گذريل وڏي عرصي کان وٺي ميڊيا ۾ اهو رپورٽ ٿي رهيو آهي ته ٿر ۾ خودڪشيون ٿيڻ جا واقعا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن، پر سنڌ حڪومت آپگھات جا واقعا روڪڻ لاءِ ڪو به اپاءُ وٺڻ لاءِ تيار ناهي ۽ ميڊيا ۾ وڏي وٺ پڪڙ ٿيڻ ۽ عدالتن جي نوٽيس وٺڻ کانپوءِ سنڌ حڪومت طرفان سنڌ مينٽل هيلٿ اٿارٽي قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا خودڪشيءَ کي ذهني بيماري قرار ڏيئي ٿر جي مختلف اسپتالن ۾ ڪئمپون لڳائي مقامي ماڻهن کي علاج ڪرائڻ تي زور ڏيئي رهي آهي، پر هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا واقعي خودڪشي هڪ ذهني بيماري آهي يا واقعي خودڪشيون رڳو ٿر ۾ ئي ٿين ٿيون؟
پراڻا، تاريخي ۽ مذهبي ڪتاب پڙهڻ مان پتو پوي ٿو ته آپگھات يا خودڪشي ڪرڻ جي تاريخ ايتري ئي پراڻي آهي، جيتري انسان ذات جي وجود جي تاريخ پراڻي آهي ۽ تاريخ ۾ وڏن وڏن راجائن، مها راجائن ۽ بادشاهن سميت فوجي جرنلن ۽ ڪرنلن طرفان انفرادي ۽ اجتماعي خودڪشيون ڪرڻ جو ذڪر پڻ ملي ٿو ۽ جنهن مان اهو آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته خودڪشي ڪرڻ وارو لاڙو ڪو اڄ جو ڪونهي، انساني فطرت ۾ شامل اهو لاڙو انسان جي وجود کان وٺي جُڳن ۽ صدين کان اڄ ڏينهن تائين هلندو پيو اچي ۽ جيستائين هي ڌرتي ۽ آسمان باقي آهن، تيستائين اهو عمل جاري ۽ ساري رهڻو آهي. باقي آڳاٽي دور ۾ جڏهن جديد سهوليتن جي کوٽ هوندي هئي ۽ ماڻهن ۾ ايمان هوندو هو، تڏهن خودڪشيءَ جا واقعا به گھٽ ٿيندا هئا ۽ رپورٽ به ڪڏهن ڪڏهن ٿيندا هئا. اڄ جڏهن جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو دور آهي ۽ سهوليتون وڌيڪ آهن، تڏهن خودڪشي جا واقعا به وڌيڪ ٿين ٿا ۽ اسين روز ڏسون پيا ته اخبارون، چئنل ۽ ميڊيائي ويب سائيٽون آپگھات جي واقعن سان ڀريون پيون آهن. سو خودڪشيءَ جي روز وڌندڙ واقعن کي مد نظر رکندي سنڌ جا ساڃاهه وند دوست هر وقت پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا سميت سماجي سطح تي پروگرام منعقد ڪري جاڳرتا مهم رهيا آهن ۽ انهي سلسلي ۾ عدالتن جي حرڪت ۾ اچڻ کانپوءِ سنڌ حڪومت به خودڪشين جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ سنڌ هيلٿ مينٽل اٿارٽي قائم ڪري ورتي آهي، جنهن اداري طرفان ڪجهه ڏينهن اڳ ضلعي ٿرپارڪر جي مختلف اسپتالن ۾ ڪئمپون لڳائي مريضن جو مفت علاج ڪيو ويو ۽ اٿارٽي طرفان اهو چيو ويو ته خودڪشي هڪ ذهني بيماري آهي ۽ ٿر ۾ غربت ۽ پسماندگي سبب ماڻهو ذهني مريض ٿي ويا آهن ۽ اهوئي سبب آهي جو ماڻهو وڏي انگ ۾ خودڪشيون ڪري رهيا آهن.
جيئن ته تاريخ ۾ وڏن وڏن راجائن، مهاراجائن، بادشاهن ۽ فوجي جرنلن ۽ ڪرنلن به خودڪشيون ڪيون آهن ۽ پاڻ وٽ ماضي ويجهڙائي ۾ وري آفيسر طبقي جا ۽ زميندار ماڻهو به خودڪشيون ڪري چڪا آهن، تنهنڪري اسان اهو ڪڏهن به ۽ قطعي نٿا چئي سگھون ته فقط ۽ فقط غريب ماڻهو ڇو ٿا خودڪشيون ڪن؟ جذباتي ڪيفيت ۾ ڪو به ماڻهو ڪو به اڻ وڻندڙ قدم کڻي سگهي ٿو، پاڻ ماري سگھي ٿو يا ٻئي کي به ماري سگهي ٿو ۽ ها باقي اهو مڃڻو پوندو ته امير طبقي جي ڀيٽ ۾ غريب طبقي ۾ خودڪشيءَ جا وڌيڪ واقعا پيش اچن ٿا، ڇاڪاڻ ته امير ماڻهو مسئلن کي منهن ڏئي ويندو آهي، پر غريب ۽ مسڪين ماڻهو لاءِ مسئلن کي منهن ڏاڍو ڏيڻ مشڪل ٿي ويندو آهي ۽ هونئن به خودڪشي ڪرڻ جا ڪيترائي مختلف سبب هوندا آهن، ظالم وڏيرن ۽ زميندارن جي ظلمن ۽ قرضن کان تنگ ٿي ماڻهو خودڪشيون ڪن ٿا ته بئنڪن ۽ سيٺين جي قرضن ۽ وياجن کان بيزار ٿي به ماڻهو زندگي جو ڏيئو اُجهائين ٿا. پوليس جي ظلمن ۽ ٿاڻن ۽ ڪورٽن مان انصاف نه ملڻ سبب ماڻهو آپگھات ڪن ٿا ته غربت، بک، بيماري، بيروزگاري ۽ مهانگائيءَ کان تنگ ٿي به ماڻهو خودڪشيون ڪن ٿا. گھريلو جھيڙن جھڳڙن، مهڻن، طعنن، تنڪن ۽ تشدد سبب ماڻهو پنهنجين زندگين جو انت آڻين ٿا ته مال ملڪيتن، زمينن، پلاٽن ۽ ٻنين جي تڪرار تان به ماڻهو آپگھات ڪن ٿا. ڪپڙو لٽو ۽ خرچي نه ملڻ، موبائيل فون ۽ گاڏي وٺي نه ڏيڻ، گھمڻ ڦرڻ ۽ خواهشون پوريون نه ٿيڻ سبب ماڻهو خودڪشيون ڪن ٿا ته نشو نه ملڻ ۽ گھڻو واپرائڻ سميت ڪاوڙ ۽ شيطان ۾ به زندگي جو ڏيئو اُجھائين ٿا ته ڪٿي وري بليڪ ميلري، داٻن دڙڪن ۽ ڌمڪين سبب به ماڻهو آپگھات ڪن ٿا.
انهي کان سواءِ اڄڪلهه خودڪشين جي انگ ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿيڻ جو هڪڙو وڏو سبب انٽرنيٽ ۽ موبائيل سسٽم جو عام ٿيڻ آهي، ڇاڪاڻ ته جديد ٽيڪنالاجيءَ ۾ آڊيو ۽ وڊيو رڪارڊنگ سسٽم معاملن ۽ مسئلن جا وڏا ثبوت فراهم ڪري ٿو ۽ ثبوتن جي منظر عام تي اچڻ کانپوءِ ماڻهو ٻي ڪا به واهه نه ڏسي خواري سميت تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻجڻ جي ڊپ سبب دل شڪستو ٿي آپگهات ڪندي دير ئي نٿو ڪري. ۽ اهڙي قسم جا قدم کڻڻ ۾ نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اڳتي آهن، جن جي عمر 15.16 سالن کان 30.35 سال آهي، ڇاڪاڻ ته عشق جا چڪر، ڪارو ڪاري جا الزام ۽ تهمتون لڳڻ، محبت ۾ ناڪامي، پسند ۽ پيار جي شادي نه ٿيڻ، ننڍي ڄمار ۾ شاديون ۽ وڏي عمر وارن ۽ پوڙهن سان شاديون ٿيڻ انهن کي انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ڪريو ڇڏين.
خير اسان وٽ خودڪشي ڪرڻ جا به مختلف طور طريقا آهن، ڪڏهن ماڻهو وڻن جي ٽارين ۾، بجليءَ جي ٿنڀن ۾، ڪمري جي ريلن ۽ پکن ۾، چونئرن جي ملهن ۽ داسن ۾ رسي، ٽوال يا رئو ٻڌي خودڪشي ڪندا آهن ته ڪڏهن وري بجلي جي تارن ۾ هٿ وجھي يا ڪڏهن پاڻ مٿان پئٽرول ۽ گاسليٽ هاري به باهه ڏئي ساڙيندا آهن. ڪڏهن زهريليون دوائون پي ته ڪڏهن نشي آور گوريون کائي زندگي جو انت آڻيندا آهن ۽ ڪڏهن وري گاڏين ۽ ريل جي پٽڙين هيٺيان اچي ته ڪڏهن وري پاڻيءَ جي کوهن، واهن، شاخن، دريائن ۽ سمنڊن ۾ ٽپو ڏيئي به زندگي جو ڏيئو اُجھائي ڇڏيندا آهن. گھڻي ڀاڱي آپگھات اهو ئي ماڻهو ڪندا آهن، جيڪي انتها درجي جي مسئلن ۽ مونجهارن ۾ گھيريل هوندا آهن ۽ جن کي پري تائين پنهنجي مسئلن جو ڪو به حل وغيره نظر نه ايندو آهي.
چون ٿا دنيا ۾ هر منٽ ۽ اڌ منٽ تي هڪ ماڻهو خودڪشي ڪري ٿو ۽ هر سال دنيا ۾ تقريبن ڏهن لکن جي لڳ ڀڳ ماڻهو خودڪشيون ڪن ٿا ۽ تقريبن دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ خودڪشي ڪرڻ قانوني طور تي ڏوهه ناهي ۽ ايستائين جو سوئيٽزرلينڊ ۾ ماڻهو زهر جي انجيڪشن هڻائي سدائين لاءِ موت جي ننڊ سمهي پون ٿا، پر پاڪستان دنيا جو اهو واحد ملڪ آهي، جتي خودڪشي ڪرڻ وڏو ڏوهه آهي ۽ خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ کي هڪ سال قيد ڪاٽڻ سان گڏ 10 هزار روپيه ڏنڊ ادا ڪرڻو پوندو آهي، پر تازو 24 مئي 2022ع تي سينيٽ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سينيٽر شهادت اعواڻ طرفان تعزيرات پاڪستان 1860ع ۽ فوجداري ضابطي 1898ع ۾ ترميم جو پيش ڪيل بل منظور ڪري ورتو آهي ۽ بل جي متن موجب آپگھات ڏوهه نه پر هڪ قسم جي ذهني بيماري آهي، تنهنڪري آپگھات ڪندڙ شخص جي سزا ۽ ڏنڊ وارو قانون ختم ڪري ڄاڻايل ماڻهوءَ جو علاج ڪرايو وڃي، پر هتي سوال وري به اهو ٿو اُڀري ۽ پيدا ٿئي ته ڇا قانون جي هجڻ يا نه هجڻ سان خودڪشين وارو عمل رُڪجي سگھي ٿو يا نه.؟ جواب آهي….. ڪڏهن به نه….. نه اڳي ڪڏهن رُڪيو آهي ۽ نه ئي هاڻ وري رُڪندو، پر قانون جي هجڻ ۽ نه هجڻ کانسواءِ ٿورو گھڻو فرق تڏهن اچي سگھي، جڏهن اسان خودڪشيءَ کي ذهني بيماري بدران انصاف جي اک سان ڏسنداسين ۽ جڏهن هن سماج جا بنياد انساني برابريءَ تي ٻڌل هوندا، جڏهن چهرن بدران هي فرسوده نظام تبديل ٿيندو. جاگيرداري، وڏيرا شاهي ۽ آفيسر شاهي وارو سسٽم ختم ٿيندو. ٿاڻن، ڪورٽن ۽ آفيسن ۾ سالن ۽ صدين بدران پِڙ تي انصاف پلئه پوندو ۽ گڏوگڏ اسان پاڻ هڪٻئي جي حقن ۽ فرضن جو خيال ڪنداسين ۽ جوش بدران هوش کان ڪم وٺنداسين ۽ ٻي اهم ڳالهه ته علم ۽ تعليم کي عام ڪنداسين ته ضرور ڪجهه بهتري جي اميد پيدا ٿي سگھي ٿي.