شوبز

فلم انڊسٽري صنفي معاملن ۾ بهتري آئي آهي: ڪيٽ ونسليٽ

هالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ڪيٽ ونسليٽ چيو آهي تھ فلم انڊسٽري صنفي معاملن ۾ بهتري آئي آهي، تنهنڪري عورتون چيلنجن کي منهن ڏيڻ خاطر اڳيان اچن. ڪينز ميلي ۾ شرڪت دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ عورتن خاص ڪري نوجوان ڇوڪرين وٽ هاڻ اڳتي اچڻ جا ڪيترائي موقعا موجود آهن، مان اڄ جنهن مقام تي آهيان، ان پويان 20، 25 سالن جي جدوجهد کي ڏسڻ گهرجي. هن چيو تھ زندگي حيرت جو نالو آهي، چيلنج قبول ڪيا وڃن ۽ نالو ٺاهڻ ۾ محنت ڪرڻي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button