظم عمران خان آمريڪي سفير جي خط جو ڪوڙو کيل رچايو هو تيئن ھي نئين سرڪار به عوام جي ڏک درد بابت رڳو ڪوڙ ٿي ڳالهائي. ڇا دنيا جو ڪوبه جاگيردار، ڪارخانيدار ۽ سرمائيدار پنهنجن سرمائيداريءَ وارن طبقاتي مفادن کي اوليت ڪونه ڏيندي؟ حڪومت کان ٻاهر رهي جيترا سال ھنن جي ڪاروبار کي نقصان رسيو آهي، سڀ کان پهرين زرداري، شھباز شريف ۽ ٻيا اتحادي پنهنجي انھيءَ نقصان جو ازالو نه ڪندا. پڙھندڙن کي منھنجا لکيل اھي لفظ ياد ھوندا ته وزير اعظم شھباز شريف اقتدار ۾ اچڻ شرط نيب کي جڏو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ اھڙا قانون ختم ڪري ڇڏيا اٿن جن جي مطابق قومي خزاني مان اربين رپيا چوري ڪندڙ اومني گروپ، رمضان شگرملز مافيا، چوڌري شگرملز، ٻين ھزارين ٽيڪس چورن، وڏن وڏن رشوتخور آفيسرن، نامي گرامي وزيرن ۽ مشيرن خلاف ڪيس نه رڳو داخل ٿيل آھن پر مختلف عدالتن ۾ شنوائي به جاري آهي. شھباز شريف ته قومي خزانو لٽيندڙ مافيائن جو سھولتڪار بڻجي ڪم ڪري پيو جنهن تي زرداري به راضي آهي ڇو ته وڌ ۾ وڌ کاٽ سنڌين جي رت پگهر جي ڪمائيءَ مان ميڙيل پئسن تي ۽ سنڌ جي زمينن تي لڳايا ويا آهن.
ھاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا ھن ملڪ جا مسڪين ماڻهو بي شمار قدرتي وسيلن سان مالامال ھوندي به نه پنھنجن ٻچڙن جو علاج ڪرائي سگهندا؟ نه انھن ٻچڙن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ کين ڪابه سرڪار گھربل وسيلا، مطلب ته سٺا اسڪول، دل سان پڙھائي ڪرائيندڙ استاد ۽ اسڪولن ۾ بجلي، پاڻي، واش روم، پکا ۽ ڪتاب ميسر ڪندا يا ھميشه وانگر انھيءَ بنيادي تعليم کي به نظر انداز ڪري ڇڏيندا؟ ڇا آبپاشي کاتي مان ڪرپٽ ۽ ڏوھاري عملدارن کي ھٽائي، ڪي خدا ترس آفيسر به مقرر ڪندا جيڪي پاڻيءَ جي چوري سبب سالن کان جاري ھٿراڌو اڻاٺ کي ختم ڪرائي پڇڙي جي برباد ٿي ويل آبادگارن ۽ ھارين کي فصل پوکڻ جو سندن فطري حق ڏياري سگهندا؟
ڇا سنڌ جي ماڻهن کي پوليس جي دھشتگردي کان بچائڻ لاءِ اپاءَ وٺندا؟ ڇا پوليس ۽ چونڊيل نمائندن جي سرپرستي ۾ معصوم ٻارڙن کي نشي آور زھريلي پڙين جو واپار بند ڪرائي، ايندڙ نسلن جي ڀلائيءَ واسطي ڪو ڪم ڪندا؟
منھنجي دل مان صدا اچي ٿي ته جيڪي رھبر جي روپ ۾ رهزن پاڻ انھيءَ ڪاري ڪاروبار منجهان ڪروڙ پتي بڻجي ويا آهن، سي ڪيئن انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ سوچي سگھندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button