ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بيوس بڻيل ايڇ آءِ وي جا مريض

Editorial

سنڌ ۾ سڄي ملڪ جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ايڇ آءِ وي جا مريض موجود آهن. خاص طور تي لاڙڪاڻو سنڌ جو اهو ضلعو آهي، جتي سڀ کان گهڻا مريض ان مرض جا آهن. گذريل ڪجهه سالن کان انهن مريضن ۾ لاڳيتي واڌ ٿي رهي آهي پر ان پاسي ڪوبه ڌيان ڪونه پيو ڏنو وڃي. ظاهر آهي اهو هڪ اهڙو مرض آهي، جيڪو رت جي مٽاسٽا ۽ جنسي عمل وسيلي پکڙجي ٿو. پر ڇا هيستائين سنڌ حڪومت ڪي اهڙا اپاءَ ورتا آهن، جن وسيلي ان مرض کي گهٽائي سگهجي يا وري جيڪي ماڻهو ان مرض ۾ ورتل آهن، انهن جو بهتر علاج ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ ته ان مرض جي ڪري نه رڳو ماڻهو مري رهيا آهن پر اهي پنهنجو علاج به بهتر نموني ڪرائڻ جي قابل ڪونه آهن. ڪالهه به ٻه اهڙيون خبرون رپورٽ ٿيون آهن، جن موجب ايڇ آءِ وي مرض تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي.
رتوديرو شهر ۽ ان جي آس پاس وارن ٻهراڙي جي علائقن ۾ ايڇ آءِ وي جهڙي خطرناڪ بيماريءَ تي اڃا تائين ڪو ڪنٽرول نه ٿي سگھيو آهي، هيل تائين ڪيترائي مريض هن موذي بيماري ۾ ورتل آهن. گذريل ڏينهن رتوديرو شهر جي جت محلا جي رهواسي معشوق جماليءَ جو معصوم پٽ 12 ورهين جي عاشق علي به هن بيماري سبب فوت ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ فوتي نينگر جي والد صحافين کي ٻڌايو ته منهنجي پٽ کي ڪافي وقت کان وٺي ايڇ آءِ وي هئي جنهن جي تصديق تعلقه اسپتال رتوديرو ۾ لڳايل اسڪريننگ ڪئمپ تان چڪاس ڪرائڻ بعد ٿي هئي. ان کان پوءِ ٽريٽمينٽ سينٽر تان سندس جو علاج هلندڙ هو پر هو صحتياب ٿيڻ کان اڳ ئي فوت ٿي ويو. ياد رهي ته ايڇ آءِ وي ۾ هن وقت تائين مجموعي طور تي فوت ٿي ويلن جو انگ 61 ٿي ويو آهي. جڏهن ته ايڇ آءِ وي جهڙي موذي مرض ۾ ورتل معصوم ٻارڙن جي والدين پاران ٻارڙن کي علاج جون سهولتون ۽ فنڊ نه ملڻ واري عمل خلاف تعلقه اسپتال رتوديرو ۾ قائم ايڇ آءِ وي ٽريٽمنٽ سينٽر آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي ٻارڙن جي والدين امتياز علي جلباڻي، انعام علي شر، نظر محمد شر، محمد بچل خروس، نصر الله لولائي، غلام مصطفيٰ ٻپڙ، احمد نواز خروس، زائي خان لولائي، دلشاد علي شر ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ايڇ آءِ وي ۾ ورتل اسان جي ٻارڙن کي علاج جون صحيح سهولتون نه ٿيون ڏنيون وڃن، اسان پنهنجي گھران خرچ ڪري ايڇ آءِ وي سينٽر تي اچون ٿا پر اتي موجود عملي جو اسان سان اڍنگو رويو هوندو آهي. هنن چيو ته آيل انڊو منٽ فنڊ اسان کي فقط هڪ ڀيرو مليو آهي، باقي خبر ناهي ته ٻيو فنڊ ڪيڏانهن گم ٿي وڃي ٿو. هنن چيو ته ٽن ورهين کان وٺي اسان سان اهڙيون ناانصافيون ٿي رهيون آهن. رتوديرو تعلقه اسپتال ۾ ايڇ آءِ وي ٽريٽمنٽ سينٽر ۾ قائم ڪو به ٻارڙن جو اسپيشلسٽ نه آهي. هنن چيو ته اسان اڳ ۾ به احتجاج ڪيا آهن پر اسان جي دانهن باوجود ڪير به ٻڌڻ وارو نه آهي. هنن صحت کاتي جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته هن طرف ڌيان ڏئي اسان جو مسئلو حل ڪيو وڃي.
اسين سمجهون ٿا ته هي هڪ خطرناڪ مرض آهي ۽ ان جا مريض ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن، ان جو هڪ سبب صحيح علاج نه ٿيڻ پڻ آهي، ڇاڪاڻ ته مريضن کي نه وقت سر دوائون ڏنيون وڃن ٿيون ۽ نه ئي انهن کي علاج جون اهي سهولتون مليل آهن، جيڪو سندن حق آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن مريضن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. ان کان سواءِ دوائن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. ايڇ آءِ وي مرض جي حوالي سان ماڻهن ۾ آگاهي پڻ ڏني وڃي. جيڪي ماڻهو ان جو شڪار آهن، انهن جو سٺي نموني علاج ڪيو وڃي ۽ ٻين ماڻهن کي وڌ کان وڌ احتياطي اپاءَ وٺڻ جو چيو وڃي ته جيئن ان مرض کي پکڙجڻ کان بچايو وڃي. ان ڪري صحت کاتي کي پنهنجو ڪردار ايمانداريءَ سان نڀائڻ گهرجي. ٻي صورت ۾ اهو مرض سنڌ جي ٻين ضلعن تائين پهچڻ ۾ دير نه ڪندو ۽ مريضن جو انگ به وڌندو رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button